سمارٽ فون وڃائجي وڃي ته به رابطن جا نمبر محفوظ

'سمارٽ فون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪنهن زماني ۾ ته ماڻهو پنهنجي ڄاڻ سُڃاڻ سبب يا ڪمين ڪارين ماڻهن جا نالا ئي ياد رکندا هُئا. وقت گُذريو ته رابطن جي وجه وڌڻ لڳي. رابطا به وڌڻ لڳا نالن سان گڏ ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ يا ڪم ڪرڻ جي جاءِ به ياد رکڻ شُروع ڪئي وئي. اڳتي هلي جڏهن رابطن جا ذريعا سنيهن جي صورت اختيار ڪري ويا ته باقاعده نظام رائج ٿيا جنهن جي هڪ صورت پوسٽ آفيس ۽ ڪوريئر سروس اڄ به آهي. پر جڏهن گراهم بيل جي مهربانين سان فون آئي ته نالي سان گڏ نمبر به نوٽ ڪرڻو ٿي پيو. اهو سلسلو لڳ ڀڳ هڪ صديءَ تائين هلندو رهيو. جيستائين فون جي بس هڪ ئي صورت يعني لئنڊلائن فون هُئي، ماڻهن فون نمبر يا ته ياد ٿي رکيا يا وري ڪنهن ڊائري وغيره ۾ پئي نوٽ ڪيا. پر جڏهن موبائل فون آئي ۽ ان ۾ ئي رابطن جا نمبر محفوظ ڪرڻ جي سهولت آئي ته گهڻي آساني ٿي پئي.

    انهي سهولت سان جتي فائدا ٿيا اُتي ڪُجهه نُقصان پڻ ٿيا. جيئن ته اڳي لئنڊ لائن هُئي ته نمبر ٿورا هوندا هُئا. هر گهر ۾ فون هُجي ته به هڪ خاندان وٽ هڪ نمبر هو. پر جڏهن موبائل فون آئي ته هر گهر جي هر فرد وٽ فون ٿي وئي ته ان سان رابطا به وڌي ويا. نمبرن جي گهڻائي ٿي وئي ۽ هر ماڻهوءَ کي سوين نمبر نوٽ ڪرڻا پئجي ويا. هڪ عام سِم ۾ به 250 جي لڳ ڀڳ رابطا محفوظ ڪرڻ جي گُنجائش هُئي پر اها به اڻ پوري ٿي پئي ڇو ته مِٽ مائٽ، دوست يار يا وري ڪم ڪار جي ڪري جن سان رابطو رکڻو ٿي پيو انهن جي تعداد وڌي وئي.

    فون خراب ٿيڻ يا وڃائجي/ڦُرجي وڃڻ ته عام ڳالهه آهي. جڏهن به ڪُجهه اهڙو ٿيو ٿي ته سڀ رابطا هليا ٿي ويا. ان کان علاوه فون وِڪڻن يا تبديل ڪرڻ سان به نمبر محفوظ رکڻ ڏُکيو ٿي ٿيو پر ان لاءِ وري به هڪ حل اهو هو ته رابطا سِم ۾ محفوظ ڪجن. فون مَٽائجي ته به رابطا محفوظ. پر پوءِ به اڪثر اهو ٿيندو رهي ٿو ته فون وئي ته هڙ وئي. خاص ڪري اُهي ڪاروباري ماڻهو جن جو سڄو ڏينهن ڪم ئي فون تي هلي انهن جا رابطا ويا ته جهڙو ويل ٿي ويو. پر هر مسئلي جو حل ته ڪو نه ڪو هوندو ئي آهي جيئن ٽيليفون جي موجد گراهم بيل جو ئي قول آهي ته

    When one door closes, another opens; but we often look so long and so regretfully upon the closed door that we do not see the one which has opened for us.

    (جڏهن هڪ در بند ٿئي ٿو ته ٻيو کُلي ٿو، پر اسان ملال ۾ رُڳو بند در ئي ڏسندا رهون ٿا ۽ اسان کي ٻيو کُلي پيل در نظر نه اچي سگهندو آهي). ايئن ئي رابطا وڃائڻ جي مسئلي کي ڏسي ان جا به حل ڪڍيا ويا آهن پر اسان مان گهڻن کي اهي نظر نه ٿا اچن.

    ان جو ڪنهن قدر هڪ آسان حل گوگل وارن ڪڍيو جيڪو ٻين مُلڪن ۾ ته عام استعمال ۾ آهي پر اسان وٽ اڃان ايترو عام ناهي ٿيو. توڙي جو سمارٽ فون استعمال ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت اهو آپشن استعمال ڪري ٿي پر اڃان به گهڻا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي وڏي وقت کان سمارٽ فون استعمال ڪن پيا ٿا پر اڄ به فون وڃائجڻ تي هو رابطا نمبر وڃائجڻ تي پريشان ٿين ٿا. جيئن ته اڄ ڪلهه جيڪو به سمارٽ فون استعمال ڪري ٿو اُهو وس ڪري ائنڊرائڊ فون ئي ستعمال ڪري ٿو تنهنڪري وٽس Gmail جي آئي ڊي ته هوندي ئي هوندي ڇو ته کيس گوگل پلي تان ايپليڪشن استعمال ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي. (پر ايئن به ناهي ته اها سهولت رُڳو ائنڊرائڊ فون ۾ آهي. بلڪه هر سمارٽ فون ۾ اهو ڪري سگهجي ٿو). اها Gmail ئي رابطا محفوظ ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. (ٻين اي ميلز سان به اهو ڪري سگهجي ٿو پر Gmail سان آساني وڌيڪ آهي) اُن جو طريقيڪار ايئن آهي ته اوهان پنهنجي سمارٽ فون ۾ وڃي رابطن واري لسٽ جي سيٽنگ واري آپشن ۾ پنهنجا سڀ نمبر Gmail تي ملايو يا ايئن چئجي ته (synchronize) ڪرايو. اهو عمل عام طرح سڀني فون سيٽن ۾ ساڳي طرح ٿيندو آهي پر وري به جيڪڏهن سمجهه ۾ نه اچي ته انٽرنيٽ تي گوگل ۾ وڃي پنهنجي فون سيٽ جو ماڊل ڏيئي اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته فلاڻي فون سيٽ جا ڪانٽيڪٽس Gmail سان ڪيئن synchronize ٿيندا؟ تصويرن سان سمجهاڻي اچي ويندي ۽ اوهان آرام سان اهو عمل مڪمل ڪري سگهو ٿا. هڪ دفعو اوهان پنهنجا رابطا synchronize ڪري ورتاته پوءِ جيئن هن ئي پيج تي تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. اوهان اي ميل کوليو ته کاٻي پاسي Contact جي آپشن ۾ وڃي ڏسندؤ ته اوهان کي پنهنجي رابطن جي سڄي لسٽ نظر اچي ويندي. اوهان ان ۾ جيڪڏهن تصويرون ڏيڻ چاهيو ٿا ته اُهي رکي سگهو ٿا جيڪي پوءِ اوهان کي ان نمبر تان ڪال اچڻ مهل نظر پڻ اينديون.

    جڏهن هڪ دفعو اهو اوهان نمبر فون تان synchronize ڪري پنهنجي Gmail تي ڏسي ورتا ته هاڻ اهي محفوظ آهن. اوهان فون استعمال ڪندي ڪو نمبر ڊليٽ ٿا ڪريو ته اُهو Gmail تي محفوظ نمبرن جي لسٽ مان پڻ ڊليٽ ٿي ويندو. ايئن ئي جيڪڏهن ڪو نئون نمبر فون ۾ ايڊ ڪبو ته اُهو پاڻ مُرادو Gmail اڪائونٽ ۾ پڻ محفوظ ٿي ويندو. بس شرط اهو آهي ته اها اپڊيٽ رُڳو اُن مهل ٿيندي جڏهن اوهان پنهنجي فون تي انٽرنيٽ کي فعال رکيو هُجي.

    هاڻي جيڪڏهن فون وڃائجي وڃي ته فورن پنهنجي Gmail اڪائونٽ جي پاسورڊ کي تبديل ڪجي. ان سان اِهو ٿيندو ته جنهن وٽ فون آهي اهو اوهان جا نمبر ڊليٽ به ڪري ته به اهي Gmail ۾ محفوظ هوندا. ڇو ته جڏهن پاسورڊ تبديل ڪبو آهي ته Gmail پاڻ مرادو فون تان بند ٿي ويندي ۽ اڳيون ماڻهو چاهي ته به ڪُجهه نه ٿو ڪري سگهي. يا وري اوهان فون وڪڻڻ ٿا چاهيو ته به فون ۾ Gmail اڪائونٽ مان لاگ آئوٽ ٿيو ۽ انٽرنيٽ کي غير فعال ڪري پنهنجي فون مان سڀ نمبر ڊليٽ ڪري ڇڏيو. هاڻي جڏهن اوهان نئون فون وٺي اُن ۾ Gmail تي لاگ اِن ٿيندا ته اوهان کي اُتي ئي هڪ آپشن نظر ايندو ته ڇا اوهان پنهنجا Gmail ڪانٽيڪٽ هِتي آڻڻ چاهيو ٿا؟ ان جو جواب ها ۾ ڏيڻ تي اوهان جا سڀ ڪانٽيڪٽ فون ۾ مُڪمل تفصيل سان اچي ويندا جيڪي اڳ اوهان محفوظ ڪري رکيو هُيون.

    هونئن ته Gmail کي ماڻهو محفوظ ئي رکي ٿو ۽ هر ڀرو هٿن مان نه ٿي وڃي پر جيڪڏهن اهو ڊپ آهي ته اها به هيڪ ٿي سگهي ٿي يا پاسورڊ وسري وڃي ته پوءِ ان کي نه کولي سگهڻ جي صورت ۾ به نمبر هٿ اچڻ مُشڪل ٿي پوندو. جيڪڏهن ڪو اهڙو مسئلو آهي ته ماڻهو مهيني ٻي مهيني Gmail جي Contacts آپشن ۾ وڃي پنهنجا سڀ نمبر مائڪروسافٽ ايڪسل جي صورت ۾ محفوظ ڪري وٺي. اها فائل ان صورت ۾ ڪم ايندي جڏهن اوهان Gmail جو پاسورڊ وساري ان تان هٿ کڻي ويٺا هُجو ۽ نئين Gmail آئي ڊي ٺاهڻ ٿا چاهيو يا وري هيڪ ٿيل آئي ڊي اوهان کي ٻيهر ملي ٿي پر ان تان ڪانٽيڪٽس هيڪر ڊليٽ ڪري ڇڏيا آهن. اوهان وٽ سڀ نمبر ايڪسل فائل جي صورت ۾ محفوظ آهن ته اوهان نئين Gmail جي Contacts واري آپشن ۾ وڃي اها فائل امپورٽ واري آپشن سان لڳائي پنهنجا رابطا ٻيهر فعال ڪري سگهو ٿا. مطلب ته ٿوري احتياط سان اوهان جا رابطا ڪنهن به صورت ۾ به نه وڃائبا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اها صلاح به سهڻي . ڪم وڻيو
     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    بهترين لکڻي جنهن تي عمل سئولو ۽ ممڪن به آهي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو .... ڪاش اسان جا دوست هنن لکڻين مان ڪجهه پرائين. مونهنجا سيٽ ڪافي دفعا مون وٽا گم ٿيا آهن يا کسيا ويا آهن. پر گوگل جي مهرباني آهي جو ڪانٽيڪٽ ۽ تصويرون محفوظ ڪري وٺي.
     
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مون به ان سهولت مان فائدو وٺندي خاص نمبر گوگل تي محفوظ ڪري ورتا هئا ۽ هاڻ جڏهن فون ورتم ته اهي نمبر واپس ملي ويا يعني گهڻو وقت بچي ويو.
    توهانجي ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي..
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين اسان وندان ماڻهن کي نمبر ته هٿ اچي ويندا پر فون وري ڪونهي ملندو ڪو اهڙو طريقو ٻڌايو هو فون به واپس اچي وڃي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سٺو ليک ...
    هوئن دوستن جي فائدي لاءِ ڳالهه ڪندو هلان ته phoneswappr نالي ايپليڪيشن به ان سلسلي ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي... جو هن ذريعي اينڊروائيڊ، آئي فون ۽ ونڊوز فون تي موجود رابطا نمبرن کي سيڪرونائيز ڪري سگهجي ٿو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو