• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي ٽوئيٽر اڪائونٽ لاءِ ڪجهـ مشورا

محمد بخش لغاري

سينيئر رڪن
فيس بوڪ کان پوءِ سڀ کان مقبول سوشل نيٽ ورڪ ٽوئيٽر آهي. سياسي رايو ٺاهڻ ۾ شايد ٽوئيٽر فيس بوڪ کان به وڌيڪ موْثر آهي. اڄڪلهه پاڪستان ۾ سياسي سماجي رايو ٺاهڻ ۽ ڊجيٽل ٻوليءَ جي ڦهلاءُ ۾ ٽوئيٽر جو اهم ڪردار آهي ڇو ته اڪثر صحافين ۽ سياستدانن جا اڪائونٽ ٽوئيٽر تي موجود آهن. سنڌ سلامت جو اڪائونٽ به ٽوئيٽر تي موجود آهي جنهن تان وقت به وقت سنڌ سلامت جا موضوعن جا لنڪ شيئر ٿيندا رهن ٿا. منهنجي صلاح آهي ته سنڌ سلامت جي ٽوئيٽر اڪائونٽ جو يوزر نيم انگريزي بجاءِ سنڌي ۾ هجڻ گهرجي ۽ اڪائونٽ ڊسڪرپشن به انگريزي سان گڏو گڏ سنڌي ۾ به هئڻ گهرجي. چڱو ٿيندو جيڪڏهن مناسب ۽ ممڪن هجي ته لنڪ سان گڏو گڏ ڪا تصوير به هجي ته جيئن ڏسندڙن جي دلچسپي وڌي ۽ هو لنڪ تي ڪلڪ ڪري سنڌ سلامت فورم جو ڀيرو ڀرين.

23849603234_05ee3efdd8_o.jpg



عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ذيشان رشيد سليمان وساڻ
 
Back
Top