• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 19 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* اڻ چونڊيل عنصر رياست تي قابض آهن: بلاول ڀٽو زرداري (خبر)
** ......پر سنڌ ۾ ته چونڊيل عنصرن به عوام سان ڏاڍي جُٺ ڪئي آهي (تبصرو)

* پراسيڪوشن بل پيش ڪري، سنڌ سرڪار بيوقوفي ڪئي آهي: اعتزاز احسن (خبر)
** ...جت قائم عليشاهه جھڙا وڏا وزير هوندا، ات ائين ئي ٿيندو (تبصرو)

* پراسيڪيوشن بل بابت اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي: مولابخش چانديو (خبر)
** ......هز ماسٽرس وائيس (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ هڪ هفتي اندر ڍڪڻا لڳايو: قائم عليشاه جو حڪم (خبر)
** ايم ڪيو ايم جي هڪ ڌمڪيءَ تي ڍيري....جھل دٻ (تبصرو)

* سنڌاسيمبليءَ ۾ ڪمند جو مناسب اگھه نه ملڻ تي آواز اٿاريو ويو (خبر)
** آصف زرداريءَ جي هوندي ٻٻرن کان ٻير ٿا گهرو؟ (تبصرو)

* راهداريءَ بابت مشاورتي عمل مان سنڌ آئوٽ (خبر)
** ڪجھه ڦودني ۾ ڦير هو ۽ ڪجهه وٽَ به کوٽا هئا (تبصرو)

* نوڪرين تان بندش جلد هٽائي ويندي: وڏو وزير (خبر)
** ....جيئن سنڌ جا وزير نوڪريون جو ڪاروبار ڪري سگهن (تبصرو)

* سنڌ اسيمبليءَ کي زرداريءَ جي اوطاق بڻايو ويو آهي: نصرت عباسي (خبر)
** ....ڀلا انهيءَ ۾ ڪو شڪ؟ (تبصرو)

* ملير ضلعي ۾ هڪ به سرڪاري اسپتال ڪانهي (خبر)
** .... سنڌ سرڪار: رڍ اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا (تبصرو)
 
Back
Top