خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 17 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* قوم غريب آ پر شريف برادران جا اثاثا ڪٿان کان ڪٿي پهتا؟ عمران خان(خبر)
** شريف برادران به ڪرپشن ۾ آصف زرداريءَ جا ڀائر آهن (تبصرو)

*قائم عليشاه جو جيڪب آباد ۾ پاڳل شخص رستو روڪيو (خبر)
** پنهنجو سمجھي رستو روڪيو هوندائين (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ سوائن فلو جا 5 ڪيس رپورٽ (خبر)
** پر سنڌ سرڪار جوماڻهن جي مرڻ ۽ جيئڻ سان ڇا؟ (تبصرو)

*فوج، ٿر ۾ مرندڙ ٻارن جي مدد لاءِ پهچي وئي (خبر)
** هجي ها سنڌ سرڪار ۾ ڪو افعال ته ايترا گل نه ڪومائجن ها (تبصرو)

*تائيوان ۾ پهريون ڀيرو خاتون صدر منتخب (خبر)
**اسان وٽ به پهريون ڀيرو 94 ورهين جو نوجوان وڏو وزير منتخب ٿيل آهي(تبصرو)

*غذائي کوٽ کي پورو ڪري، ٿر ۾ ٻارن جا موت روڪي سگھجن ٿا (خبر)
** وڏو وزير چوي ٿو: مين نه مانون (تبصرو)

* 5 فيبروري تي رينجرز جا اختيار وڌائڻ تي ڪو مسئلو نه ٿيندو: وڏو وزير (خبر)
** اوهان جي ڳالهين تي ڪو چريو ئي ويساهه ڪندو (تبصرو)

* سڌ سماءَ جو صلاحڪار مولابخش چانڊيو آرٽس ڪائونسل ۾ پاڻ سنڀالي نه سگھيو (خبر)
** مولاجٽ جو لقب ملڻ تي خوش ٿيندڙمولوُ ڄٽ، پنجابي فلم جي ريهرسل ڪندو هوندو (تبصرو)
 
**اسان وٽ به پهريون ڀيرو 94 ورهين جو نوجوان وڏو وزير منتخب ٿيل آهي(تبصرو)

** مولاجٽ جو لقب ملڻ تي خوش ٿيندڙمولوُ ڄٽ، پنجابي فلم جي ريهرسل ڪندو هوندو (تبصرو)

** پنهنجو سمجھي رستو روڪيو هوندائين (تبصرو)
چرچو واه جو لڳس.. :D:D:D:D:D
:D:D:D:D:D
 
Back
Top