رينجرز جو رخ هاڻي پنجاب طرف پڻ؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    رينجرز جو رخ هاڻي پنجاب طرف پڻ؟؟؟

    شفيق شاڪر

    پنجاب حڪومت توڙي جو اڃا پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف رينجرز جي ذريعي آپريشن جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار آهي پر مليٽري اسٽيبلشمينٽ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف رينجرز جي ذريعي زوردار آپريشن جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.اهو معاملو پهريون ڀيرو پنجاب جي اپيڪس ڪميٽيء جي اجلاس ۾بحث هيٺ آيو ۽ هاڻي ان معاملي کي پنجاب جي وڏي وزير سامهون رکيو ويو آهي.فوجي قيادت سمجھي ٿي ته پنجاب پوليس تربيت ۽ هثيارن جي لحاظ کان انهن دهشتگردن جي خلاف ڪنهن وڏي ڪاروائي ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي ان ڪري اهو معاملو ڪراچيء جيان رينجرز جي حوالي ڪيو وڃي.جيتوڻيڪ شهباز شريف گورنمينٽ جو خيال آهي ته اهو آپريشن صوبائي دهشتگرد ٽوڙ اداري (ATD) ۽ اليٽ فورس جي ذريعي ڪري سگھجي ٿوپر اهوحقيقت جي خلاف نظر اچي ٿو جو انهن ادارن وٽ به جديد هٿيارن جي مناسب مشينري موجود نه آهي.جناب نوازشريف جي صدارت ۾ اربع تي ٿيل اعلﻰ سطحي اجلاس ۾ جنهن ۾ شهباز شريف ۽ ڪور ڪمانڊر به شرڪت ڪئي ،ڪور ڪمانڊر طرفان اها صلاح ڏني ويئي ته جيڪر حڪومت جي مرضي هجي ته معاملو رينجرز جي حوالي ڪيو وڃي.شريف خاندان سان گهرو تعلق رکندڙ هڪ ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جن ضلعن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو انهن ۾ رحيم يار خان، راجنپور ۽ ديره غازي خان سر فهرست آهن ۽ اهو سمجھيو وڃي ٿو ته اهي ضلعا پوري ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديء لاء دهشتگردن جون مضوط پناھگاهون بڻيل آهن ۽ اتان ئي دهشتگرد تيار ٿي پوري ملڪ ۾ڪاروائيون ڪن ٿا ۽ اهي علائقا اڄ به بندش پيل تنظيمن جا ڳڙھ بڻيل آهن. پنجاب حڪومت سان تعلق رکندڙ ذريعن جو خيال آهي ته پنجاب حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته انهيء آپريشن ۾ رينجرز کي شامل ڪرڻ بدران ايليٽ فورس،پوليس ۽ اي ٽي ڊيء ذريعي ئي ڪم ٽپايووڃي.هن جي چوڻ مطابق جيڪڏهن پنجاب حڪومت کي ڪنهن مجبوريء تحت رينجرز کي گھرائڻو پيو ته پوء ظاهر آهي ته انهن کي ساڳيا ڪراچيء وارا اختيار ڏيڻا پوندا.هڪ ٻئي حڪومتي ذريعي جو چوڻ هو ته اربع تي ٿيل اهم گڏجاڻيء کان پوء بال نوازشريف جي ڪورٽ ۾ اڇلايو ويو آهي ته هو اهو آپريشن رينجرز جي مدد کان سواء ڪرڻ چاهي ٿو يا فوجي قيادت جي ان صلاح کي قبول ڪري ٿو جيڪا ان خيال جي آهي ته رينجرز جي استعمال کان سواء پنجاب ۾ آپريشن نيشنل ايڪشن پلان جي گھربل تقاضائن مطابق ڪنهن منطقي انجام کي رسي نه سگھندو. تجزيا نگارن جي خيال مطابق توڙي جو گذريل ڪجھ عرصي کان پنجاب ۾ دهشتگرديء جي ڪا وڏي ڪاروائي نه ٿي آهي سواء هڪ ٻن واقعن جي پر انهن جو رايو آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ دهشتگردن خلاف ٿيندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ پوري ملڪ جا دهشتگرد هاڻي پنجاب ۾ پاڻ کي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪندي اتي لڪندا ٿا وڃن.اها ڳالھ به نظرانداز ڪري نٿي سگھجي ته دهشتگردن جي اڪثريت جيڪا ماري يا پڪڙي ويئي آهي انهن جا پيرا به پنجاب ڏانهن ئي وڃن ٿا.ايستائين جو ڪيليفورنيا ۾ شوٽنگ جي واقعي سان واڳاپيل تفشين ملڪ جا ڳانڍاپا به ڏکڻ پنجاب سان ڳنڍجن ٿا.آگسٽ ۾ جڏهن پنجاب جي هوم منسٽر تي قاتلاڻو حملو ٿيو ته پوليس جي ان بيان گھڻن کي حيران ڪيو هو ته انهن ان حملي جي 140 شڪي ماڻهن کي ڏکڻ پنجاب مان گرفتار ڪيو آهي.ان وقت هڪ پوليس آفيسر جو بيان هو ته گرفتار ٿيل ماڻهن جو تعلق بندش پيل انتهاپسند تنظيمن سان آهي. جميعت احرار جيڪا بندش مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي هڪ منحرف تنظيم آهي ان جي ترجمان ان حملي جي ذميداري قبول ڪندي چيو هو ته انهن اها ڪاروائي ملڪ اسحاق جي مارجڻ جو بدلووٺڻ لاء ڪئي آهي.ان سموري صورتحال کان پوء اها اميد ڪئي پئي ويئي ته هاڻي پنجاب حڪومت انهن دهشتگردن خلاف ڪا فيصلائتي ڪاروائي ڪندي پر اها اڃا تائين ڪابه ڀرپور ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.نواز شريف جا سياسي مخالف ۽ ٻيون سماجي ۽ صحافتي ڌريون به مسلسل مٿن اهو الزام هڻنديون رهيون آهن ته نواز ۽ شهباز حڪومت پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ بدران الٽو انهن کي تحفظ فراهم ڪري رهيون آهن.ان جي باوجود جو نيشنل ايڪشن پلان ۾ واضح طور تي اهو طيء ٿيل آهي ته دهشتگردن کي ڪنهن به قسم جي معاونت ۽ مدد ڪرڻ واري کي به دهشتگرد سمجھيو ويندو، تنهن هوندي به اڄ تائين پنجاب حڪومت انهن تي هٿ هلڪو رکندي آئي آهي.ٿي سگھي ٿو ان جو سبب مذهبي پارٽين يا خود دهشتگرد تنظيمن جي امڪاني رد عمل جو خوف هجي جنهن جي ڪري حڪومت وقت پاس پاليسي اختيار ڪيو ويٺي آهي.پنجاب پوليس پاڻ ابتڙ بيانن جو شڪار آهي.هڪ طرف ڪنهن واقعي ۾ گرفتار ڪيل ڏوهارين جو تعلق بندش پيل دهشتگرد تنظيمن سان ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي طرف اهو به چيو وڃي ٿو ته پوليس انٽيليجنس جي بنياد تي ڪجھ ٽارگيٽيد ڪاروائيون ڪري رهي آهي باقي پنجاب ۾ دهشتگردن جو ڪو وسيع نيٽ ورڪ به موجود آهي انهيء کان اها صاف انڪار به ڪندي آئي آهي. پنجاب جي ذميدار پوليس عملدارن طرفان مختلف موقعن تي اهي بيان ڏيڻ ته پنجاب مان سوين دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪيترائي ماريا ويا آهن ۽ڪيترائي هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيا ويا آهن۽ ٻئي طرف پنجاب ۾ دهشتگردن جي ڪنهن نيٽ ورڪ جي موجودگيء جو انڪار ڪرڻ حڪومت جي نيت ۽ پاليسيء جي باري ۾ مضبوط شڪ شبها پيدا ڪري رهيو آهي.تجزيا نگارن جو خيال آهي ته ڏهاڪن کان پنجاب جي ڏاکڻئي علاقن ۾ موجود دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون۽ اتي پيدا ٿيندڙ افرادي قوت اهو خطرو تمام وڏي حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي جو خدانخواسته ڪٿي پاڪستان به داعش جي سرگرمين جو مرڪزنه بڻجي وڃي.

    پنجاب جي هڪ دفاعي تجزيا نگار ڪجھ مهينا اڳ هڪ تجزيو ڪيو هو جيڪو حالتن جي سنگينيء طرف واضح اشارو ڪري ٿو.هن جو چوڻ هو“ پنجابي دهشتگردن ۾ اها صلاحيت موجود آهي جو اهي پنجاب جي ڪنهن به حصي ۾ جڏهن به گھرن دهشتگرد ڪاروائي ڪري سگھن ٿا.”

    2007ع ۾ سرگوڌا ۾ ٿيل ايئر فورس جي بس تي خودڪش حملي ۽اتر پنجاب ۾ پيش آيل ڪجھ ٻين واقعن جو حوالو ڏيندي هن لکيو هو ته “ اهو دهشتگرد نيٽ ورڪ پوري پنجاب ۾ پکڙيل آهي.توهان اهو نٿا چئي سگھو ته اهي صرف ڏکڻ پنجاب تائين محدود آهن پر هاڻي اهي پنجاب ۾ هر جڳھ تي موجود آهن.اهي جيڪي پنجاب ۾ موجود دهشتگردن جي سوين محفوظ پناهگاهن جي ترديد ڪري رهيا آهن انهن کي معاملي جي سنگينيء جو احساس ئي ناهي.پنجاب ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديء جو مکيه ذريعو آهي جتي نوجوانن کي دهشتگردطور ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، انهن کي تربيت ڏني وڃي ٿي ۽ کين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪرڻ لاء موڪليو وڃي ٿو”

    ڏکڻ ايشيا دهشتگردي پورٽل جي انگن اکرن مطابق، صرف پنجاب ۾ 57 مضبوط انتهاپسند ۽ دهشتگرد گروپ موجود آهن پر ان پورٽل کي ڇڏيو، خود وفاقي وزير چوڌري نثار جيڪا جنوريء جي شروع ۾ رپورٽ اسيمبليء ۾ پيش ڪئي ،ان مطابق اهڙيون تنظيمون يا گروپ جيڪي انتهاپسند ۽ دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث آهن انهن جو انگ صرف پنجاب صوبي ۾ 95 تائين پهچي چڪو آهي. پنجاب جي اڳوڻي ايڊيشنل آئي جي پوليس ملڪ محمد اقبال جنهن پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ ٻه سال سي آئي ڊي چيف جي طور تي ڪم ڪيو ان جي چوڻ مطابق دهشتگردن جو هڪ وڏو تعداد جنهنجو تعلق بندش پيل تنظيمن لشڪر جھنگوي ، جيش محمد ۽ ٻين باغي گروپن سان آهي سي سڀ جا سڀ پنجاب سان تعلق رکن ٿا.

    هڪ حلقي جو اهو خيال به آهي ته پنجاب حڪومت انهن دهشتگردن خلاف ڪو واقعي آپريشن ڪرڻ کان ان ڪري به لنوائي رهي آهي جو ان کي اليڪشني سياست جي حوالي سان تمام وڏو نقصان پهچڻ جو خدشو محسوس ٿئي ٿو ۽ ٻي ڳالھ اها ته ان آپريشن جي دائري ۾ ڪجھ مدرسا به اچڻا آهن جن جي خلاف ثبوت خفيا ايجنسين هٿ ڪري ورتا آهن.هاڻي جيڪڏهن مدرسن جي خلاف ڪا ڪاروائي ٿئي ٿي ته حڪومت جي مشڪلن ۾ اڃا به اضافو ٿي ويندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو