____ هٿرادو ڏڪار ۾ مري ويل هڪ ٻار جو قبر مان خط. ___________ مون کي پنهنجي قوم تي ناز آهي، ۽ مون کي ٿر جي اُنهن نوجوان شاگردن تي انتهائي گهڻو فخر آهي ته اُهي اهڙن گهرن مان نڪتا آهن، جتي ذهني، جسماني، طبقاتي، عملي ۽ علمي غلامي آهي. ابن ڏاڏن کان روايتن طور جهالت ۽ غلامي جو ڳٽ سندن لکئي جو ليک چون ٿا. پر سلام آهي اهڙن نوجوانن کي جيڪي مون سميت مري ويل ٻارڙن جي موت تي ماٺ ٿي نٿا ويهن بلڪه باهه جا ڀنڀٽ ٿي ڀڙڪي پون ٿا، احتجاج، مظاهرا، هڙتالون ۽ جلوس ڪڍن ٿا . گونگي، ٻوڙي، اکين سان سان انڌي حڪومت ۽ بي حس، بي شرم ۽ بي حيا حڪمرانن جي گهرن تي توا ، چوڙيون ۽ جوتا ٽنگي اُنهن جي ضمير تي لعنتاڻو وجهڻ جو احساس پيدا ڪن ٿا. اهي سنئوڻ نئين سنڌ ۽ هن سماج جي بنياد لوڏڻ جا فطري محرڪ آهن. مون کي خبر ناهي 9 مهينا ماءُ جي پيٽ ۾ رهڻ کان پوءِ مُنهنجو جنم ڳوٺ کان ڪچي رستي تي ايندي گڏهه گاڏي تي ٿيو، مُنهنجي ڳوٺ ۾ وڏيري جي گاڏي ته هُئي پر بابا، اُن جو قرضي هئڻ سبب اُن گاڏي نه ڏني............ گڏهه گاڏي جي لوڏن تي مُنهنجي دانهن سان گڏ مُنهنجي امڙ جي رڙين جا آواز اڄ به قبر مان مون کي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا... جڏهن اسپتال پهتاسين ته اُتي نرسن امان کي الائي ڪهڙيون سُيون هنيائون جيڪا بيهوش ٿي وئي..................... ڊاڪٽرن جي ٽيسٽن ۾ ٻڌايو ويو ته مُنهنجي پيٽ ۾ مٽي، ڌوڙ ۽ خراب مادا آهن پر معذرت سان ! مون ته اڃا تائين ماءُ جي ٿڃ جي سُرڪ به نه چکي هُئي.... مُنهنجي اکين ۾ هڪ للڪار هُئي، هڪ پُڪار ۽ مُنهنجي بيزار ۽ بي چين دل ۾ مزاحمت ۽ بغاوتن جي اڏولتا هُئي ........... مُنهنجي بغاوت جو علم اُتان شروع ٿئي ٿو جڏهن هڪ ڊاڪٽر چيو ٻار جي پيٽ ۾ مٽي آهي. ٻئي چيو: ٻار کي ٽِي بِي آهي.. وڏي شهر مان آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم ٺيڪ نموني معائنو ڪرڻ کان پوءِ مون کي اڌ ۾ ڇڏي وئي هلي......... ٽئين ڀيري ويڙهيل، سيڙهيل، ٽيڙي نڪ واريون ۽ نرسون ۽ ميڊمون آيون............ جنهن جي نازڪ جسماني بناوت ڏسي مُنهنجي شرارت واري حِس جاڳي ٿي پئي ..... ۽ هُن جيئن مون کي چيڪ اپ ڪرڻ شروع ڪيو ته مون هُن جي خوبصورت پوشاڪ پيشاب سان خراب ڪري ڇڏي اُن ڪري مون کي اُتي ئي بنا جاچڻ جي ڇڏي ڏنائين ڇاڪاڻ جو مُنهنجي زندگي کان وڌيڪ هُن جو قيمتي لباس هو................. ۽ آخري ڀيرو ڊاڪٽرن جي وفد مُنهنجو معائنو ڪري ٻاهرين ملڪ اماڻڻ لاءِ انگريزي ۾ ڪاڳر تي ڪُجهه لکي ڏنو هو جيڪي مُنهنجو اڻ پڙهيل بابا سڄي شهر ۽ ڊاڪٽرن وٽ کڻي پڇندو رهيو پر ڪنهن به رهنمائي نه ڪئي – جلوس ڪڍندڙ نوجوان اسپتال جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ مون وارڊ مان اُنهن ڏي ڏٺو هو......... جيڪي ڄاتل سڃاتل لڳا ٿي................ اُهي بابا سان مليا هُئا ۽ شام جو بابا ........................ امان جي هنج ۾ آئون پنهنجي چونئري ۾ ننڍڙي مَنجي تي سُتل هئس ۽ بابا اڱڻ ۾ بيٺل وڻ ۾ ٽنگيل هو..............................____ امان ..........نئين انداز ۾ روئي رهي هئي.................................................. ڪُجهه ڏينهن کان پوءِ............................................. شهر ايندي اسپتال جي گيٽ ٻاهران ...............................لڳل وڏي پينا فليڪس ڏي ڏسي مُنهنجا ٻئي هٿ کڄيا هُئا ۽ مون ٻنهي هٿن سان گَهي اُن پينا فليڪس تي ٽنگيل فوٽن کي بُجا ڏنا هُئا........................... ۽ ڍؤ تي گاريون به............۽ پوءِ خبر ناهي هيِ ته پنج وٺو بي شرم، بي حيا................. بي غيرتو...............نه ڄاڻ اهي لفظ الائي ڪٿان اچي ويا هئا مُنهنجو سرير ڏڪڻ لڳو هو... ائيان ائيان...... ائيان ............ ائيان................ ائيان....................... ۽ پوءِ مُنهنجي ساهه جون سسڪيون بند ٿي وين..........مٺڪيون ڀڪوڙجي ويس............................... .دل جي ڌڙڪن بند................. ۽...........بس اڄ آئون هتي قبر ۾ ......................توهان ڏي خط لکي دل جو حال اُماڻيان، مليوَ ته محبتون نه مليوَ ته معيار ناهي...... آئون اُهو ئي هر روز جي هٿرادو ڏُڪار ۾ مري ويل، غريب جو غريب ٻار___________________ _________سنگتراش صحرائي