چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جو حملو، 20 ڄڻا شهيد 50 زخمي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جو حملو. حملي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 20 ٿي ويو آهي، 50 کان وڌيڪ زخمي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چارسده/راولپنڊي (م ڊ+ع آ نيوز) چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾دهشت گردن جي حملي ۾ پروفيسر ۽ 18 شاگردن سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. گذريل ڏينهن 4 دهشت گرد باچا خان يونيورسٽي جي پٺئين پاسي ٻنين کان ڇتيون ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. 15 منٽن اندر 2 ڌماڪا به ڪيا. دهشت گردن جي فائرنگ ۽ ڌماڪن ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 60 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال داخل ڪيو ويو. يونيورسٽي ۾ حملي وقت باچا خان جي ورسي جي موقعي تي هڪ مشاعري جو بندوبست هو. مشاعري ۾ استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. وي سي موجب فائرنگ دوران 3 هزار شاگرد ۽ 600 مهمان يونيورسٽي اندر موجود هو. فائرنگ بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. حملو 9 لڳي 15 منٽن تي ٿيو. شاگرد پنهنجي ڪلاسن، جڏهن ته شاگردياڻيون هاسٽل تائين محدود ٿي ويون. صوبائي وزير شوڪت يوسف زئي جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، جن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد حامد، سيد ڪمال، عمران، شيراز، ساجد، الياس، فخر عالم، حامد حسين، احمد ڪمال، رحمان الله، عبدالحميد، حيدر علي، صديق الله، نعمت خان ۽ ٻيا شامل آهن. شوڪت يوسف زئي موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ 2 شاگردياڻيون، 4 سڪيورٽي گارڊ ۽ 2 پوليس اهلڪار به شهيد ٿيا آهن. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جِي انتظاميا موجب، شهيد ٿيلن مان 20 ڄڻن جا لاش آندا ويا آهن. دهشتگردن جي حملي ۾ چئن سڪيورٽي گارڊن سميت 60 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن ۾ عاصم، خالد حسين، ذاڪر حسين، محمد اسحاق، سمعيع الله، احسان الله، حضرت حيات، محمد اقبال، شهزاد افتخار، جنيد ۽ ٻيا شامل آهن. دهشتگرد حملي جي زخمين کي چارسده ۽ مردان اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمي جو علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڪوهيڙي سبب ڪجهه به نظر نه پئي آيو، ٿي سگهي ٿو ته دهشتگرد ڪوهيڙي جو فائدو وٺي اندر داخل ٿيا هـُجن. ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ايليٽ فورس ۽ فوج کي طلب ڪري يونيورسٽي کي گهيري ۾ آندو ويو. ٻئي طرف خيبر پختون خواهه حڪومت چارسده سانحي تي 3 ڏينهن سوڳ ۽ مقامي انتظاميا 31 جنوريءَ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽئي ڏينهن قومي جهنڊو پڻ جهڪيل رهندو.

    دهشتگرد ٻنين مان آيا، پوئين در کان داخل ٿيا

    چارسده (آن لائن) باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشت گرد يونيورسٽي جي پوئين گيٽ کان ٻنين مان داخل ٿيا ۽ داخل ٿيندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. اکين ڏٺن شاهدن موجب دهشتگردن ڪوهيڙي جو فائدو کڻندي پوئين در کان داخل ٿيا، جنهن تي يونيورسٽي جي سيڪيورٽي ۽ انتظاميا شاگردن کي يونيورسٽي خالي ڪرڻ جو چيو، جنهن تي ڀاڄ پئجي وئي، جنهن سان به ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. هنن ٻڌايو ته پهرئين مرحلي ۾ دهشت گردن سان سيڪيورٽي گارڊن مقابلو ڪيو، جنهن بعد دهشتگرد ڪيمسٽري ۽ مئنيجمينٽ سائنسز شعبن طرف وڌيا.

    حملو ساڍي نائين وڳي شروع ٿيو، فوج پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳو

    چارسده (آن لائن) باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشت گردن حملو ساڍي نائين وڳي ڪيو ۽ ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پاڪ فوج جا جوان ۽ پوليس جي وڏي نفري ڏهين وڳي سر زمين تي پهچي ويا. فوج جا جوان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيا ۽ يونيورسٽي ۾ واڙيل شاگردن کي ٻاهر ڪڍيو.سيڪيورٽي فورسز يونيوسٽي کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن ڪيو. جڏهن ته فوج جو هيلي ڪاپٽر به سرچ آپريشن جي هوائي نگراني ڪندو رهيو.

    شهيد پروفيسر ڊاڪٽر احمد جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

    پشاور(م ڊ) چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي اربع ڏينهن ٿيل دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پروفيسر ڊاڪٽر حامد حسين کي اباڻي شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد پروفيسر جي جنازي نماز ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي شخصيتن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ معزز شهرين شرڪت ڪئي. شهيد ڊاڪٽر حامد حسين 1982ع ۾ جنم ورتو ۽ انگلينڊ مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد 2013ع ۾ باچه خان يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي هئي.

    در کولڻ شرط فائر ٿيا ۽ بم اڇلايا ويا، بچي ويل شاگرد

    چارسده (م ڊ) چارسده جي باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشت گردن جي حملي کان پوءِ هاسٽلن مان بچي نڪرندڙ شاگردن چيو ته حملو ڪندڙن کي جيڪٽون پاتل هيون. هنن چيو ته اسان جيئن ئي در کوليو ته دهشت گردن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ بم اڇلايا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو