• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيفي خانا بدوش ۾ چوٽ چڙهيل اگھه ۽ گراهڪن سان بدتميزي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سوشل ميڊيا تي ڪيترن دوستن شڪايت ڪئي آهي ته ڪيفي خانا بدوش جيڪا ليکڪن، اديبن، صحافين وغيره لاءِ بحث مباحثي واسطي، حيدرآباد ۾ کولي وئي آهي تنهن جا ڳاٽي ٽوڙ اگھه رکيا ويا آهن ۽ گراهڪن سان به ڪيفي جو اسٽاف سخت بدتميزي ڪري ٿو ـ
جيڪڏهن ائين آهي ته منهنجي خيال ۾ ڪيفي خانا بدوش جا وڌيڪ اگھه رکڻ وڏي زيادتي آهي. اسان جا اڪثر ليکڪ، اديب وغيره وچئين يا هيٺئين طبقي سان واسطو رکن ٿا ـ ڪيفي جا اگھه به مناسب هئڻ گھرجن، اهي جڏهن ڪيفي ۾ اچن ته ان جو خرچ به سولائيءَ سان برداشت ڪري سگھن ۽ نه ئي اهڙا ڳاٽي ٽوڙ ريٽ رکجن جو حق حلال جي ڪمائي ڪندڙ ڪو اديب يا ليکڪ اهي ڀري نه سگھي ـ
مون کي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته جڏهن ڳاٽي ٽوڙ ريٽ مقررڪيا ويا هئا ته اها سادي سودي ڳالهه ريٽ مقرر ڪندڙن يا ڪيفي جي ٺيڪيدارن کي سمجهه ۾ ڇو ڪونه آئي؟ جيڪڏهن اها خانا بدوش ڪيفي رڳو شاهوڪار اديبن ۽ ليکڪن لاءِ ٺاهي وئي آهي ته پوءِ انهيءَ کان بس ڀلي ـ
اهڙي ريت چاءِ پيئندڙ ڪنهن شخص هڪ هزار روپين جو نوٽ ڏنو ته انهيءَ سان به ڪيفي جي اسٽاف سخت بدتميزي ڪئي ـ منهنجي خيال ۾ اهڙيون حرڪتون برداشت نه ڪرڻ جوڳيون آهن ڇاڪاڻ ته عزت هرڪنهن انسان جي هوندي آهي ـ
 
Back
Top