ڪائنات شهاب ثاقب يا پڇڙ تارو. شفيق شاڪر گرمين جي صاف راتين ۾توهان ڪڏهن ڪڏهن ڏٺو هوندو ته آسمان مان هڪڙو تارو ٽٽو ۽ روشنيء جي هڪ تيز لڪير ڇڏيندو ڪنهن طرف غائب ٿي ويو.اها روشنيء جي لڪير ٺاهيندڙ شيء شهاب ثاقب يا ميٽيوئر آهي.شهاب جي معنيٰ آهي ٽٽڻ وارو تاروجڏهن ته ثاقب جي معنيٰ آهي تيز روشن.ته شهاب ثاقب جي معنيٰ ٿي ٽٽڻ وارو تيز روشن تارو. سنڌي ء ۾ انهيء کي پڇڙ تارو به چوندا آهن.پر حيرت جي ڳالھ اها آهي ته شهاب ثاقب تارو نه آهي ۽ نه ئي تارن وانگر پاڻ روشن آهي پر اهي جڏهن هوا سان رڳڙجي ٻري پون ٿا ته تيز روشني پيدا ڪن ٿا.جيڪي شهاب ثاقب فضا مان گذري اچي زمين تي ڪرن تن کي شهابيه يا ميٽورائيٽ چئبو آهي. زمين سج جي چوڌاريء گھمي ٿي ۽ جڏهن ڪو شهاب ثاقب انهيء جي ويجھو گذري ٿو ته اها ان کي ڇڪي وٺي ٿي.جيئن ئي اهو زمين جي طرف ڪرڻ لڳي ٿو ته هوا سانرڳڙڻ سبب زمين کانچاليھ ميل مٿي ئي سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿو. .ڪڏهن ايئن به ٿئي ٿو جواهو مڪمل طرح سڙي نٿو وڃي ۽ اچي زمين تي ڪري ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي عجائب گھرن ۾ اهڙا شهاب ثاقب موجود آهن جيڪي مختلف ملڪن ۾ ڪريا آهن جن کي هث ڪري عجائب گھرن ۾ رکيو ويو آهي.انهن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوء سائنسدان ان حقيقت تي پهتا آهن ته شهابن ۾ به جبلن ۽ ڌاتن جا اهي ئي ڪيميائي مادا موجود آهن جيڪي اسانجي زمين۾ پاتا وڃن ٿا.انهي جو مطلب اهو ٿيو ته ڪائنات ۾ اسان جي زمين جهڙيون ٻيون دنيائون به موجود آهن. اسان کي رات جي وقت جيڪو ٽٽندڙ تارو نظر ايندو آهي اهو دراصل شهاب ثاقب جي ٻرڻ سان پيدا ٿيل روشني هوندي آهي جيڪا اسان کان اٽڪل ستر ميل پري ٻه هزار ست سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي آهي.ان زبردست رفتار جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو شهاب ثاقب هوا سان رڳڙجي سڙي خاڪ ٿي ويندو آهي جو ان جي گرميء جو درجو تمام گھڻو وڌي ويندو آهي.تمام گھٽ شهاب ثاقب اسان جي زمين تائين صحيح سلامت پهچن ٿا.جيڪڏهن پهچن به ٿا ته ٽڪرا ٿي ڪري. 1993ع ۾ ڪينيڊا ۾ ايترا ته شهاب ثاقب ڪريا جو انهن جو شور پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو۽ مانهو خوف ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.انهيء کان پهرين 1876ع ۾ شوپ شائر ۾ هڪ وڏو شهاب ثاقب ڪريو جيڪو اڄ به برطانيه جي عجائب گھر ۾ موجود آهي.اها ڳالھ دلچسپيء ڱان خالي نه آهي ته انسان سڀ کان پهرين شهابين مان حاصل ڪيل لوھ به استعمال ڪيو هو.زمين مان لوھ ڪڍڻ جو فن ته انسان بعد ۾ سکيو،ننڍن شهابن ۾ پٿر کان سواء ڏھ سيڪڙو لوھ به شامل هوندو آهي ۽ ڪجھ نڪل پڻ. ڪن ڪن شهابن ۾ پلاٽينيم،هيرو ۽ سون به موجود هوندو آهي. آمريڪا ۾ سڀ کان پهرين وڏي ۾ وڏو شهاب ثاقب 1902ع ۾ دريافت ڪيو ويو هو جنهن جو وزن 14 ٽن کان به وڌيڪ هو.هڪ ٻئي وڏي شهاب ثاقب جو نالو هوبا ويٽ آهي جيڪو ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪريو هوجنهن جي شڪل چورس هئي،جنهن جي ڊيگھ نو فٽ ۽ وزن سٺ ٽن هو.پر اندازو آهي ته ان جو وزن شروع ۾ 100 ٽن کان گھٽ نه رهيو هوندو!هڪڙو ميٽريائٽ ايلينڊي جي نالي سان 8 فيبروري 1969ع تي ميڪسيڪن اسٽيٽ ۾ ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙي ويو جيڪو ڪار جي سائيز جو هو. پڇڙ تارن جي سائنسي تحقيق مان ڪيئي دلچسپ حقيقتون سامهون آيون آهن.مثال؛ · لکين شهاب ثاقب روزانو زمين جي ماحول ۾ داخل ٿين ٿا. · جڏهن ڪو شهاب ثاقب اسان جي زمين جي ماحول ۾ داخل ٿي هوا سان رڳڙجڻ کان پوء ٻري بخار ٿئي ٿو ته پويان روشنيء جو پڇ ڇڏي وڃي ٿو. · جڏهن هڪئي وقت آسمان ۾ گھڻا شهاب ثاقب نظر اچن ته انهن کي پڇڙ تارن جي برسات (Meteor shower) چئبو آهي. انهن ۾ موجود ڪيميائي مادن جي موجودگيء جي لحاظ کان شهاب ثاقب مختلف ٿين ٿا