شھباز خان شر 03413224878 پورهيي جو مان پورهيي سان ئي دنيا جي سونهن آهي. پورهيي جي وسيلي اسان جي هلت چلت ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ سڌارو ۽ واڌارو آيو آهي. پورهيي مان انسان لاءِ کاڌي، اجهي، وندر ورونهن، آرام ۽ آسائش جون شيون ملن ٿيو. پورهيي جي ڪري ئي انسان جي هنر عقل ۽ همت ۾ واڌارو آيو آهي. مطلب ته پورهيو ئي انسان لاءِ سڀڪجهه آهي. پورهيي جي ايڏي شان هوندي به اسان پورهيت جو پورو قدر ڪونه ڪيو آهي. هو سدائين ڏاڍن جو ظلم سهندو رهيو آهي. اسلام پهريون مذهب آهي، جنهن پورهيت جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. پورهيت جو مان ۽ قدر ڪرڻ لاءِ اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته ”پورهيت خدا جو دوست آهي.“ جيڪو ماڻهو پورهيت کي پورو اُجورو نٿو ڏئي، اهو ڌڪار جي لائق آهي. اسلام انهيءَ ڪمائيءِ کي به نندي ٿو، جيڪا ٻين جو حق ماري حاصل ڪجي ٿي، يا بنا پورهيي جي ملي ٿي. مطلب ته اسلام انهيءَ محنت ۽ پورهيي کي مانائتو سڏيو آهي، جيڪو حلال رزق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. اسلام اچڻ کان اڳ پورهيي جو قدر ڪونه هوندو هو. ايتريقدر جو پورهيت ۽ محنتي ماڻهوءَ کي گهٽ درجي جو ليکيو ويندو هو. پورهيت ڏانهن انهيءَ غلط روش کي اسلام رد ڪري ڇڏيو. اسلام اسان کي سمجهايو آهي ته ڪوبه هنر ۽ پورهيو گهٽ درجي جو نه آهي . سڀ پورهيا ۽ هنر مانائتا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن جي ڪري ئي دنيا جو ڌنڌو هلي ٿو. اسان جي نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم حلال رزق لاءِ پورهيو ڪرڻ وارن کي نبين ۽ ڀلارن بزرگن جهڙو مانائتو سڏيو آهي. ان کان سواءِ آخرت ۾ هو الله تعاليٰ وٽ مان لهندو. پاڻ سڳورن فرمايو آهي: ” جنهن ماڻهوءَ حلال طريقي سان روزي ڪمائي، ان لاءِ محنت ۽ پورهيو ڪيو، ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو ۽ اهڙيءَ ڪمائيءَ مان پنهنجن ٻارن ٻچن جي پالنا ڪئي، اهو الله تعاليٰ سان انهيءَ حال ۾ ملندو ، جو سندس چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو چمڪندڙ هوندو.“ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم هن طرح به فرمايو آهي: ” الله تعاليٰ پنهنجي انهيءَ ٻانهي سان ڏاڍي محبت ڪري ٿو، جيڪو انهيءَ لاءِ پورهيو ڪري ٿو، ته جيئن کيس ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي نه پوي.“ هڪ ڀيري هڪ ماڻهوءَ کي پنندو ڏسي، نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم اُن کي ڇنڀيو. هن عرض ڪيو ته بکيا آهيون، انهيءَ ڪري هٿ ٽنگڻو پيو آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم کيس چيو: ”تو وٽ گهر ۾ ڪجهه آهي؟“ عرض ڪيائين ”هڪ چادر ۽ پيالي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.“ ان تي پاڻ سڳورن فرمايو: ”اهي ٻئي شيون کڻي اچ.“ جڏهن هو اهي ٻئي شيون کڻي آيو، تڏهن پنهنجي اصحابن کي فرمايائون: ”اوهان مان ڪو ماڻهو هي شيون خريد ڪندو؟“ هڪڙي صحابي رضه اهي ٻئي شيون ٻن درهمن ۾ خريد ڪيون؟“ پاڻ سڳورن اهي ٻه درهم انهيءَ شخص کي ڏئي، فرمايو: ”هڪ درهم مان وڃي پنهنجي ٻارن لاءِ اَن خريد ڪر، ۽ ٻئي درهم مان وڃي ڪهاڙي وٺي، مون وٽ کڻي اچ.“ هن شخص پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي حڪم موجب ڪهاڙي خريد ڪئي ۽ وٽن کڻي آيو. ٻنهي جهانن جي سردار پنهنجي برڪت وارن هٿن سان ان ۾ ڳَنُ وڌو. ان کان پوءِ کيس اها ڪهاڙي ڏيئي، فرمايائون: ”جهنگ مان ڪاٺيون ڪري وڃي وڪڻ!“ هن ماڻهوءَ ائين ئي ڪيو، جيئن نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم کيس سمجهايو هو. پورهيي مان هن ايترو ڪمايو، جو پاڻ ڀرو ٿيو ۽ مانائتي نموني زندگي گذارڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هي ماڻهو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي خدمت ۾ آيو ، ۽ سڄو حال بيان ڪري ٻڌايائين. پاڻ سڳورا ڏاڍو خوش ٿيا. حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي سيرت مبارڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن کي خوشحال ڏسندا هئا، ته ڏاڍو خوش ٿيندا هئا، پر جيڪڏهن کين غربت، مسڪينيءَ ۽ مالي پريشانيءَ ۾ ڏسندا هئا، ته پاڻ به پريشان ٿي ويندا هئا. هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهو پيرين اگهاڙا فقط کٿو ويڙهي اچي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. انهن کي اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي، ٻنهي جهانن جي سردار کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان کان پوءِ پنهنجي گهر اندر ويا، پوءِ ٻاهر اچي حضرت بلال رضه کي حڪم ڪيائون ته ” ماڻهن کي گڏ ڪر!“ ماڻهو گڏ ٿيا ته کين انهن غريبن جي مدد لاءِ چيائون. اهڙيءَ طرح صحابين چڱو سامان غريبن جي مدد لاءِ ڏنو، جيڪو انهن کي ڏنائون. ان کان پوءِ پاڻ سڳورا ڏاڍو خوش ٿيا. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم وقت بوقت مسلمانن کي هدايت ڪندا هئا ته ” پورهيو ڪريو!“ اُم المومنين حضرت بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها ٻڌايو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم فرمايو ته ” سڀ کان وڌيڪ پاڪ کاڌو اهو آهي، جيڪو اوهان پاڻ پورهيو ڪري ڪمائي کائو، توڙي جو اوهان کي پنهنجي اولاد جي ملازمت ئي ڇو نه ڪرڻي پوي.“ ٻيءَ روايت ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم فرمايو:” انسان جو بهترين طعام اهو آهي، جو پنهنجي هٿن جي پورهيي جي ذريعي حاصل ڪري کائي.“ حضرت رافع بن خديجه رضه بيان ڪري ٿو ته رسول الله صلي الله عليہ وآله وسلم کان پڇيو ويو ته ڪهڙو ڪم سڀ کان بهتر آهي؟ پاڻ فرمايائون:” پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري کائڻ.“ انهن حديثن مان ظاهر ٿيندو ته انسان لاءِ پاڪ کاڌو اهو آهي جيڪو هو پاڻ ڪمائي کائي ٿو. ان سان گڏ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم ٖ اها نصيحت به ڪئي آهي، ته ٻئي جي ڪمائيءَ تي ڀروسو نه ڪيو، پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي اصول تي هلو؛ ٻئي جو حق نه کائو، پنهنجي حق کان هڪ پيسو وڌيڪ نه وٺو؛ ٻئي جي لاءِ حسد، ساڙ ۽ ڪينو نه رکو، ڪنهن سان دغابازي ۽ ٺڳي نه ڪيو، ڪنهن کي نقصان نه پهچايو ۽ ڪنهن سان دشمني نه رکو. مطلب ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم سڌي سنئين نموني، حق حلال سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري، پنهنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙو پورهيت پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم وٽ وڏو مان وارو آهي. قرآن شريف ۾ به الله تعاليٰ پورهيو ڪري، حلال رزق حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ”زمين ۾ ٽڙي پکڙي وڃو، ۽ ”پورهيو“ ڪري الله جي مهربانيءَ جي ڳولا ڪريو.“ تاريخ پڙهڻ مان معلوم ٿيندو، ته وڏا عالم ۽ بزرگ پورهيو ڪري، پنهنجو گذر ڪندا هئا. مشهور صحابي صحيب رومي رضه لوهار هو. ڪي بزرگ وري واڍا هئا ته ڪي موچيءَ جو ڪم ڪندا هئا. ڪي درزڪو ڪم ڪندا هئا ته ڪي پيڃارا هئا. ڪي پوکي راهي ڪندا هئا ۽ ڪي واپار ڪندا هئا. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم پاڻ واپار ڪيو آهي. حضرت ابوبڪر صديق رضه خلافت جي وقت تائين ڪپڙي جي ڳٺڙي پٺيءَ تي رکي گهٽين ۾ ڪپڙو وڪڻندو هو. اسان جي تاريخ ۾ الغياط، البزاز، الخيام، الجنار ۽ حلاج بزرگن جا لقب ملن ٿا. انهن کي اهي لقب انهيءَ ڪري مليا، جو ”الخياط“ درزي هو.”البزاز“ ڪپڙي جي هڙ کڻي ڪپڙو وڪڻندو هو. ”الخيام“خيما سبندو هو ۽ انهن جو ڪاروبار ڪندو هو.”الجنار“ تنور تي ماڻهن لاءِ ماني پچائيندو هو:”حلاج“ پيڃارو هو ۽ ڪپهه پڃيندو هو؛ جيئن ته اسلام ۾ ڪوبه ڌنڌو گهٽ درجي جو نه آهي، انهيءَ ڪري اهي بزرگ پنهنجن پنهنجن ڌندن سان مشهور ٿيا. آڳاٽي توڙي هاڻوڪي زماني ۾ دنيا جو سمورو ڪاروبار انسان جي پورهيي سان ئي هلندو رهيو آهي. اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ جا ماڻهو نهايت سڌريل نموني رهندا هئا. اها ڳالهه اسان انهيءَ ڪري چئون ٿا، جو مئن جي دڙي مان اڄ کان پنج هزار سال اڳ ٺهيل پڪين سرن جا گهر مليا آهن. اتان ان زماني جا ٺهيل ٺڪر جا ٿانوَ، زيور، مهرون، ڪپڙي جو ٽڪر ۽ ٻيون شيون هٿ آيون آهن. اوهان ويچار ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته جن شين کي اسان پنهنجي وطن جو مان ۽ پراڻيءَ تهذيب جو نشان سمجهون ٿا، اهي اسان جي پراڻي زماني جي پورهيت جي پگهر جو نتيجو آهن. ان زماني جي مزورن ۽ رازن ئي سرون تيار ڪيون هونديون ۽ جايون جوڙيون هونديون. ڪنڀر جڏهن مٽي ڪمائي، ٿانوَ ٺپي ٺاهي، آويءَ ۾ پچائي تيار ڪيا هوندا. تڏهن گهرن تائين پهتا هوندا. عورتن ائٽ تي ڪپهه ڪتي هوندي، ۽ ڪورين ڪپڙو اُڻيو هوندو، تڏهن ئي ماڻهن ڪپڙو پاتو هوندو. اهڙيءَ طرح ڳهه ڳٽا، مهرون ۽ ٻيون شيون به ڪاريگرن جي پورهيي سان ٺهيون هونديون. آڳاٽي زماني جون عاليشان ۽ خوبصورت عمارتون، مسجدون، مندر ۽ منارا ملڪ جي سونهن سمجهيا وڃن ٿا. اهي ڏسي اسان ڏاڍو خوش ٿيون ٿا، ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ جو مان سمجهون ٿا. ڏورانهن ڏيهن جا ماڻهو اهي يادگار ڏسڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن وڃن ٿا. اسان چوندا آهيون ته تاج محل، معصوم شاهه جو منارو. لاهور جي بادشاهي مسجد، ٺٽي جي شاهجهاني مسجد ۽ ٻيون اهڙيون عمارتون اسان جي بادشاهن ٺهرايون هيون. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته اهي عمارتون اسان جي بادشاهن ۽ اميرن جي ڪوششن ۽ هدايتن سان تيار ٿيون. پر حقيقت ۾ اهي عمارتون انهن وقتن جي ڪاريگرن ۽ مزورن تتيءَ ٿڌيءَ ڪشالا ڪڍي، جوڙيون آهن. مزورن ئي جبل جهاڳي، ٽڪر ٽاڪي پٿر آندا. ڪاريگرن ڇيڻيون ۽ هٿوڙا هلائي انهن کي سنئون سڌو ڪيو ۽ انهن تي گلڪاري ڪڍي؛ تڏهن ئي تاج محل ۽ ٻيون عمارتون جڙيون آهن. اهو ڏيکاري ٿو ته جن شين تي اسان کي خوشي ۽ فخر ٿئي ٿو، اهي ان وقت جي پورهيت جي پورهيي جو يادگار آهن. اهي يادگار جيڪي اسان جي ملڪ جو مان آهن، اهي اسان جي پورهيتن ئي جوڙيا آهن. ان مان پورهيت جو مان ۽ پورهيت جو شان معلوم ڪري سگهجي ٿو. موجوده دور ۾ هي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، پليون، براج، واهه ۽ ٻيون اڏاوتون پورهيت ئي تيار ڪيون آهن. سائنسدان ۽ انجنيئر جي خيال، رٿا ۽ نقشن جي ليڪن کي پورهيت ئي هڏ هلائي، پگهر وهائي، عملي شڪل ڏئي ٿو. مطلب ته سائنسدان ۽ انجنيئر جو خواب پورهيت ئي پورو ڪري ڏيکاري ٿو. موجوده زماني ۾ ڪيتريون ئي شيون نڪتيون آهن، جن جي ڪري اسان کي آرام، آسائش، سهولت ۽ وندر ملي ٿي. جهازن ريلن ۽ موٽرن جي ڪري پنهنجو ملڪ ته ڇا، پر سڄي دنيا ڳنڍجي ويئي آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ذريعي اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ٻين ملڪن جو واءُ سواءُ ملي ٿو، اسان جي معلومات ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ اسان کي وندر ۽ ورونهن ملي ٿي. ٽيليفون جي ڪري اسان سوين ميل پري پنهنجن سڄڻن، ساٿين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان سنئون سڌو ڳالهائي سگهون ٿا. اهڙي نموني جون ڪيتريون ئي شيون اسان لاءِ موجود آهن. اوهين جيڪڏهن ويچار ڪندا ته انهن سڀني ۾ به اوهان کي پورهيت جو ئي هٿ نظر ايندو. اهي شيون برابر سائنسدانن جي ايجاد آهن، ۽ ڪارخانن ۾ ٺهيون آهن، پر ڪارخانن کي هلائڻ وارا به مزور ۽ مستري آهن. جڏهن مزور رات ڏينهن ڪارخانن ۾ رت ولوڙين ٿا، تڏهن اهي شيون ٺهي، اسان جي هٿن تائين پهچن ٿيون، ڪارخانن ۾ مزور پنهنجا هٿ ۽ ڪپڙا ڪارا ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته سندن هٿ يا ٻيا عضوا چيڀاٽجي يا وڍجي پون ٿا، ۽ هو پنهنجي باقي حياتي معذوريءَ، بيڪاريءَ، محتاجيءَ ۽ غريبيءَ ۾ گذارين ٿا. ڪڏهن ته کين پنهنجي حياتيءَ تان ئي هٿ ڌوئڻو پوي ٿو. مطلب ته جيڪي سهولتون اسان کي ملن ٿيون، انهن لاءِ ڪيترن ئي مزورن سختيون سٺيون آهن ۽ ڪشالا ڪڍيا آهن. انسان پنهنجي محنت ۽ پورهيي سان پاڻيءَ، هوا، پهاڙن. اُس ۽ بجليءَ تي فتح حاصل ڪئي آهي. ميدان توڙي پهاڙن، سمنڊن توڙي دريائن تي انسان پنهنجي پورهيي سان قبضو ڪيو آهي. خدا جي نعمتن مان فائدو وٺڻ لاءِ پورهيتن ڏاڍا وڏا وڏا ۽ ڀانت ڀانت جا ڪشالا ڪڍيا آهن. ٻيو ته ڇڏيو، پر ان تي سوچيو ته اسان جيڪو کاڌو کائون ٿا، اهو ڪهڙي نموني اسان تائين پهچي ٿو. اهي جدا جدا نمونن جا اناج ۽ قسمين قسمين ميوا ڪٿان اچن ٿا، ۽ ڪيئن اچن ٿا؟ حقيقت اها آهي، ته اهو سڀڪجهه هاريءَ ۽ مزور جي پورهئي جو نتيجو آهي. ڏٺو وڃي ته هاريءَ جو اسان تي وڏو ٿورو آهي. هو هَرُ هلائي، پورهيو ڪري اَنُ اپائي ٿو، ۽ دنيا کي بک کان بچائي ٿو. هو وونئڻ پوکي ٿو، جنهن مان ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪپهه ملي ٿي. يعني اَٽي ۽ لٽي جو اُپائيندڙ هاري آهي. هي اهو پورهيت آهي، جيڪو اونهاري جي تتل ڌرتيءَ تي پگهر وهائي، پورهيو ڪري ٿو، هر ڪاهي ٿو، رونبو ڪري ٿو، ڪوڏر هڻي ٿو، لابارو ڪري ٿو، بار ڍوئي ٿو، ۽ سياري جي سخت ٿڌ ۾ پاري جهڙي پاڻيءَ ۾ گهڙي، پوک لاءِ پاڻي ورائي ٿو. هو پاڻ رکو سکو کائي، ٻين لاءِ ست رڇيون موجود ڪري ڏئي ٿو؛ پاڻ ڏکيو سکيو رهي، ٻين کي آرام ۽ آسائش پهچائي ٿو؛ پاڻ انگ اُگهاڙو رهي، ٻين کي قيمتي ويس ۽ وڳا پهرائي ٿو. مطلب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ الرحمت جي چوڻ موجب، ”ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڌڪيائين پاڻ“. افسوس جو اسان اهڙي ڪمائتي انسان ۽ انسان ذات تي وڏا وڙ ڪندڙ پورهيت جو پورو قدر ڪونه ڪيو آهي. قدر ته قدر جي ماڳ، پر اسان هن کي ڏُک ۽ ڏوجهرا ڏنا آهن، جنهن ڪري هن لاءِ جهان ۾ جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو آهي. هو هيڻو، اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه رهيو آهي. هن کي نه دوا درمل جي پوري سهولت ملندي رهي آهي، ۽ نه هن جي ٻارن جي