shafique shakir
سينيئر رڪن
اچو ته انهن سان همدردي رکون!
شفيق شاڪر
“ نشو هڪ وڏي سماجي لعنت آهي،نشي جي ڪري ڪيترائي گھريلو لاڳاپا تلخ ٿي وڃن ٿا،نشو انساني صحت کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿو،نشو ڪندڙ ماڻهو سماج لاء ناسور بڻجي وڃن ٿا، وغيره وغيره ” اهڙي قسم جا جملا عام طور تي لکيا ۽ ڳالهايا وڃن ٿا پر ڇا انهن اصولي جملن جي ورجاء سان نشي جي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهو نشي جي عادت کان توبه تائب به ٿي وڃن ٿا؟ظاهر آهي ته ان جو جواب نه ۾ آهي.انهيء ڪري جو اهو معاملو ايترو سادو ۽ سولو نه آهي جيڪو صرف تقريرن،تحريرن ۽ نصيحتن سان حل ٿي وڃي. جڏهن ڪنهن معاشري ۾ ڪنهن سماجي برائيء ۾ ڦاٿل ڪنهن طبقي جي سڌاري جي سچي سوچ واقعي سمايل هوندي آهي ته پوء اهڙين برائين جي خاتمي متعلق ڪوبه سطحي انداز فڪر اختيار ڪرڻ بدران هڪ وسيع ۽ گھڻ رخي منصوبا بنديء جي ضرورت هوندي آهي.جنهن ۾ حڪومت۽ سماج جا ساڃاه وند طبقا گڏجي پنهنجن ذميدارين جوتعين ڪندا آهن.هڪ جامع ۽ حقيقت پسندِيء واري تجزيي جي گھرج پوي ٿي ۽ مجموعي طور تي پوري سماج کي پنهنجن روين ۽ رجحانن تي ايمانداري سان نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.ڪنهن به مرض جي ڦهلجڻ ۾ آسپاس جو ماحول ڪيترا سبب مهيا ڪري ٿو انهيء نڪتي کان لاتعلق بڻجي نه ته مرض جو علاج ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن مرض کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي سگھجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب تحت هن مرض ۾ ڦاسي بلڪل مفلوج ۽ مجبور بڻجي چڪا هجن انهن کي صرف جٺ ڦٺ ۽ نادر نصيحتن ذريعي سندن رواجي زندگيء طرف موٽائي نٿو سگھجي.ڏسڻو پوندو ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي انهن ماڻهن ۾ حقيقي زندگيء جي سچائين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ بدران کين وقتي طور تي معمول جي زندگيء کان فرار اختيار ڪرائي کين نشي جي چادر ۾ پناه ڳولهڻ تي مجبور ڪن ٿا!اسان جي تعليمي ۽ تربيتي نظام جي ساک جو سوال به هڪ اهم سوال بڻجي ٿو وڃي ته معاشري جي مختلف سماجي ادارن ۾ ڪهڙي اها خامي رهندي پيئي اچي ۽ معاشرو مجموعي طور تي اهڙن ماڻهن لاء ڪهڙيون اڻ وڻندڙ حالتون ٿو پيدا ڪري جيڪي انهن ماڻهن جي ان مرض طرف وڌڻ جو سبب ٿيون بڻجن.اهو سوال به اهم آهي ته ان مرض ۾ ڦاٿل ماڻهن جي باري ۾ اسان جا سماجي رويا ڪهڙا آهن ۽ انهن جي باري ۾ اسان جي ذهنن ۾ ايڏي حقارت ڀري سوچ ڇو ڀريل آهي؟بدقسمتيء سان اسان اڃا تائين اهو اصول تسليم ئي ناهي ڪيو ته نشي ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪنهن به طرح ڪي ڪريل ۽ قابل نفرت افراد ناهن بلڪه ٻين جسماني مريضن وانگر اسان جي توجه ۽ همدرديء جي لائق مريض آهن.جيڪڏهن اسان اهو اصول تسليم ڪيو هجي ها ته پوء اسان جو رويو انهن ڏانهن حقارت،نفرت،جٺ ڦٺ ۽ تماشو اڏائڻ وارو هئڻ بدران عزت،محبت،نرمي ۽ همدرديء وارو هجي ها.ڪنهن کي ڪنهن کڏ ۾ ڌڪو ڏيڻ تمام آسان ڪم آهي پر ڪنهن ڪريل کي ان کڏ مان ٻاهر ڪڍڻ ،انهيء کي حوصلو ۽ اميد ڏيارڻ ۽ انهيء کي وري پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ سهارو مهيا ڪرڻ سچ پچ ايترو آسان ڪم نه آهي.حڪومتون ته ٻين سماجي شعبن وانگر هن معاملي ۾به مجرماڻي غفلت ۽ لاپرواهي جو شڪار رهنديون پييون اچن. نشي جا اڏا کلئي عام حڪومتي ڪارندن جي سرپرستيء ۾هلندا رهندا آهن ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڪيترن ئي ٿاڻن جو خرچ انهن نشو وڪڻندڙن وٽان حاصل ڪيل منٿلين جي رقم مان هلي ٿو.اهو ته هڪ سڌو سبب آهي پر جيڪي اڻ سڌا سب ان لعنت جي وڌڻ جو سبب بڻجن ٿا انهن ۾ معاشي ناانصافي،وسيع بي روزگاري ۽ نوجوان نسل جي لاء مفيد سماجي ۽ صحت افزا تفريحي سرگرمين جو نه هئڻ به آهي.سڌريل دنيا ۾ اهڙي مرض ۾ ڦاٿل مريضن جي لاء بهترين بحالي مرڪز قائم ٿيل هوندا آهن پر هتي اهڙا مرڪز ڪجھ خيراتي ادارن جي سرپرستيء ۾ ته اڃا به ڪم ڪندي نظر ايندا باقي حڪومت کي ان باري ۾ ڪو خاص الڪو نظر نٿو اچي.حڪومتن ۽ سماج جي اها گڏيل ذميداري ٿئي ٿي ته اهي هن مرض ۾ ورتل مريضن کي هن ڄار مان ڪڍڻ لاء حڪمت ۽ دانائي سان گڏجي ڪوششون وٺن ۽ انهن سببن ۽ حالتن تي ڪنٽرول ڪن جيڪي سبب ۽ حالتون ماڻهن کي ان ڄار طرف ڌڪين ٿيون.ان مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي واپس سندن رواجي زندگيء طرف موٽائڻ واقعي تمام ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. اقوام متحده جي نشي بابت تنظيم 2013ع ۾ پاڪستان بابت جيڪا سروي رپورٽ شايع ڪئي آهي سا ڏاڍي ڇرڪائيندڙ آهي.ان رپورٽ تي ڊگھي بحث ۾ ڦاسڻ بدران اهم سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان رپورٽ کي ٻه سال گذري وڃڻ باوجود حڪومت هيستائين ان ڏس ۾ ڪهڙا بنيادي ۽ موثر قدم کنيا آهن؟ وفاق ۾ موجود اينٽي نارڪوٽڪس ڊويزن ڪهڙو ڪم ڪري رهي آهي؟صرف ڪاغذن جا پيٽ ڀريا وڃن ٿا پر عملي ميدان ۾ ڪابه ٺوس تبديلي نظر نٿي اچي.
نشي جي مرض ۾ ڦاٿل مريضن جي لاء سندن آسپاس خاص ڪري گھريلو ماحول به وڏي اهميت رکي ٿو. گھر ۾ سڀني ٻارن سان هڪجهڙو سلوڪ نه هئڻ،گهرن ۾ هروقت ڇڪتاڻ وارو ماحول۽ اجائي جٺ ڦٺ به اهڙن نوجوانن خاص طور تي ٻارن ۾ نشي جي لعنت ۾ ڦاسڻ جا امڪان وڌائي ڇڏي ٿي .جهڙيء طرح اجايو لاڏ ڪوڏ اولاد کي بگاڙي ٿو اهڙيء طرح اجائي جٺ ڦٺ، غيرضروري پابنديون ۽ ناجائزسختيء وارا رويا به ٻارن کي بغاوت ۽ فرار طرف مائل ڪن ٿا.اڪثر مائٽ گھر ۾ آيل ٻاهرئين مٽ مائٽ يا مهمان جي سامهون اولاد جي شڪايتن جا داستان ٻڌائي پنهنجي سيني جو بار هلڪو ته ڪري وٺن ٿا پر انهي جي ردعمل جي طور تي ٻارن يا نوجوانن جي اندر جيڪي نفرت،بيزاري،انتقام يا وري احساس ڪمتري جا جذبا جنم وٺن ٿا اهي اڳتي هلي انهن کي نشي ۽ ڏوهن جي دنيا طرف وٺي وڃڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪن ٿا. حڪومت جيستائين انهيء ناسور جو ڪو موثر علاج ڳولهڻ لاء سنجيده ٿئي ،سماج کي گھرجي ته اهڙن مريضن جي لاء ڌڪار ۽ نفرت جو رويو رکڻ بدران همدردي ۽ محبت جو رويو اختيار ڪري کين ان خطرناڪ ڌٻڻ مان نڪرڻ ۾ مدد مهيا ڪري!
روزاني جيجل 16 جنوري 2016ع