حيدرآباد ڪراٽي گراونڊ تي به قبضو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪراٽي گرائونڊ تي قابض، عام ماڻهن جي داخلا بند
    حيدرآباد: ڪنٽونمينٽ بورڊ اختيارين ڪچي قلعي، ممتاز ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسين جي ڪم ايندڙ ڪراٽي گرائونڊ کي ديوار ڏئي بند ڪري ڇڏيو آهي، رهواسين موجب ڪراٽي گرائونڊ ڪنهن وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي قبضي ۾ هو، يونيورسٽي حيدرآباد ۾ هجڻ وقت شاگرد هتي اچي راند کيڏندا هئا ۽ ڪراٽي سکندا هئا پر پوءِ جڏهن يونيورسٽي ڄامشورو منتقل ٿي ته انهي گرائونڊ ۾ وري ڪچين آبادين جا ٻار راند کيڏندا هئا، غريب ماڻهو پنهنجي ٻارڙن جي شادين جون تقريبون پڻ ان گرائونڊ ۾ ڪندا هئا پر 15 ڏينهن اڳ ڪنٽونمينٽ بورڊ اختيارين هن گرائونڊ جي بائونڊري مان ڇڏيل رستي کي ديوار ڏئي عام ماڻهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري غريب ماڻهن جا ٻار نه رڳو راند جي ميدان کان محروم ٿي ويا آهن پر شادي هالن جي مسواڙ ادا نه ڪري سگهندڙ مسڪين ماڻهو هاڻي يا ته گهٽين ۾ تقريبون ڪن ٿا يا وري خواهشن کي ماري ڇڏين ٿا.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو