محترم قادر مگسي جو بيان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌ کي عالمي يتيم خانو ٺاهي ڌارين کي ڪراچي ۾ آباد ۽ ڌرتي ڌڻين کي گوليون هنيون پيون وڃن:قادر مگسي
    حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قومپرست اڳواڻن چيو آهي ته زنده قومون پنهنجن شهيدن کي وسارينديون ناهن، قوم جو رت چوسيندڙ 5 لک آهن پر 5 ڪروڙ سنڌي عوام قومپرستن جي اتحاد ذريعي نئين صف بندي ڪري رهيو آهي، ڪالهه حيدرآباد جي علائقي ڪلهوڙا ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جي شهيد ڪارڪنن حسن مگسي ۽ براد ڪلمتي جي پهرين ورسي ملهائي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هي حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي قربانين جي عيوض ملي آهي پر حڪمران اقتدار جي نشي ۾ شهيد بينظير کي به وساري ويٺا آهن، اسان پنهنجن شهيدن کي ناهي وساريو، هن چيو ته براد ۽ حسن جو قتل ڪيس گهرو وزير ۽ پوليس عملدارن مٿان داخل آهي، اقتدار وڃڻ کانپوءِ ذوالفقار مرزا کي هٿڪڙيون لڳل هونديون، ٽنڊي بهاول جي شهيدن جيان ايس ٽي پي جي شهيدن جي رت سان به انصاف ضرور ٿيندو، سنڌ کي عالمي يتيم خانو ٺاهي سڄي دنيا مان ڌارين کي ڪراچي ۾ آباد ۽ ڌرتي ڌڻين کي گوليون هنيون پيون وڃن، اسين سنڌ کي خودمختيار وطن ڏسڻ چاهيون ٿا، سنڌ جي قومي حقن کي بازار جو سودو سمجهندڙ قوتون ٻڌي ڇڏين ته هر سنڌي جو قومي روح زخمي ٿيل آهي، انهن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ بند ڪريو، ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو کين گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا، هن چيو ته دهشتگرد-وڏيرا ۽ عوام جو رت چوسيندڙ 5 لک آهن پر سنڌي عوام 5 ڪروڙ آهي، جنهن کي سنڌي قومپرستن جو هي اتحاد نئين صف بندي ذريعي منظم ڪري رهيو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ وڏيرن، جاگيردارن ۽ دهشتگردن جون ضمانتون رد ٿي وينديون، ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ دشمن قوتون ڪالاباغ ڊيم سميت ڪڌن ڪمن جا گناهه هن حڪومت کان ڪرائي رهيون آهن، جيڪڏهن حڪمرانن سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ بند نه ڪيو ته هي سندن آخري اقتدار هوندو، هن چيو ته سنڌ جا سمورا قومپرست سنڌ جي قومي مفادن واري جنگ ۾ هڪ آواز آهن، سنڌ جو عوام سنڌ دوست ڌرين سان گڏ آهي، شهادتن ۽ جيلن جي اذيت کان ڊڄڻ وارا ناهيون، سيو سنڌ موومينٽ جي سربراهه شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌ جا حڪمران سنڌ جي حقن جو سودو ڪري چڪا آهن، ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ گريٽر ٿل ڪئنال آهي، جنهن لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هنن چيو ته هي اتحاد قومن جي خودمختياري جي ضمانت ڏي ٿو، هن چيو ته ڪرسي خاطر قوم جو وڪرو ڪيو پيو وڃي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سيد عالم شاهه چيو ته سنڌ جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، آخري ڦڙي تائين جدوجهد جاري رهندي، تقريب کي ايس ٽي پي اڳواڻ علي حسن چانڊيو، نند لال مالهي، مظفر ڪلهوڙو، حيدر شاهاڻي، رمضان ڪلمتي، حاڪمزادي ٿيٻو، نصرت چنا ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪراچي ۾ 10 جون 2009ع تي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج دوران پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل ايس ٽي پي جي ٻن ڪارڪنن براد ڪلمتي ۽ حسن مگسي جي پهرين ورسي گهگهر ۾ ملهائي وئي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهيد براد ڪلمتي جي قبر تي گلن جون چادرون چاڙهيون، جنهن کانپوءِ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ علي حسن چانڊيو ۽ اعجاز سامٽيو جي اڳواڻي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهگهر ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٽنڊي محمد خان ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، مٺي ۾ گهنشام مالهي جي اڳواڻي ۾ آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، عمر ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر سومار مڱريو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، شڪارپور ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ قرآن خواني ڪرائي دعا گهري وئي، ميڙاڪي کي خير محمد مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جيڪب آباد ۾ به پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، جنهن کي علي محمد لاشاري، جسقم آريسر جي غازي خان جکراڻي، جماعت اسلامي جي ديدار لاشاري، (ش ڀ) جي نديم قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ميرپور ماٿيلو ۾ مهراڻ ڪلب ۾ ورسي تقريب ٿي، جتي قرآن خواني به ڪئي وئي، بعد ۾ زاهد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ تائين ريلي به ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾ قادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ جناح باغ چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، سکر ۾ نذير سومرو، وحيد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ هڪ دعائيه تقريب به ٿي، جنهن ۾ شهيدن جي ثواب لاءِ خيرات به ڪئي وئي، قمبر ۾ حيات تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مورو ۾ عزيز ڪورائي ۽ ٻين ڪارڪنن قرآن خواني ڪري دعا گهري، ان موقعي تي ٻنهي ڪارڪنن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو