هي ڪو والي وارث ھن يتيم ڌرتي سنڌ جو ....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    هي ڪو والي وارث ھن يتيم ڌرتي سنڌ جو پنجاب ڏيڊ ڪلو ميٽر سنڌ جي حدن اندر قبضو ڪندي ويلڪم پنجاب جو بورڊلڳائي ڇڏيو سنڌ ڌرتي کي هو ته پ پ پ ڦري لٽي چڏيو آ سنڌ جيون زمينون، ٻيٽ، جبل ،درياء سمنڊ کپائي پٽ ڪريڇڏيا اٿس پر خدارا سنڌ جي سرحدن کي وطن پرستو بچايومهر اتان جا حڪمران آھن پر شرم به ڪا شي ھوندي آ پنهنجي زمين جي ويسي ته سو سوا ماڻھو ماري سگهن ٿا ته سنڌ جي ڏيڊ ڪلو ميٽر ايراضي تي خاموش ڇو؟ڪاٿي آھن سردار مهر، جتوئي، ڀيا، لنڊ، جمالي، چانڊيا، سيد، ڏاهري، زرداري، جوڻيجا، ٽالپر، ڄاموٽَ، ڀٽا، خشڪ، شاهاڻي،پالاري، مخدوماٿو اٿو سنڌ بچايو سنڌ بچايو سنڌ بچايوباقي پ پ پ هڪ ڊاڪٽر عاصم جي رهائي لاء سڄي سنڌ کپائي ڏيڻ لاء تيار آ
     
  2. عزيز حيدري

    عزيز حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جنوري 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  3. عزيز حيدري

    عزيز حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جنوري 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الذوالفقارٖ ھائي جيڪنگ ۽ جلاوطني کان بچي وڃڻ وارو قصو - ذوالفقار قادري 1981ع وارو سال بہ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ وڏو هلچل وارو دور گذريو 1981ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي جنرل ضياء خلاف ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن اتحاد ڪري ايم آر ڊي جوڙي ٖ مون کان اڄ بہ اهو ڏينهن ناهي وسريو جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪراچي واري 70 ڪلفٽن واري بنگلي ۾ اهي تمام سياستدان جن ذوالفقار علي ڀٽي خلاف 1977ع ۾ نون ستارن وارو اتحاد جوڙي ڀٽو صاحب جي سرڪار خلاف تحريڪ هلائي جنرل ضياء جي اقتدار ۽ ڀٽي صاحب جي ڦاهي جو رستو هموار ڪيو بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير صاحبہ وٽ اچي جمع ٿيا هئا وقت جي ستم ظريفي چئجي جو جيڪي ذوالفقار علي ڀٽي جي خون جا پياسا هئا اهي جمهوريت خاطر ڀٽي جي گهر ويٺا هئا بيگم نصرت ڀٽو جڏھن اصغرخان ۽ ٻين کي پنهنجي گهر ۾ ڏٺو تہ اونڇگارون ڏئي رني هئي تہ بينظير صاحبہ کيس سنڀاليو هو بحرحال مان 5جنوري 1981ع تي ڀٽو صاحب جي سالگره ملهائڻ جي الزام هيٺ لاڙڪاڻي جيل ۾ باندي هئس ايم آر ڊي قيادت مارڄ ۾ جنرل ضياء خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري چڪي هئي ٖ تحريڪ جون تياريون مڪمل هيون تہ اوچتو 2 مارچ 1981ع تي هڪ واقعو پيش آيو ٖ ٿيو هيئن جو پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن پي آ۽ اي جو بوئنگ جهاز پي ڪي 326 ڪراچي کان پشاور 145 مسافر کڻي وڃي رهيو هو تہ جهاز اڃان ڊيره اسمائيل خان مٿان فضا ۾ هيو تہ هائي جيڪ ڪيو ويو ٖ هائي جيڪرن هٿيارن جي زور تي پائليٽ کي پشاور بجا۽ افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل طرف هلڻ جو حڪم ڏنو ٖ پائلٽ ھائي جيڪرن جي چوڻ تي جهاز کي ڪابل ايئر پورٽ تي وڃي لاٿو ٖ جهاز کي افغان سيڪيورٽي فورسز گهيري ۾ آڻي ڇڏيو افغان اٿارٽين ڪنٽرول ٽاور ذريعي هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو ٖ هائي جيڪرن جي اڳواڻ سلام الله ٽيپو ٻڌايو تہ سندن ٽوٽل تعداد ٽي آھي جنهن ۾ سندس ٻہ ٻيا ساٿي جمال ناصر ۽ ارشد علي شامل آھن سندن وٽ جديد هٿيار موجود آھن ڪنهن بہ قسم جي ڪاروائي جي نتيجي ۾ جهاز کي مسافرن سميت اڏائي ڇڏيندا ٖ سندن تعلق “ الذوالفقار “ نالي تنظيم سان آھي ٖ سندن اڳواڻ مير مرتضئ ڀٽو آھي ٖ هو ان کان سواڪنهن جو بہ حڪم نہ مڃيندا ٖ سندن مطالبو آھي تہ جنرل ضياء فوري طور اقتدار کان الڳ ٿي وڃي ٖ عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن افغان سرڪار کين ڳالهين جي آڇ ڪئي پر هائي جيڪرن مير مرتضئ ڀٽو کان سوا۽ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پاڪستان سرڪار سندن پيءٗ ماءٗ کي زور تي ڪراچي کان ڪابل روانو تہ هو وڃي کين سمجهائن پر ٽنهي هائي جيڪرن ڪابل ايئر تي موجود پنهنجي والدين سان اهو چئي ملڻ کان انڪار ڪيو تہ سندن پيءٗ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ماءٗ بيگم نصرت ڀٽو آھي انهن ڏينهن ۾ مير مرتضئ ڀٽو افغانستان ۾ ترسيل هو افغان سرڪار جي درخواست بعد مير مرتضئ ڀٽو هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو ۽ کين ڪنهن بہ تڪڙي قدم کان روڪيو ٖ انهن ڏينهن ۾ افغانستان اندر روس نواز سرڪار برسراقتدار هئي سو افغان سرڪار هائي جيڪرن جا اهڙا مطالبا پاڪستان سرڪار کي پهچايا ٖجنرل ضياء هنگامي طور فوجي ڪاؤنسل جو اجلاس طلب ڪيو اجلاس بعد پاڪستان سرڪار هائي جيڪرن جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اڳتي هلي هائي جيڪر ٻين مطالبن تان دستبردار ٿي صرف هڪ مطالبي تي اچي بيٺا تہ پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد 92 سياسي ڪارڪنن جن تي جنرل ضياء سرڪار طرفان سنگين الزام مڙھيل هئا اهي آزاد ڪري کين فورن ڪابل پهچايو وڃي هائي جيڪرن اهڙي قيدين جي فهرست افغان سرڪار معرفت پاڪستان سرڪار کي موڪلي مان انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جيل ۾ باندي هئس اسان لڪي ڇپي هڪ ننڍڙي ريڊيو تي بي بي سي معرفت ان هائي جيڪنگ ڊرامي جون خبرون پئي ٻڌيون هڪ رات اوچتو جيل جي کولي مان ڪڍي جيل سپرنڊنٽ جي آفيس آندو ويو ڪجهہ ٻڌائن بہ نہ پيا تہ ماجرا ڇا آھي بس مون کان ڪجهہ ساده لباس ۾ ماڻھن پڇيو مرتضئ ڀٽو سان تنهنجو ڪهڙو تعلق آھي مون کين صاف ٻڌايو تہ مون آخري دفعو 14 آگسٽ 1977ع تي المرتضئ هاؤس ۾ سپاف جي هڪ ميٽنگ ۾ مير مرتضئ ڀٽو کي ڏٺو هو ان کان پو۽ نہ مان کيس ڏٺو آھي نہ ئي ڪو رابطو آھي بحرحال جيل سپرنڊنٽ جي آفيس ۾ عادي ڏوهارين جيان ڳچي ۾ سليٽ وجهي ان تي نالو ولديت رهائش جو پتو لکي ڪجهہ فوٽو ڪڍي ٻيهر کوليء ۾ موڪيائون مون تہ دل ۾ ڪلمو بہ پڙھي ڇڏيو تہ اڄ صفا فل فرا۽ ٿيندس ٖ بحرحال ڪابل ايئر پورٽ تي جهاز اندر هائي جيڪرن کي خبر پئي تہ جنهن رات جنرل ضياء ڀٽو صاحب جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو ڀٽو صاحب جو ملٽري اي ڊي سي رهندڙ ڪيپٽن طارق رحيم جنرل ضياء جو مخبر بڻيل هو ٖ هائي جيڪرن ڪيپٽن طارق رحيم کي سيٽ تان اٿاري کيس گولي هڻي قتل ڪري سندس لاش جهاز مان رن وي تي ڦٽو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني تہ پاڪستاني جيلن ۾ قيد فهرست ۾ ڏنل قيدي آزاد نہ ڪيا ويا تہ وڌيڪ مسافرن کي قتل ڪيو ويندو ان سان گڏ هائي جيڪرن پهرين ڏنل 92 قيدين واري فهرست کي مختصر ڪري 54 قيدين جي لسٽ ڏنيٖ ڪيپٽن طارق رحيم جي قتل بعد افغان سرڪار تي عالمي دٻاء وڌي ويو ۽ افغان سرڪار هائي جيڪرن کي فوري ڪابل ايئر پورٽ ڇڏي وڃڻ جو چتاء ڏنو هائي جيڪرن ڪابل انتظاميہ کان جهاز ۾ تيل ڀرايو ۽ ليبيا جي گادي واري هنڌ ترپيولي روانا ٿي ويا پر ليبيا سرڪار جهاز کي تريپولي ايئرپورٽ تي لهڻ جي اجازت نہ ڏني جهاز جو تيل بہ ختم ٿيڻ تي هيو سو جهاز انساني جانين خاطر يونان جي گادي واري هنڌ اٿينس ايئر پورٽ لٿو تيل وٺڻ کان پو۽ جهاز شام جي گادي واري هنڌ دمشق وڃي لٿو دنيا جي هائي جيڪنگ واري تاريخ ۾ اها طويل ترين هائي جيڪنگ هئي جنهن کي ڏھن ڏينهن کان وڌيڪ ٿي چڪا هئا آخر پاڪستان سرڪار ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد 52 باندين کي آزاد ڪري دمشق پهچائڻ جو فيصلو ڪيو اهڙي طرح ملڪ جي مختلف جيلن مان جيڪي قيدي آزاد ڪري دمشق پهچايا ويا انهن ۾ شيرين سومرو ڪيس جا باندي قومپرست اڳواڻ علي حيدر شاه ٖ قادر بخش جتوئي ٖ شاه محمد شاه ٖ ڊاڪٽر غلام حسين ٖ جاويد حڪيم قريشي ٖ جاويد حسن شاه ٖ ڪرنل حبيب الله ٖ علي بابا ٖ سلطان علي فضل ٖ محمد افضل ٖ محمد حسين ٖ رشيد الربٖ طارق چيمہ ٖ اڪرم قائمخاني ٖ محمد رياض ٖ حنيف ميمڻ ٖ محمد اشرف ٖ سيف الله ٖ پرويز شنواري ٖ فريد انصاري ٖ نظر حسين ٖ محمد خالد شاد ٖ ارشد اعواڻ ٖ اعظم بٽ ٖ فيض بروهي ٖ سليم ميمڻ ٖ اشفاق بلوچ ٖ منظر عالم ٖ ڪامريڊ نيئر ٖ فضل رحيم راجہ ٖ مصباح الدين ٖ معين الله ٖ ڪامران حيدر ٖ ارشد بٽ ٖ خاقان مرزا ٖ جاويد اختر ٖ احسان الحق ٖ محسن ٖ بشير احمد ٖ منصوراحسان ٖ سميع منير ٖ ايس ايڇ احسن ٖ رحمت الله انجمٖ خليل قريشي ٖ جان عالم ٖ الياس صديقي ٖ مسرور احسن ٖ اي آر ناصر ٖ محمد الياس سربلند خان ٖ آصف بٽ ٖ الطاف عباسي ٖ مظھر علي ٖ مسز فرخنده بخاري ۽ منير وڙائچ شامل هئا ٖ شامي سرڪار جي ٽياڪڙي هيٺ آخر ڳالهيون ڪامياب ٿيون قيدين جي دمشق پهچڻ بعد هائي جيڪرن جهاز ۽ مسافر شامي انتظاميہ جي حوالي ڪيا ٖ مون کي ڪجهہ ڏينهن بعد جيل جي هڪ عملدار رازداري واري انداز ۾ ٻڌايو ڀاڳ ڀلا هيئي جو بچي وئين باقي ڳوٺ ڇڏائڻ جو پڪو پروگرام ٺھيل هيو اسان وارو ڀاڳ بہ سدائين ذري گهٽ گسيو آ انهن جلاوطن ٿيل سياسي ڪارڪنن مان ڪجهہ تہ واپس وطن موٽي آيا ڪافي اڄ بہ لنڊن ۽ يورپ ۾ پيا رهن ۽ اتي ئي سيٽ ٿي ويا آھن -
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو