عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ذوالفقار علي ڀٽو هيٺ پٽ تي موالين ۽ فقيرن سان ويٺل
ذوالفقار علي ڀٽو شھيد جي هي تصوير قمبر ۽ شھداد ڪوٽ جي درميان واقع درگاه حاڪم شاه پٽ واري جي اڱڻ تي نڪتل آھي ٖ تصوير جو پس منظر هي آھي تہ ڀٽو صاحب شھداد ڪوٽ کان لاڙڪاڻو وايہ قمبر وڃي رهيو هو ٖ سندس گاڏي ممتاز علي ڀٽو هلائي رهيو هو ٖ ڀٽو صاحب کي سخت بخار بہ هيو ممتاز علي ڀٽو جي ڪوشش هئي تہ جلد از جلد المرتضئ لاڙڪاڻي پهچجي ٖ ڀٽو صاحب جي اتان گذرڻ جي خبر ڪنهن طريقي سان درگاه حاڪم شاه پٽ واري جي فقيرن کي پئي تہ درگاه جا فقير ٖ فقراه ٖ حالي ٖ موالي اچي ڀرسان وهندڙ واره برانچ واه جي پل تي اڳ وٺي بيهي رهيا ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي گاڏي جيئن ئي واره برانچ پل تي پهتي تہ درگاه جا فقير گاڏي کي وڪوڙي ويا ۽ ڀٽي صاحب کي چيائون درگاه تي هلي اسان جي مئہ خاني تي هلو ٖ ممتاز علي ڀٽي فقيرن کي ٻڌايو تہ ڀٽو صاحب کي سخت بخار آهي اسان کي لاڙڪاڻي وڃڻ ڏيو پر ڀٽو صاحب سخت بخار باوجود ممتاز علي ڀٽو کي چيو پهرين فقيرن ڏي ھلبو سو ڀٽو صاحب فقيرن سان گڏ جي درگاه تي آيو ۽ درگاه تي حاضري ڀرڻ بعد فقيرن جي مچ تي هيٺ اچي پٽ تي ويهي رهيو ٖ روايتي طور فقيرن جي مچ تي ڪنهن ٿاڌل پئي گهوٽي تہ ڪنهن سلفي پئي دکائي تہ ڪنهن سوٽا پئي هنيا پر ڀٽو فقيرن سان فقير ٿي ساڻن پٽ تي ويٺو رهيو هڪ فقير پنهنجا ڪنٺا ڪولابا حال وسلا ڳانا لاهي ڀٽي صاحب کي پارائي ڇڏيا تہ وري مچ تي ڳڙ جي چانهہ جي ڪٽلي چاڙھي ڇڏي ڀٽي صاحب سندن سان ويهي ڪچهرا ڪري ڳڙ جي چانهہ جي سبيل پي پو اٿيو ٖ ڪئمرا جي اک ان لمحي کي محفوظ ڪري ورتو ٖ تصوير ۾ موالين فقيرن جي ڪٽلي ڪوپ ڳانا فقير فقرآ نمايان پيا نظر اچن ٖ هاڻي پي پي پي انهن ماڻھن جي هٿ ۾ آھي جيڪي ڀٽي جي جتي برابر بہ نہ آھن تاريخي ظلم آ ٻيو ڪجهہ ناهي -