سياست

'مختلف موضوع' فورم ۾ Shahbaz khan shar طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2016۔

  1. Shahbaz khan shar

    Shahbaz khan shar
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2016
    تحريرون:
    79
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    سنڌڙي
    ڇا سياست سستو واپار آهي؟

    شھباز خان شر


    هن وقت اسان جي ملڪ ۾ سياست خدمت جي نه واپار جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، سياست منافعي بخش ڌنڌو اختيار ڪري ورتو آهي جنهن کي به ونڻي گهر ويٺي سياسي پارٽي ٺاهي واپار شروع ڪري ڇڏي ٿو، عوام جي ڀلائي واري ۽ خدمت واري سياست جو دور ختم، منافعي واري سياست جو دور جاري ٿي چڪو آهي پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهبي ته خدمت واري سياست ۽ عزت واري سياست شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ هئي. عوام انهيءَ دور کي پنهنجو دور ۽ حڪومت سمجهندو هو. ڀٽو صاحب ملڪ ۽ عوام، دنيا جي مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ عملي طور آواز به بلند ڪري خدمت به ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجو به سر قربان ڪيو ۽ سندس اولاد به سر قربان ڪيا، ڀٽو صاحب کان پوءِ جيڪا به سياست آئي اها واپاري سياست ٿي ويئي . زياده طرح نواز شريف ۽ آصف علي زرادري جي حڪومتن، واپاري ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا عوام انهن جي ڪرپشن ۽ مال ملڪيت ٺاهڻ،پنهنجا نوازڻ واري پاليسي کي ڀرپور نموني سان ڏسي چڪو آهي انهن جي دور ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي جن جا ثبوت به ميڊيا جي ذريعي تمام گهڻا سامهون آيا،ڪرپشن ۽ واپار واري سياست ۾ نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف،الطاف حسين ، چودهري شجاعت، راجا پرويز اشرف، مخدوم يوسف رضا گيلاني، شرجيل ميمڻ، آصف زرداري جا فرنٽ مين انور مجيد ڊاڪٽر عاصم، منظور ڪاڪا ۽ ٻيا جن ڪرپشنن جا مزا ماڻيا…. سياست کي تجارت ۾ تبديل ڪيو انهن جا قصا تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن سياسي پارٽي ۽ حڪمران جماعتن جا ننڍا وڏا عهديدار ايم پي اي، ايم اين اي وزير، ڇا ڇا سياست ۾ اچي ڪرپشن نه ڪئي آهي ؟ انهن کان پوءِ ننڍيون ننڍيون پارٽيون جيڪي اقتدار ۾ ناهن انهن ته صرف سياست کي تجارت ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا آهن . هن وقت سياست جهڙو سولو واپاري ۽ وهنوار ٻيو ڪونهي سياسي پارٽيون ۽ انهن جا خاص ماڻهو ايجنيس سان ملي ڪري ڪرپشن ڪري رهيون آهن .هن وقت سياست بهترين واپار آهي سُڃو ارب پتي ٿيو وڃي ۽ سياستدانن جا نور نظر به کرب پتي ٿيو وڃن ڪابه پڇاڪونهي ڪوبه احستاب ڪونهي ايف آئي اي، نيب، اينٽي ڪرپشن ڪو خاص ڪارنامو ۽فيصلو عوام جي اڳيان نه آيو آهي بس رڳو ڇاپا ئي ڇاپا زرلٽ زيرو، عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ ڇاپن جي بازار گرم ضرور آهي پر نتيجا ڪجھ به نٿا اچن سياسي واپاري عوام کي اکين ۾ ڌوڙ وجهن پيا .هينئر سياست جي جادوگري ۽ تجارت ۽ پئسه ڪمائڻ جو فن ٿي ويو آهي جنهن وٽ گهڻو پئسو آهي اهو هوتيز ۽ وڏو سياستدان آهي ۽ هڪ اها سياست آهي جيڪا پارٽي ۽ مخلص ورڪر ڪن ٿا اهي ته ڏکن بکن ۾ به رهن ٿا ۽ عوام به هينئر گهڻي قدر واپاري سياستدانن جي اڪثريت ۾ ڀاڱيوار ئي چڪو آهي . عوام انهن سياسي واپاري جو ڪوبه احستاب نٿو ڪري نه ووٽ جي طاقت سان مزاحمتي تحريڪ سان…،پر جيڪو جنهن به پارٽي ۾ مخلص نظرياتي ورڪر آهي اهو معاشي ليول ئي تمام گهڻو پريشان رهي ٿو هڪ شهرکان ٻئي شهر ڏانهن تنظيمي ڪم ڪار لاٰءِ وٽس ڪرايو به نه هوندو اٿس. اهو نظرياتي ورڪر خدمتن ۽ نظريي واري جذبي سان سَرشار هوندو آهي اهڙا ورڪر ۽ پارٽيون سياست واپار واري جا حامي نٿا ٿين،اصولن تي مخلص ۽ نظرياتي ورڪر اصولن تي پارٽي جي قيادت ۽ اڳواڻن سان به ڪجھ قدر مزاحمتي انداز اختيار ڪندو رهندو آهي جيڪي سياسي ورڪر نظرياتي طور تي مضبوط هوندا آهن اهي قومي جذبي ڏاهپ ۽ جهدوجهد جا بهترين هيروز هوندا آهن. قربانين کي پنهنجو نصيب العين سمجهندا آهن اُهي قومن جو ۽ ملڪ جو عظيم سرمايو هوندو آهي پر هنيئر جيڪا واپاري سياست هلي رهي آهي انهيءَ جي ڪري ڪجھ قدر خاموش آهن ۽ پريشان به آهن اهو سوچين پيا ته واپاري سياست جو ڪڏهن خاتمون ايندو؟ نظرياتي اصولن واري سياست جو ڪڏهن وارو ايندو؟ مايوسين ۾ اميدن جا ڏيا ٻاري جنهن به جيئڻ سکيو آهي اهو ڪڏهن به هار نٿو کائي سگهي. سُون جي پرک باھ تي هوندي آهي انسان جي پرک ڏکن ۾ ٿيندي آهي… جڏهن اهو انسان ڏکن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪري جڏهن اصولن واري منزل تي پهچندوآهي اهو ڪڏهن به شڪست نه کائيندو آهي اهو ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ مضبوط اثاثو ثابت ٿيندو آهي انهن کي هر طرح جو تجربو ڪاميابي جي منزل لاءِ وڌائيندو رهندو آهي ۽ هر سازش کي منهن ڏيئي جي جرعت پيدا ٿي ويندي آهي ۽ اهو ملڪ ۽ قوم جو هڪ روشن مينار ثابت ٿيندو آهي پنهنجي تاريخ ٺاهي اَمر ٿيندا آهن…. جيڪا به پارٽي يا ان مان نظرياتي ورڪر پارٽي سياست جا حامي نه هوندا آهن انهن جي جهدوجهد کي هن وقت واپاري سياست جي ڪري ۽ جهدوجهد جي موٽ نٿي ملي اهو هڪ اهم ۽ سوچڻ وارو سوال آهي جنهن تي مخلص قيادت ۽ ان جو سرمايو ورڪرهن وقت موجوده واپاري سياست ئي گهڻي قدر فڪرمند ۽ پريشان آهن ته سياسي ۽ مخلص نظرياتي تبديلي ڪڏهن ٿي اچي !!؟. واپاري سياست کي بنجو تڏهن اچي سگهي ٿو جڏهن سياسي سماجي تبديلي لاءِ مستقل مزاج ، نظرياتي ۽ سخت تان سخت انقلابي جهدوجهد ۽ مزاحمتي تحريڪ سان ئي واپار واري سياست جو خاتمو اچي سگهي ٿو،يا خوني انقلابي سان ئي روڪي سگهجي ٿو، جتي انقلاب ايندو آهي اتي رَت جي قرباني ضرور ڏيڻي پوي ٿي انهيءَ لاءِ نظرياتي سياسي پارٽيون ڪجھ سوچي رهيون آهن ته واپاري سياست ختم ٿيڻ گهرجي!! ايندڙ نسل لاءِ انقلاب جي نويد ڏني وڃي…ته ڇاڪجي!!؟ واپاري سياست جي ڪري ۽ پروٽوڪول واري طريقي ۾ عوام ڏاڍو پريشان ۽ بيزار آهي معصوم زندگي اسپتالن تائين نٿيون پهچن ۽ معصوم ٻاراسڪولن ۾ پڙهائي نٿا ڪري سگهن. عوام وقت تي ڪٿي پهچي نٿو سگهي واپاري سياستدانن کي عوام جو ڪنهن به ليول تي درد نٿو محسوس ٿئي صرف ۽صرف پنهنجي واپار جي فڪر هوندي اٿن. انهن جا ڪوڙا اعلان عوام کي دوکي ڏيڻ لاءِ ڪندا آهن ۽ ڪيترين ئي سالن کان انهن تي عمل به نٿو ڪيو وڃي عوام انهن به سياسي واپارين ۽ خانداني واپار مان تنگ آهي ۽ وري رينگٽ عوام جي خدمت جو ڪندا آهن عوام ۾ اڃان ايتري سمجھ ڪجھ گهٽ نظر اچي ٿي ۽ ووٽ به انهن واپارين کي ڏين ٿا جيستائين عوام انهن ليٽرن ۽ واپارين مان ووٽ ذريعي جان آزاد نه ڪرائيندو مثبت سوچ ۽ انقلاب لاءِ ڪو عملي قدم نٿو کڻي،تيستائين ڀوتار واپاري هر حڪومت جا پوڃاري هوندا آهن انهن جي خلاف ڪا سگهاري تحريڪ جي ضرورت آهي؟عوام کي پنهنجي حقن لاءِ صحيح قيادت کي چونڊڻو پوندو،واپاري سياستدان مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ قرباني ڏيندڙليڊرن ۾ فرق ڪرڻو پوندو ڀٽو صاحب چوندو هو ته عوام مون جواستاد آهي استاد کي، هن مفاد پرست سياست ۽ اصولن واري سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،سياسي واپارين جا اهم ڪردار ۽ ثبوت عمران خان بار بار ٻڌائيندو رهندو آهي پنهنجي احتجاجي ڌرڻي ۾ کوڙ ساريون حقيقتون به ٻڌايون هيون انهيءَ نواز شريف ۽ سندس خاندان ۽ آصف زرداري ۽ سندس ٽولي جي ملڪيتن جا راز کوليا هئا ڪرپٽ ليڊر هميشه پنهنجي ڪرپشن وارن سياسي حڪومتن جو ساٿ ڏيندو آهي جيئن نواز شريف کي آصف زرادري، خورشيد شاھ، فضل الرحمان،اسفند يار ولي جي پارٽي ۽ ٻين کلي ساٿ ڏنوسڀني کي ڊپ هو ته اڄ جيڪڏهن نواز شريف جي ڪرپشن ۾ هٿ پيوته انهن تي به پهجي سگهي ٿو تنهن ڪري نواز شريف ۽ زرداري ٻئي ڀائر ٿي ويا، سندن ڪرپشن جا ملڪ جي تاريخي ۾ ڪارنامه لکجي چڪا آهن، لٽ مار جي انتها ڪري ڇڏي آهي هاڻ رينجرس جن هن ڪرپشن ۾ آفيسرن ۽ سياسي ماڻهن ۾ هٿ وڌا آهن ته زرداري ۽ انهن جي پارٽي ۾ ريهيون پهجي ويون آهن گوڙا گوڙا ٿئي ويئي آهي هاڻ زرداري خورشيد شاھ جي ٻولي ڌمڪين واري هلي رهي آهي چوندا آهن ته جڏهن ڳچيءَ ۾ هٿ پوندو آهي پوءِ تڪليف جو احساس به ضرور ٿيندو آحي عوام جي اڳيان انهن جا مڪروه چهرا ظاهر ٿي چڪا آهن آصف زرداري مفاهمت پاليسي وارو جيڪو ڍونگ رچايو آهي انهيءَ جو مطلب اهو هوته هڪ ٻئي جي ڪرپشن لڪائي وڃي جيڪو ونڻي پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪري ۽ ڪير ڪنهن نه چوي هن ملڪ کي هاڻ مفاهمتي پاليسي واپاري سياست جي ضرورت ناهي، مفاهمتي پاليسي جي ڪري ڪراچي ۾ جيڪو ڪُوس ٿيو ۽ لٽ مار ٿئي ڪرپشن سان عوام جو سڪون لٽجي ويو خوف حراس واري فضا قائم ٿي عوام جي جان مال محفوظ نه رهي ڪراچي جي عوام چند ٽارگيٽ ڪلرنن يرغمال رهي، جنهن جي سرپرستي الطاف ڀائي ڪئي انهن کي جڏهن رينجرس هٿ ڳنڍيا ته سڀ ظاهر ٿي پيا تنهن قدر ڪراچي ۾ امن امان قائم رهيو ماڻهن سک جوساھ ڪيو….. ڪرپٽ ۽ سياسي واپارين نواز حڪومت جاگيت ڳائڻ شروع ڪيا ته جهموريت کي خطرو آهي تڏهن نواز حڪومت کي بچايو ويو حالانڪ پنهنجي ڪرپشن کي بچائڻو هو جمهوريت کي ڪوبه خطرو نه هو… هاڻ وري جڏهن نواز حڪومت زرداري ٽيم کي ڪرپشن ۾ هٿ ڳنڍيا آهن ته چوڌهري اعترازحسن ۽ خورشيد شاھ چوڻ تي مجبورن ٿيا ته اسان وڏي غلطي ڪئي جو نواز حڪومت کي ساٿ ڏنو ۽ عوام کان معافي ورتي آهي واپاري سياستدان ۽ پارٽين جو قلابازون انهيءَ مان ثابت ٿيوآهي ته سياسي واپارين ۾ مستقبل مزاجي به ناهي. مفادن تي حمايت ڪن ۽ جڏهن سندن مفادن تي وار ٿئي ته فورن عوام کان معافي وٺن ٿا اها سياست عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪونهي، صرف ۽ صرف واپار کي بچائڻ لاءِ اهڙيون ڪلابازون ڏيندا رهندا آهن .سياست ۾ خدمت ڪئي ۽ عوام کي عزت ڏني ۽ صحيح جيئڻ جو حق ڏنو ته صرف ئي صرف ڀٽو صاحب جي حڪومت ڏنو باقي سياست مفادن واري ملندي پئي اچي. ڪرپشن ۽ واپاري سياست جو خاتمو تڏهن ايندو. جڏهن نواز شريف جي خاندان ۽ سندس پارٽي جو به احستاب ٿيڻ گهرجي. رڳو سنڌ ۾ ڪرپشن ڪونهي. جيڪڏهن صحيح احستاب ٿيوته پنجاب ۾ جيڪي سياسي واپار ۽ ڪرپشن ٿئي آهي اُهي سڀني جا رڪارڊ ٽوڙيندا.سنڌ ۽ پنجاب جي ڪرپشن ۾ ٿورو فرق آهي پنجاب ۾ پراجڪيٽ جا علان ڪري ڪم جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪرپشن شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ سنڌ ۾ ته رڳو اعلان ڪيو وڃي ٿو. عملي طور ڪابه شيءَ نظر نٿي اچي صرف اعلان تي زور ۽ کائڻ تي زور ڪابه پڇا ڪونهي؟ ملڪ ۽ سنڌ جو پئسو ڪي.نه پيو لٽجي! ۽ هاڻ زرداري ۽ سندس پارٽي جا ڪافي ڪرپٽ ۽ اسپوڪ مين ملڪ ڇڏي ڀڃي ويا آهن وري زرداري لاءِ اهو چون ٿا ته بيمار آهي علاج پيو ڪرائي جلد اچي ويندو زرداري اجلاس ڪري پيو، دورا ڪري پيو پارٽي جا اجلاس ڪري پيو ۽ خبرچار رکي پيو حڪم ڏئي پيو،پرآهي ويچارو بيمار!!؟ اهڙي بيمار جوته هرڪو خواهش مند هوندو آهي؟. هاڻ ملڪ ۾ احستاب جو عمل بي رحم ٿيڻ گهرجي ۽ شفاف به ٿيڻ گهرجي!!؟ نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آئي اي هيستائين ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا ڪارنامه ڏنا آهن؟ سدائين ڪرپشن کي هٿي ڏني آهي يا بدقسمتي اها آهي جو ملڪ جا جيڪي وزيراعظم، نواز شريف، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني ۽ ملڪ جو سابق صدر آصف زرداري ۽ ٻين تي ڪرپشن جا کوڙ ڪيس ٿيا. نيب، اينٽي ڪرپشن ڇا ڪيو؟ اڄ ڏينهن تائين ڪو فيصلو آيو آهي؟ بلڪل نه رڳو ڊرامائي طريقڪار هلائي.ڊيگھ ڏئي ڪيسن کي ڪمزور ڪيو وڃي پيو پ پ پ جي حسرت آهي ته ڪرپشن ۽ اختيار رينجرس کي نه ، سوال هو ٿو اڀري ته اهي ادارا سدائين توهان جي اشارن تي نچيا آهن ڪوبه ملڪ ۽ عوام جي لاءِ مثبت ڪردار ادا نه ڪيو اٿن پوءِ انهن تي زور ڇو…؟ عوام جي نظرن ۾ اهي به سياسي واپاري ۽ ڪرپشن جا ساٿاري رهيا آهن سالن جا سال ڪيس هلن ٿا ماڻهو مري وڃن فيصلو نٿو اچي… اها نيب جي ڪارگردگي..!؟ عوام چوي ٿوته نواز شريف، الطاف حسين، آصف زرداري،انهن عوام کي ڪرپشن ، لٽ مار، قتل، دهشتگردي کان سواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو هاڻ ڇا ڏيندا..؟ جيڪو به سياست واپار سمجهي ڪري ٿو ته اهو ارب پتي، کرب پتي ٿيندو وڃي پيو، عوام کي انهن ليٽرن ڇا ته ڏنو آهي؟؟؟ بلاول زرداري شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي تي خطاب ڪندي چيوته نواز شريف وزير اعظم کي نه صوبن جي خلاف سازشون ٿيو ته دمادم مست قلندر ٿيندو دهشتگردن جي خلاف جنگ مون جي ماءُ ڪئي ڀلا بلاول پنهنجي پارٽي ۾ ڪرپشن جي خلاف دمادم مست قلندر ڪئي آهي پنهنجي ماءُ دهشتگردي ۾ مارجي وئي ايف آئي آر به نه ڪٽائي سگهيو؟ پنهنجي حڪومت هوندي …ٰ!!!؟ اتي دمادم مست قلندر ڪئي …!!؟ پارٽي جي ورڪرن جن قربانيون ڏنيون انهن کي نوڪريون يا ٻيو روزگار جون سهولتون ڪري ڏنيون؟ جيڪي ڪارساز تون جي والده تي حملي دوران سوين ورڪر شهيد ٿيا انهن جي قاتلن جي خلاف ايف آئي آر ڪٽرائي انهن جي مائٽن عزيزن کي نوڪريون يا مرعاتون ڏنيون؟ ڪرپٽ وزيرن نوڪريون وڪيون ۽ واپار ڪيو انهن جي خلاف ڪو ايڪشن يا دمادم مست قلندر ڪيو؟ جڏهن پنهنجي والده عوام، ورڪرن ۽ ملڪ لاءِ ۽ سنڌ لاءِ دمادم مست قلندر نه ڪيو ته ٻي ڪنهن جي لاءِ دمادم مست قلندر ڪندي؟ تون جي دمادم مست قلندر واري ڌمال شايد عوام هاڻ قابل قبول نه ڪري!؟ هي ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي…الطاف حسين جيڪو سنڌ جو کائي پيو سڀ ٽارگيٽ ڪلر سندس پارٽي جا آهن؟ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ۾ شامل، تون جو والد زرداري صاحب ان سان ياري نڀائي رهيو آهي ڇو؟ جنهن سنڌ ۾ تون جو نانو، ناني، ماءُ، مامن جي ڌرتي کي ٽوڙئڻ جي سازش ڪري پيو، انهيءَ جي خلاف تون دمادم مست قلندر ڪيو ؟ اُتي تون به خاموش آهين آخر ڇو؟ عوام کي جواب ڏنووڃي….؟ نواز شريف جي ڪرپشن تي تون به خاموش آهين اهو ڇو؟ ڪڏهن تون انهن سڀني جي مسئلن تي دمادم مست قلندر ڪندي؟؟ ۽ ڪهڙي قسم جو طريقي جو دمادم مست قلندر هوندو؟ سياسي ڌڙڪو سياسي دمادم مست قلندر هوندو؟عوام جواب ٿو گهري…؟؟؟ عوام کي هاڻ سياسي ڪرپشن ۽ واپار واري سياست جو خاتمو ٿو گهرجي؟ کوکليون ڳالهين سان ۽ سکڻي دلاسن سان عوام جي خدمت نه ٿيندي احستاب پنهنجو به ڪريو ۽ ٻين جو به ٿيڻ گهرجي تڏهن هي ملڪ بچي سگهندو عوام سک جو ساھ تڏهن کڻندو عوام هاڻ واپاري سياست نٿو قبول ڪرڻ چاهين انهي جو خاتمون ڪڏهن آڻيندا عوام کي جواب گهرجي؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو