ننڍي هوندي کان ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ هوندي ڳوٺ کان ڪُجهه فاصلي تي مير لامبٽ جي بنگلي جو ذڪر ٻُڌبو هو. اُن بابت ڪيئي متضاد ڳالهيون به پئي ٻُڌيوسين. هڪ دفعي يونس ملڪاڻي جي سنگت ۾ وڃي ڏسي به آياسين. ان بابت ڊان جي اردو بلاگ تي ابوبڪر شيخ اردو ۾ لکيو جيڪو ڏنل لنڪ تي پڙهي سگهجي ٿو. تصويرون هتي پيش ڪجن ٿيون. ابوبڪر شيخ جو ڪالم صاحب محل: ایک دیوانگی کا مظہر پڙهو. تصويرون ڏسڻ کان اڳ حفيظ ڪنڀر پاران لکيل ان جي ٺاهيندڙ بابت هڪ مُختصر نوٽ پڻ پڙهڻ وٽان آهي. پنهنجي علائقي جو هڪ انتهائي متضاد وڏيرو جنهن جي شخصيت بابت ڪيئي من گهڙت ڪهاڻيون گهڙيون ۽ مٿس مڙهيو ويون آهن. ڪُجهه ماڻهو کيس هڪ ظالم شخص ڪري پيش ڪن ٿا ته ڪُجهه وري کيس گندي ذهن جو مالڪ ٿا چون ۽ ڪي وري کيس تحفظ ڏيندڙ، ڏوهن کان پري، بي لوث ۽ هڪ رحمدل وڏيرو ڪوٺين ٿا. هن تعليم، صحت يا ٻين شُعبن ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ورهاڱو ٿيو ته هن علاقي جي هندوئن کي تحفظ ڏنو ۽ اها حقيقيت اڄ به لوهاڻا مڃن ٿا کيس هڪ مان وارو وڏيرو ڪوٺين ٿا. هن پنهنجي زندگي جو طريقيڪار شاهانه ۽ عياشي وارو رکيو جيئن اڪثر سنڌي وڏيرن اڄ تائين ڪيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هن بابت ڪيتريون ئي بي بنياد ڳالهيون جوڙيون ويون آهن. هن هڪ غريب مائي صابو سان شادي ڪئي ۽ ساڻس انتها جو پيار ڪيو. چون ٿا ته هن جڏهن صابو سان گڏجي تاج محل جو سير ڪيو ته صابو کيس فرمائش ڪئي ته پنهنجي ڳوٺ ۾ به اهڙو تاج محل هُجي. هي نفيس ماڻهو شاهجهان بادشاهه ته نه هو پر پوءِ به هن صابو (پنهنجي زال) سان واعدو ڪيو ته هو اهڙو محل ٺهرائيندو. ڪُجهه ئي سالن ۾ هن سنڌ جي هڪ ڏورانهين علائقي ۾ شاهي محل جوڙائي ڏيکاريو ۽ پنهنجي زال جي نالي تي انهيءَ محل جو نالو صاحب محل رکيو. هن جي شاهي زندگي گورن کي به موهي وڌو ۽ کيس Lawn-Bird جو لقب ڏيئي ويٺا. پر وقت سان اهو لقب به مغالطي جي ور چڙهي ويو ۽ اهو ٻي معنىٰ ۾ پُڪارجڻ لڳو. هن جو لقب Lawn-Bird مان لامبٽ ٿي ويو ۽ هي مير لامبٽ طور مشهور ٿي ويو. هن جي شخصيت کڻي ڪيئن به هُئي پر حقيقت اها آهي ته هن جي زندگي ۾ هڪ پيار ڪهاڻي هُئي ۽ هن جي جوڙايل محل ضلعي بدين کي هڪ سُڃاڻپ ڏني. اڄ به هن جي ڳوٺ کڏھرو جا واسي انھن من گھڙت ۽ ڪوڙين ڪھاڻين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ـ جيڪي سندن " مير صاحب " يعني مير حاجي خدا بخش خان عرف مير لامبٽ جي گرد گھمن ٿيون ـ ھي ماڻھو پنھنجي ممڪنہ جاگيردارنہ اوڻاين سميت وقت جو ڄام تماچي بہ ھو تہ ھڪ ننڍڙو ـ گمنام ـشاھجھان بادشاہ بہ ھو ـ مجنون بہ ھو ـ مون جڏھن ھن" ڀوتار" جي ذات متعلق سوچيو تہ ڪجھ سوال منھنجي اڳيان آيا ـ جن تي ڪنھن وقت ۾ لکبو ـ پر ھن جاگيردار کي زندگي ۾ يا موت کان پوءِ اھا بدنامي نصيب ٿي جنھن جي صفائي لاء بہ کيس ڪو وڪيل نہ مليو ـ مونکي ھن جي ان "بدنامي" جو ھڪ ڪارڻ سندس انڊين نيشنل ڪانگريس جو سپورٽر ھجڻ بہ لڳي ٿو ـ ھجي ڪو مُحقق تہ ھن ھمراہ جي ان سياسي لاڙي طرف تحقيق ڪري حقيقتون گڏ ڪري ـ ھن کي رھزن ـ ظالم ـ ثابت ڪرڻ لاء ھڪ اسٽوري اھا بہ گھڙي وئي تہ مولوي احمد ملاح ۽ ٻين مولوين جي ھن مير صاحب طرفان دعوت ڪئي وئي ـ مرضي جي فتويٰ نہ ڏيڻ ڪري کين بي عزت ڪيو ويو ـوغيرہ وغيرہ ۽ پوء احمد ملاح سان جوابي شعر منسوب ڪيو ٿو وڃي تہ جنھن ۾ ھن ڪجھ ھن طرح چيو " اڌ مڻي سان آن ٿيو ـ احمد ملاح جو مان ٿيو ء ذلف نہ ھڪ زيان ٿيو پر واھ ماني مير جي " مونکي اھو شعر مولوي جي شاعري ۾ نہ مليو ـ چون ٿا تہ اھو شعر ٻي ڪنھن شاعر جو آھي .... بھرالحال ھي مير پنھنجي وقت جو افسانوي ڪردار ضرور آھي صاحب محل جوڙائيندڙ مير لامبٽ (لان برڊ) صاحب محل جو موجوده ڏيک صاحب محل ڪُجهه وقت اڳ رنگ روغن کان پوءِ