• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مختصر ڪھاڻي غريب جو ٻار! *ڊاڪٽر ذوالفقار علي چانڊيو

ھڪ ھمراھ رت ۾ ڳاڙھو لڳو پيو ھيو
ٿاڻي تي رپوٽ لکرائڻ آيو!
منشي پڇيس ڪنھن مار ڏني اٿئي؟
ھمراھ سڏڪن ۾ پئجي ويو!
وري سوال ڪيائينس ڪنھن جي خلاف شڪايت درج ڪريون؟
ھمراھ چيو ھڪ ڀوتار،
ٻيو ڪمدار،
ٽيو ڀوتار جو يار آھي.
پر وڏو ماڻھو آھي !!
تون ڇا ڪندو آھين؟
مان غريب مزدور آھيان!!
اٿي ھتان…!!
سائين ڇو…؟
تون بيوقوف آھين!
ڇو…؟
غريب جو ٻار ٿي ڪري
اميرن سان ٿو اٽڪائين!!
 
Back
Top