ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾ (ڪتاب ):1932ع ۾ -انگريزي- ادب جي مشهور شخصيت -جارج برنارڊشا- جو ڪتاب(Adventure of the Black Girl in her Search for God) لنڊن ۾ شايع ٿيو هو. برنارڊشا جي قابليت ۽ قدآور شخصيت هجڻ سبب، هن ڪتاب ڇپجڻ سان وڏي ڌوم مچي وئي. هن ڪتاب ۾ برنارڊشا، -انسان- جي -اوسر- ۾ مذهب جي ڪردار تي سخت -تنقيد- ڪئي هئي ۽ آخر ۾ اهو نتيجو قائم ڪيو هئائين ته ”مذهب انساني زندگيءَ ۾ ڪنهن بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ کان عاري آهي“. سنڌ جو مشهور عالم علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ سندس گهرواري، جيڪي -ان- زماني ۾ لنڊن ۾ رهندا هئا، -تن--ان- ڪتاب جو نهايت سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪيو ۽ پنهنجي نقطه نظر کي هڪ ناول Adventure of the Brown Girl in her Search for God ۾ آندو، جيڪو سال 1933ع ۾ لنڊن ۾ شايع ٿيو. هنن پنهنجي -ان-ڪاوش کي برنارڊشا جي ڪتاب جو مَٽُ يا ساٿي (Companion) ڪوٺيو. هن ڪتاب ۾ هنن دنيا جي سڀني مک مذهبن جي بانين ۽ انساني -تاريخ- جي چونڊ دانشورن جي فڪر جي حوالي سان اهو واضح ڪيو ته انساني زندگيءَ جي -اوسر- ۾ مذهب جو ڪيڏو نه مثبت ۽ اٽل ڪردار رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ مذهب جي فلسفي ۽ -تاريخ- تي انساني -اوسر- جي حوالي سان نهايت مدلل ۽ بصيرت افروز بحث ٿيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو (-انگريزي-) سال 1968ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو. جڏهن ته هن ڪتاب جو مٿئين سنڌي عنوان ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ سان ترجمو، سومار علي سومري ڪيو. جنهن جا پڻ 3 ڇاپا 1986ع، 2003ع ۽ 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. -انگريزي- ڪتاب ڪرائون سائيز جي 125 صفحن تي مشتمل ۽ سنڌي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 65 رپيا آهي