رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
محبتن مهندار سنڌ آ
___________________
جي هي جيون سنڌ لئه آ
ڌرتي پياري دنگ لئه آ
پوءِ تون منهنجي وندر آ ن
ساه منهنجي جي اندر آن
تو لئه دل ۾ سڀ دعائون
تو لئه تيار پنڌ ۾ آهيون
سڀ ولر ٿي ويڙه وڙهجي
ديس دشمن کي ڪو تڙجي
سانت سک سنڌ هجي هت
پيار پنهنجن جي هجي پت
سنڌ منهنجي آ صدين کان
ماس جوڙيل آ هڏين کان
ساه منهنجو سنڌ ۾ آ
ويساه ور ور جند ۾ ا
هو آ ڪوڙو ۽ ڪمينو
تاڻي ٿو سنڌ سينو
آءُ ته هن کي ڌوڙ ڪيون سڀ
جو نه سنڌ جو ڪوڙ ڪيون سڀ
منهنجي سنڌ سڀ کان سهڻي
شابسون ۽ جس آ لهڻي
جنهن ۾ ٻنيون ٻارا پيار
ديس منهنجي جا دلارا
ڪسب ڪڙمتون جي ڪن ٿا
لايون لابارا به ڪن ٿا
جيءُ جنبش جوش ۾ ٿي
هر هلائين ميڙ مچ ٿي
گوبرن جا والي وارث
ڄڻ هجن هو سنڌ پارس
کيت کيڙين مال ميڙين
سڪ ۾ سلجي سنڌ سهيڙين
مال وند هي منهنجا مارو
چاه ۾ تن لئه اچارون
چاه چوڏس چمڪي پيو آ
ديس دشمن ڌمڪي پيو آ
سڌ ٿي پئي سڀ وسيلا
وک وک تي تيل موليٰ
رب جا سڀ راز آهن
سنڌ لئه آواز آهن
محبتن مهندار سنڌ آ
منهنجو سڀ سڀ پيار سنڌ آ
رسول بخش دائوپوٽه
___________________
جي هي جيون سنڌ لئه آ
ڌرتي پياري دنگ لئه آ
پوءِ تون منهنجي وندر آ ن
ساه منهنجي جي اندر آن
تو لئه دل ۾ سڀ دعائون
تو لئه تيار پنڌ ۾ آهيون
سڀ ولر ٿي ويڙه وڙهجي
ديس دشمن کي ڪو تڙجي
سانت سک سنڌ هجي هت
پيار پنهنجن جي هجي پت
سنڌ منهنجي آ صدين کان
ماس جوڙيل آ هڏين کان
ساه منهنجو سنڌ ۾ آ
ويساه ور ور جند ۾ ا
هو آ ڪوڙو ۽ ڪمينو
تاڻي ٿو سنڌ سينو
آءُ ته هن کي ڌوڙ ڪيون سڀ
جو نه سنڌ جو ڪوڙ ڪيون سڀ
منهنجي سنڌ سڀ کان سهڻي
شابسون ۽ جس آ لهڻي
جنهن ۾ ٻنيون ٻارا پيار
ديس منهنجي جا دلارا
ڪسب ڪڙمتون جي ڪن ٿا
لايون لابارا به ڪن ٿا
جيءُ جنبش جوش ۾ ٿي
هر هلائين ميڙ مچ ٿي
گوبرن جا والي وارث
ڄڻ هجن هو سنڌ پارس
کيت کيڙين مال ميڙين
سڪ ۾ سلجي سنڌ سهيڙين
مال وند هي منهنجا مارو
چاه ۾ تن لئه اچارون
چاه چوڏس چمڪي پيو آ
ديس دشمن ڌمڪي پيو آ
سڌ ٿي پئي سڀ وسيلا
وک وک تي تيل موليٰ
رب جا سڀ راز آهن
سنڌ لئه آواز آهن
محبتن مهندار سنڌ آ
منهنجو سڀ سڀ پيار سنڌ آ
رسول بخش دائوپوٽه