• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

bluestack کي وساري ڇڏيو،Remix os انسٽال ڪريو ۽ مڪمل ائنڊروئيد جو مزو پنهنجي پي سي تي وٺو

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
اسان مان گهڻا ئي دوست پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ائنڊروئيد استعمال ڪرڻ لاءِ بليو اسٽيڪ يا ٻيا سافٽوير انسٽال ڪندا آهن پر انهن سافٽويرن ڻ ڪيترا ئي مسئلا درپيش هوندا آهن.پر توهان لاءِ هڪ بهترين سافٽوير شيئر ڪندس جنهن کي توهان پنهنجي ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر تي انسٽال ڪندي ائنڊروئيد جو مڪمل مزو وٺي سگهو ٿا،ائين سمجهو ڄڻ توهان موبائيل پيا هلايو.

d0OcmHo.jpg

گوگل جي پراڻي ملازم jide جي ٽيم سان گڏ Remix os کي تيار ڪيو آهي،هي سافٽوير ائنڊروئيد لولي پاپ جي تحت ٺهيل آهي.Remix os ۾ هي فيچرز شامل آهن.

3Cyhb3P.jpg

ريمس سسٽم کي هلائڻ لاءِ هي گهرجون هجڻ ضروري آهن
8 جي بي يو ايس بي 3.0
ونڊوز پي سي سان گڏ يو ايس بي ليگيسي موڊ،جيڪو بايوز ۾ آپشن هوندو آهي.اتان ان کي ائبل ڪري سگهجي ٿو.
ريمس سسٽم 700 ايم بي سائيز جو آهي.ان سان گڏ توهان کي ريمس يو ايس بي انسٽالر ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو،ڇو جو ان سان يو ايس بي بوٽ ائبل ڪندي ائنڊروئيد سسٽم انسٽال ٿيندو

Remix OS کي ڊائونلوڊ ڪري ان کي ڊيڪسٽاپ تي ايڪسٽريٽ ڪريو ۽ پوءِ يو ايس بي انسٽالر کي انسٽال ڪري اوپن ڪريو پوءِ ڊائونلوڊ ڪيل Remix OS فائيل کي سليڪٽ ڪريو.

24409100955_190d97ebf3_o.jpg

هاڻي يو ايس بي کي ڪمپيوٽر سان اٽيچ ڪريو پوءِ اوڪي تي ڪلڪ ڪريو،ڪجه منٽ انتظار ڪريو جيستائين يو ايس بي بوٽ ٿي وٺي.
يو ايس بي فليش ٿيڻ کانپوءِ پي سي کي بايوز موڊ ۾ آڻيو ۽ اتان يو ايس بي کي سليڪٽ ڪري ريميس سسٽم کي انسٽال ڪريو.
انسٽال ڪرڻ دوران ٻه آپشن ايندا

  • Guest Mode:هن جو مطلب آهي ته هن کي انسٽال ڪرڻ سان ريميس سسٽم مڪمل انسٽال ٿي ويندو ۽ ٻي ڪا ونڊوز سيون يا ايڪس پي نيڪال ٿي ويندي
  • Resident:هن آپشن کي سليڪٽ ڪرڻ سان ريميس سسٽم ۽ ونڊوز ٻئي گڏ استعمال ڪري سگهو ٿا.
هنن ٻنهي آپشن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪريو پوءِ 20،15 منٽ انتظار ڪريو جنهن کان پوءِ توهان جو پي سي تي ائنڊروئيد انسٽال ٿي ويندو

جيڪڏهن انسٽال ڪرڻ دوران ڪو مسئلو درپيش اچي ته هتي اهو مسئلو پيش ڪريو.

 
Back
Top