مون وٽ 4،5 ميموري ڪارڊ آھن جيڪي فارميٽ نٿا ٿين لکيل اچي ٿو ته ھي رائيٽ پروٽيڪٽ آھي، آخر رائيٽ پروٽيڪٽ آھي ڪھڙي بلا ان ميموري ڪارڊ کي فارميٽ ڪيئن ڪجي فاروق سومرو عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ذيشان رشيد
ادا...! رائيٽ پروٽيڪٽ جي معني آهي ته اوهان جو ڪارڊ لاڪ ٿيل آهي.... گهڻي ڀاڱي اهو مسئلو ته ايس ڊي ڪارڊن ۾ ٿيندو آهي. ان ڪارڊ جي کاٻي طرفان کان هڪڙو لاڪ لڳل هوندو آهي، جنهن ذريعي اهو ”لاڪ“ ۽ ”اَن لاڪ” ٿيندو آهي.
پر جيڪڏهن توهان وٽ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ آهي... ۽ اهو کُلي به رهيو آهي پر فارميٽ نه پيو ٿئي ته ان لاءِ هڪ مفت جو سافٽويئرSD Formatter موجود آهي... توهان هيٺين لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري آزمائي ڏسو... https://www.sdcard.org/downloads/formatter_4/index.html