محمد خان سيال
سينيئر رڪن
پاڪستان فشر فوڪ مطالبو ڪيو آهي ته ان جي سيڪريٽري جنرل سعيد بلوچ جي رينجرز هٿان گرفتاريءَ جي، شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي. مٿس لياريءَ جي بدنام بلوچ گينگ وار جي اڳواڻ عذير بلوچ جي مالي مدد ڪرڻ، ساڻس ويجھا لاڳاپا رکڻ ۽ پاڪستان فشر فوڪ جي فنڊن ۾ گھوٻيون هڻڻ جا الزام آهن. رينجرز دلمراد بلوچ کي به ساڳين الزامن ۾ گرفتار ڪيو آهي.
پاڪستان فشر فوڪ جي چيئرمن محمد علي شاهه دي نيوز اخبار کي ٻڌايو ته سعيد بلوچ کي ڪنهن غلطفهميءَ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي.
پاڪستان فشر فوڪ جي چيئرمن محمد علي شاهه دي نيوز اخبار کي ٻڌايو ته سعيد بلوچ کي ڪنهن غلطفهميءَ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي.