اختر حفيظ ڪاري قلم وارو منٽو

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪاري قلم وارو منٽو....

    اختر حفيظ

    اردو ادب جي ساهمي جي هڪ پُڙ ۾ جيڪڏهن سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون رکجن ۽ ٻئي پاسي سمورو اردو ادب تڏهن به منٽو جي لکيل ڪهاڻين وارو پُڙ ڳرو هوندو. ماڻهو چون ٿا ته هو شراب پي مري ويو پر مون کي سدائين لڳندو آهي ته هو اسان جي سماج کي اهو ٻڌائيندي مري ويو ته اهو سچ کي منهن ڏئي ۽ ماڻهو ٻاهران چڙهيل شرافت جو خول لاهي ڦٽو ڪن. پر انهي جي بدلي هن کي گاريون مليون، هن خلاف فتوائون جاري ٿيون، پر هو نه مڙيو ۽ هڪ اڪيلو ماڻهو انهن سمورن انتهاپسندن سان وڙهندو رهيو، جيڪي ادب کي سماجي برائي سمجهندا هئا.
    سعادت حسن منٽو، هڪ اهڙو افسانه نگار هو جنهن جي قلم جي جنبش تي رياست ڏڪي پوندي هئي ۽ هو سدائين ڪيسن کي منهن پيو ڏيندو هو. کيس وڪيل نه ملندو هو، تنهنڪري هو پاڻ ئي پنهنجا ڪيس وڙهندو هو. هن سماج جو چهرو جڏهن سماج جي نام نهاد شريفن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کي فحش نگار ۽ ڪافر چيو ويو. پر هن سدائين پنهنجي قلم کي پورهيتن، مظلومن ۽ خاص طور جسم وڪڻندڙ عورتن لا استعمال ڪيو. اڄ به نام نهاد شريف ماڻهو هن جون ڪهاڻيون لڪي پڙهندا آهن پر ٻارن کي سندس ڪتابن کان پري رهڻ جو تاڪيد ڪندا آهن.
    هن پاڻ ئي لکيو هو ته کيس پڙهائي سان ڪا دلچسپي نه هئي. مئٽرڪ جي امتحان ۾ هو ٽي ڀيرا ناپاس ٿيو، هو ٽي ڀيرا جنهن پرچي ۾ فيل ٿيو اهو اردو جو هو. پر هاڻ سموري دنيا هن کي اردو جي شاهڪار ڪهاڻيڪار طور سڃاڻي ٿي. هن جي ڪهاڻين ۾ توهان کي سهڻا لفظ نه ملندا، ڪا لفاظي نه ملندي، هو سهڻيون تشبيهون نه گهڙيندو هو، ڇو ته هن کي زندگي جون غلاظتون نظر اينديون هيون، هن کي زندگي جي ڪارخاني ۾ سڙندڙ پڄرندڙ عورتون نظر اينديون هيون. ان ڪري ئي سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري جو عنصر ڪجهه وڌيڪ آهي. هو پنهنجي دور جو ترقي پسند ڪهاڻيڪار ان ڪري به آهي جو هن پنهنجي لکڻ جي شروعات ترجمن کان ڪئي. هو انگريزي مان يورپي ليکڪن ۽ ڪهاڻيڪارن جا ترجما پيو ڪندو هو. هن کي جڏهن به پئسن جي ضرورت پوندي هئي ته ڪنهن به رسالي جي آفيس ۾ هليو ويندو هو ۽ اتي بس ايترو چوندو هو ته آئون سعادت حسن منٽو آهيان، جڏهن به ڪنهن ڪهاڻي جي ضرورت پوي ته پئسا موڪلي ڏجو ۽ ڪهاڻي کڻي وڃجو. پر هن کي جيڪي پئسا ملندا هئا، انهي مان گهڻا پئسا هو شراب پيئڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. باقي جيڪي بچي پوندا هئا، تن مان گهر جو گاڏو هلائيندو هو.
    هو ڪڏهن به هندستان جي ورهاڱي جي وڍ کي وساري نه سگهيو، انهي جا اولڙا هن جي ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ملن ٿا. ان حوالي سان سندس اهم ترين ڪهاڻي ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ آهي. هن جي ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پو اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته هر ماڻهو لا زندگي نعمت نه هوندي آهي بلڪه اها سماجي ريتن رسمن ۽ نام نهاد پارسائن جي قاعدن قانون ۾ ڦاٿل رهي ٿي. هڪ عام ماڻهو جي نفسياتي ۽ جنسياتي مسئلن کي جهڙي ريت هن بيان ڪيو آهي، اهو منٽو جو ئي ڪمال آهي. جيڪڏهن هو اردو جو ڪهاڻيڪار نه هجي ها ۽ اسان جي ملڪ جي ڪنهن ٻي ٻولي جو ڪهاڻيڪار هجي ها ته کيس اڃا به وڌيڪ عذاب ملن ها.
    ”منٽو باقيات“ جي نالي سان لکيل پنهنجي ئي هڪ مضمون ۾ هن لکيو آهي ته ”آئون هل هنگامو ڪندڙ نه آهيان، آئون ماڻهن جي خيالن ۽ جذبن ۾ ڪاوڙ پيدا ڪرڻ نٿو چاهيان. آئون تهذيب، تمدن ۽ سماج جي چولي ڇا لاهيندس جيڪو آهي ئي ڪپڙن کان آجو. آئون انهي کي ڪپڙا پارائڻ جي ڪوشش به نه ڪندو آهيان ڇاڪاڻ ته اهو منهنجو ڪم ناهي، درزين جو آهي.“
