خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 20 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌ اندر ڪرپشن ڪيسن ۾ 500 جوابدار مفرور (خبر)
**...پر قائم عليشاهه ته پنهنجي عهدي تي اڃا به براجمان آهي؟ (تبصرو)

* وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي: قائم عليشاهه (خبر)
**..۽ اوهان وري سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهيو (تبصرو)

* ڳوٺن ۾ مرندڙ ٻارن جي موت جا اسان ذميدار ناهيون: مولابخش چانڊيو (خبر)
**“مولوُ ڄٽ ”کي ڪهڙي خبر ناهي ته طبي سهولتون ڏيڻ سرڪار جو فرض آهي(تبصرو)

* شاهپور چاڪر لڳ ڪڪڙ چوري ٿيڻ تي مالڪ بيهوش (خبر)
** ٿر ۾ انساني ٻارڙا مرڻ تي قائم عليشاه ۽ “مولوُ ڄٽ” کي نه لهر، نه لوڏو (تبصرو)

* آصف زرداري نيويارڪ پهچي ويو (خبر)
** پر سڏ پنڌ تي يعني پاڪستان اچڻ مهل کيس بخار چڙهي وڃي ٿو (تبصرو)

* خيرپور ضلعي ۾ پٽاٽن جي فصل کي جيت لڳي ويو (خبر)
** ۽ خيرپور جي سياستدانن کي وري ڪرپشن جو جيت لڳل آهي (تبصرو)
 
Back
Top