• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائي سانوري سينڌ سنواري تہ..ڊاڪٽر ذوالفقار علي

سانوري سينڌ سنواري تہ
نيڻن جا پوپٽ مرڪي پيا!
موٽي ھتي بھار آئي
وري سرنھن ڦولاري تہ
نيڻن جا پوپٽ مرڪي پيا!
نيري شام سرھيء جو
ڏٺم ڪلي ڪنواري تہ
نيڻن جا پوپٽ مرڪي پيا!
شھر جڏھن شرناء وڳي
گلن سان گلي سينگاري تہ
نيڻن جا پوپٽ مرڪي پيا!
رات ڪائي سندرتا ذولفي
وئي نيڻن مان پياري تہ
نيڻن جا پوپٽ مرڪي پيا!
 
Back
Top