    هن فرانسيسي ۽ روسي ادب جا شروع شروع ۾ ترجما ڪيا، جيئن موپاسان لا چيو ويندو آهي ته هو جڏهن غير معمولي گرم ۽ شهوت ڀريل عورت جو ذڪر ڪندو آهي ته هن جي لکڻي جو ڪاغذ به گرم گوشت وانگر ڦڙڪڻ لڳندو آهي. منٽو جي لکڻين ۾ به اها گرمي محسوس ڪري سگهجي ٿي. هو هڪ بي رحم ليکڪ هو. جنهن وٽ ماڻهن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي سهڻو ڪري پيش ڪرڻ جو فن نه هو بلڪه هو انهن جي پيڙائن کي محسوس ڪندو هو ۽ چاهيندو هو ته هن ملڪ جي اشرافيه به انهن جي ڏکن سورن کي محسوس ڪري پر انهي جي بدلي هن کي نفرت کان سوا ڪجهه نه ملي سگهيو. هو هڪ ڪهاڻيڪار هو، ان ڪري ڪهاڻيڪار طور ئي گذاري ويو. هن پنهنجن ڪهاڻين وسيلي ماڻهن جي جنسي توڙي نفسياتي روين ۽ بيمارين جو ذڪر ڪيو آهي پر ڪنهن به سماج ۾ انهن بيمارين کي تڏهن ئي سمجهي سگهجي ٿو، جڏهن عقيدن ۽ وهمن جي عينڪ لاهي ڦٽي ڪجي.
    هن کي سڀئي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاڳل نظر اچن ٿا، جيڪي ايڏا ته خطرناڪ آهن، جو انسانيت انهن لا ڪا معنى نٿي رکي. جيئن ته هن جي دماغ ۾ اهڙو ڪوبه خلل نه هو ته ماڻهو ترقي پسند نه هوندو آهي تنهنڪري هو ٻين لا ائين سمجهندو ته هر ماڻهو ترقي پسندي کي پسند ڪري ٿو.
    هڪ جا تي هو لکي ٿو ته ”سڀن کان وڏو مونجهارو ته انهي ترقي پسند ادب جي باري ۾ آهي. جڏهن ته پيدا نه ٿيڻ کپي. ادب يا ته ادب آهي يا ادب ناهي. ماڻهو يا ته ماڻهو آهي نه ته ماڻهو ناهي. گڏهه آهي، گهر آهي، ميز يا ڪا ٻي شئي آهي. چيو وڃي ٿو ته سعادت حسن منٽو ترقي پسند انسان آهي. اها ڪهڙي ڳالهه ٿي. سعادت حسن منٽو انسان آهي ۽ هر انسان کي ترقي پسند هجڻ گهرجي. ترقي پسند چئي ماڻهو منهنجي صفت بيان نٿا ڪن بلڪه پنهنجي برائي جو ثبوت ڏين ٿا، جنهن جو مطلب اهو آهي ته پاڻ ترقي پسند نه آهن يعني اهي پاڻ ترقي ڪرڻ نٿا چاهين.“
    منهنجي لا هن جون ڪهاڻيون سدائين آئينو ئي رهيون آهن، جن کي پڙهڻ کان پو هر ماڻهو کي انهن ۾ پنهنجو پنهنجو چهرو نظر اچي ٿو پر ڪوبه اهو نٿو چوي ته اسين پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهيون، ٺڳيون ڪندا آهيون ۽ ماڻهن جي مجبورين جو فائدو وٺندا آهيون پر وري گاريون منٽو کي ڏيون ٿا ته هو سچ لکڻ کان مڙي ڇو نٿو. ڇو هو اسان جي ڳچين ۾ هٿ وجهي اسان کي خوار ڪري رهيو آهي. پر سعادت حسن منٽو هاڻ رڳو هڪ ڪهاڻيڪار جو نالو ناهي بلڪه هڪ اهڙي رويي جو نالو بڻجي چڪو آهي جنهن کان ڪيترائي ماڻهو چڙن ٿا. هو هڪ نفسيات آهي، جنهن کان اسان جا مذهبي جنوني ڇرڪن ٿا ۽ ٽاهه کائين ٿا. پر تڏهن به سچ اهو آهي ته اڄ به هن جون ڪهاڻيون اسان جي سماج جي ڪيترن ئي مسئلن جو چير ڦاڙن ڪن ٿيون، جيڪي ڪڏهن ”کول دو“ جي سڪينه جي صورت ۾، ڪڏهن ”هتڪ“ جي سوگنڌي جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ جي بشن سنگهه جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا.
    اهي سڀ سعادت حسن منٽو جا ئي تخليق ڪيل ڪردار آهن. جنهن پنهنجي لا ئي چيو هو ته ”آئون ڪهاڻي اول ته ان ڪري لکندو آهيان جو مون کي ڪهاڻي لکڻ جي شراب وانگر لت لڳي وئي آهي. آئون ڪهاڻي نه لکان ته مون کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته مون ڪپڙا نه پاتا آهن يا مون غسل ناهي ڪيو يا مون شراب ناهي پيتو. آئون ڪهاڻي ناهيان لکندو ڪهاڻي مون کي لکندو آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته سعادت حسن مري وڃي پر منٽو ڪڏهن نه مري“.

    سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو