• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌين ۽ ڌارين ۾ فرق

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪراچيءَ ۾ هڪ شخص عالمگير گٽر جا ڍڪڻا نه هئڻ سبب گٽرن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي روڊن تي تصوير ته ڇا ٺاهي، ساري سنڌ سرڪار لوڏن ۾ اچي وئي. شروع ۾ سيد قائم علي شاهه بيان ڏنو ته گٽرن تي ڍڪڻا لڳائڻ وڏي وزير جو ڪم ناهي پر ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ اڄ آچر 17 جنوريءَ تي ڪراچي شهر ۾ نڪري پيو ۽ معائني کانپوءِ هڪ هفتي اندر گٽرن کي ڍڪڻا هڻڻ جو حڪم ڏنائين ـ

تصوير جو ٻيو رخ:
گمبٽ ۾ گمس جي نالي جي بحالي لاءِ 151ڏينهن کان تحريڪ جاري آهي جڏهن ته ميهڙ ۾ ڪڪول واهه جي تحريڪ 267 ڏينهن کان جاري آهي پر مجال آهي جو آصف زرداريءَ جي سوکڙي 94 ورهين جي نوجوان سيد قائم علي شاهه جي ڪا غيرت جاڳي؟ آخر ڇو؟
هاڻ ڏسون ته مولوُ ڄٽ ڪهڙو ٿو تبصرو ڪري؟ ياد رهي ته سنڌ جي سڌ سماءُ جي صلاحڪار مولابخش چانڊئي جو پاڻ چوڻ آهي ته ڪپتان (قائم عليشاه) منهنجو نالو مولا جٽ رکيو آهي جنهن تي مون کي خوشي آهي ـ
 
ادا ھي صرف انھن جا ڪم ڪندا جيڪي ھنن کي خوار ڪندا گٽرن جا ڍڪ ته سٽي حڪومت جو ڪم ھو سرڪار ته پنھجو نالو شو ڪيو سرڪار جا بيان ٻڌو ٿا قادر بخش مٺو به ڇا ھي سرڪار جي سامھون
 
Back
Top