ننڍن صوبن جا خدشا نظرانداز ڇو؟ شفيق شاڪر بدقسمتي سان پاڪستان جي قومي المين مان هڪ الميو اهو به رهيو آهي جو وفاق ۾هڪڙي صوبي جي عددي اڪثريت ۽ اختيارن جي ارتڪاز هئڻ سبب ان صوبي کي ئي پورو پاڪستان سمجھيو وڃي ٿو۽ جنهن کي اڄ تائين حب الوطنيء جا سدابهار سرٽيفڪيٽ عطا ٿيل آهن.ننڍا صوبا اڃا تائين پاڪستان سان پنهنجي وفاداري جو وشواس ڏيارڻ ۾ ئي پورا آهن.دنيا بدلجي ويئي پر اسان جي ان خاص طبقي جي سوچ بدلجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.اهي ننڍن صوبن کي لتاڙڻ جي پنهنجي هميشه جي روش تي پڇتائڻ بدران “ ساڳيو ڳن ۽ ساڳي وڍڻ جي وار” واري هلت کي سڌارڻ جي لاء هرگز تيار نظر نٿا اچن. جڏهن انهن جي ڪنهن غيرمنصفاڻي ورهاست يا قدم تي ننڍن صوبن طرفان ڪو آئيني آواز بلند ڪيو وڃي ٿو ته هنن وٽ رکيل پراڻا ٺپا ۽ ليبل ترت انهن جي ڳچيء ۾ لٽڪايا وڃن ٿا ته “ ڏٺو! اهي ملڪ دشمن آهن،غيرملڪي ايجنٽ آهن. رياست جا دشمن آهن ” وغيره وغيره منهنجي خيال۾ هاڻي اهو ناٽڪ گھڻو وقت هلي نه سگھندو.انهيء ڪري ننڍن صوبن جي شڪايتن،ڳڻتين ۽ شڪن شبهن کي دور ڪرڻو پوندو نه ته فيڊريشن مظبوط ٿيڻ بدران وڌيڪ ڪمزور ٿيندي.هن وقت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي حوالي سان ننڍن صوبن طرفان جن خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي انهن تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ انهن جو تدارڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.چين طرفان به معاملي جي نزاڪت کي سمجھندي پاڪستاني سياستدانن تي اهو زور ڏنو ويو آهي ته اهي ان اهم معاملي تي پاڻ ۾ اتفاق راء پيدا ڪن.هئڻ ته ايئن گھربو هو ته وفاقي حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪري سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ها پر خبر ناهي ڇو حڪومت ان معاملي ۾ اجائي ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي. بلوچستان نيشنل پارٽي ( مينگل) جي سڏ تي آچر ڏينهن آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.بي اين پي جي اختر مينگل کان سواء ان ۾ خيبر پختون خواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ،جي يو پي جي مولانا فضل الرحمان،عبدالغفور حيدري ۽ حافظ حسين احمد، پيپلز پارٽيء جي فرحت اﷲ بابر، مسلم ليگ (نواز) جي احسن اقبال ۽ راجا ظفرالحق،مسلم ليگ (ق) جي مشاهد حسين،قومي وطن پارٽيء جي آفتاب خان شيرپائو، پختون خواه ملي عوامي پارٽيء جي محمود خان اچڪزئي ،جماعت اسلاميء جي لياقت بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. حڪمران جماعت کي ڇڏي باقي ٻين سڀني مقررن جو اهو متفقه موقف هو ته سي پي اي سي جي پهرئين طيء ٿيل منصوبي ۾ تبديليون ڪيون وييون آهن جيڪي پنجاب سواء ٻين صوبن لاء قابل قبول نه آهن.انهيء ڪانفرنس ۾ متفقه طور تي اهو ٺهراء به منظور ڪيو ويو جنهن ۾ وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ويو ته اها گوادر پورٽ جو سمورو انتظام بلوچستان حڪومت جي حوالي ڪري.جيتوڻيڪ وفاقي وزير احسن اقبال گڏجاڻيء ۾ اها خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت هن منصوبي ۾ سڀني صوبن کي برابريء وارو حصو ڏيندي تنهن هوندي به مقررن پنهنجن تقريرن ۾ حڪومت تي شڪن شبهن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وفاقي حڪومت اڳ ۾ ڪرايل سمورين خاطرين باوجود منصوبي ۾ غير منصفياڻيون تبديليون آنديون آهن.ڪانفرنس ۾ شريڪ قومپرست اڳواڻن حڪومت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن الهندي وارو روٽ ان ۾شامل اسڪيمن جهڙوڪ صنعتي زون،ريلوي لائينز، پاور پلانٽس ۽ فائيبر آپٽڪس وغيره کان سواء جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اهو ننڍن صوبن لا هرگز قابل قبول نه هوندو.محمود خان اچڪزئيء جو چوڻ هو ته “ انصاف جون گھرجون پوريون ڪرڻ سواء سي پي اي سي منصوبي کي مڪمل ڪري نٿو سگھجي جيڪڏهن ننڍن صوبن جي آواز تي ڌيان نه ڏنو ويو ته پوء بندوق ڪلچر پروان چڙهندو جنهنجي نتيجي ۾ امن امان جا مسئلا پيدا ٿيندا ۽ ڪي به ترقياتي منصوبا جاري رهي نه سگھندا. ناانصافي هميشه نفرت کي جنم ڏئي ٿي ۽ جيڪا اڳتي هلي جنگين جي صورت اختيار ڪري ٿي.” آچر تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ بيان ڪيل ڳالهيون ان نڪتي طرف اشارو ڪن ٿيون ته ننڍن صوبن جي عوام کي پنجاب سان ماضي ۾ جيڪي شڪايتون رهيون آهن انهن جو عڪس هن منصوبي جي حوالي سان به واضح نظر اچي ٿو ۽ ڪانفرنس ۾ ٿيل تقريرن مان اهو ئي مجموعي تاثر اڀري سامهون آيو ته ننڍا صوبا سمجھن ٿا ته پنجاب هينئر به ان منصوبي مان غير منصفاڻو حصو حاصل ڪرڻ چاهي ٿوتوڙي جو وفاقي وزير احسن اقبال بار بار ان تاثر کي رد ڪندي اهو چوندو رهيو ته هي منصوبو پوري پاڪستان جي ڀلائيء جو منصوبو آهي.احسن اقبال جي چوڻ مطابق منصوبي جي ڪل رقم 46 بلين ڊالرز مان 35 بلين ڊالرز صرف بجليء جي توانائيء جي منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا جنهن ذريعي 17000 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪئي ويندي جيڪا بجلي صرف پنجاب نه پر پورو پاڪستان استعمال ڪندو.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين صوبن کي برابريء وارا حق ڏئي ٿو پر مرڪزي حڪومت سدائين صوبن کي سندن آئيني حق ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪن ٽار ڪندي رهي آهي.بهرحال وفاقي حڪومت کي گھرجي ته اها ان منصوبي جي حوالي سان ننڍن صوبن جي ڳڻتين ۽ تحفظات کي سامهون رکندي انهيء منصوبي کي اتفاق راء سان اڳتي وڌائي۽ اسيمليء ۾ پنهنجي اڪثريت جي زور تي فيصلا مڃائڻ جي بدران افهام تفهيم وارو رستو اختيار ڪري. روزاني سنڌ،مهراڻ.جيجل.سنڌ ايڪسپريس 14 جنوري 2016ع