تعليم ۽ سکيا جو ئي جوڳو بندوبست ٿيندو رهيو آهي. هو وڏيرن واپارين ۽ ڪامورن جي ٺڳين، دولابن ۽ ظلمن جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. زميندار، واپاري ۽ ڪامورا سندس رت ست چوسي جاوا ڪندا رهيا آهن. اسان جي وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، اسان جو ڌيان ان پاسي ڇڪايو آهي. هن هاريءَ کي املهه ماڻڪ سان ڀيٽ ڏني آهي. چيو اٿيس: ”هاري سي امل، هر جنين جي هٿ ۾.“ هاريءَ کي هٿين سکڻو ڏسي هو الله تعاليٰ کان سندس ڀلائيءَ لاءِ دعا گهري ٿو: ”جنين ڏاند نه ٻج، تن ڀي الله آسرو اول ڏيندو انهن کي پوءِ اُڀاريندو سج.“ شاهه صاحب رحه انهن واپارين کي ڌڪاريو آهي، جيڪي هارين کان اُن خريد ڪري، ڪوٺيون ڀري ڪيترو وقت رکي، پوءِ مهانگو ڪري وڪڻن ٿا، انهن لاءِ چيو اٿس: ”جن مهانگو ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.“ ڏڪر پيدا ڪندڙن کي ڌڪاريندي چيو اٿس: ”ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موذي سڀ مرن .“ هارين سان گڏ ٻين پورهيتن کي به شاهه صاحب رحه ياد ڪيو آهي، ۽ انهن جي هنرن ۽ پورهيي کي ساراهيو آهي. جيئن هاري اسان جي کاڌي جون شيون اپائي ٿو، تيئن ڪوري وري اسان کي انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو تيار ڪري ڏئي ٿو. هو سڄو ڏينهن عضوا هڻن ٿا، ءِ تندون ڳنڍيندا رهن ٿا، تڏهن وڃي ڪپڙو تيار ٿئي ٿو . شاهه صاحب چيو آهي: ”هلو هلو ڪورئين، جتي پسجي نينهن؛ ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.“ ’تندن ڳنڍڻ کي ڪورئين جي گفتگوءَ ۾ ”اُميري ڏيڻ“چيو ويندو آهي . شاهه صاحب رحه اهو لفظ هن طرح ڪتب آندو آهي. ۽ اُن مان هڪٻئي سان محبت ۽ رس سان هلڻ جو سبق ڏنو آهي : ”هو ڇنن تون مَ ڇن ، پاءِ اُميري ان سين .“ اسان جي ٻئي وڏي شاعر حضرت سچل سرمست به ڪورين کي پنهنجي شعر ۾ ياد ڪيو آهي. چيو اٿس: ”ڪوري آهيان ڪوري، گمبٽ کهڙا راڄ اسان جو، راڻيپور دنگ توڙي“ پراڻي زماني ۾ اوڏ ذات جا پورهيت مٽيءَ مان گهرن جون ڀتيون ۽ ڪوٽ جوڙيندا هئا. هن وقت به ڳوٺن ۾ اهو رواج ڪجهه قدر موجود آهي. هنن جي سخت پورهيي ۽ هڻ هڻان واري زندگي ڏسي. انهن جي هلي چلي، اُٿي ويٺي بيان ڪندي، شاهه صاحب رحه چيو آهي: ”ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا؛ پورهيي خاطر پانهنجي، اٿن اَسورا؛ اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لڏيو.“ يعني اوڏ ويچارا پنهنجي پورهيي لاءِ صبح جو سوير اٿي، هٿن ۾ ڇڄ ۽ ڪلهن تي ڪوڏاريون کڻي ڪم تي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح هو هڪ ڳوٺ ۾ ڪم پورو ڪري، وري ڪم سانگي لڏي، ٻئي ڳوٺ وڃن ٿا. مطلب ته شاهه صاحب رحه ظاهر ڪري ٿو، ته اوڏ جي ڪيڏي نه محنت ۽ ڪشالي واري حياتي آهي، جو سويل صبح کان سانجهيءَ تائين پورهيو ته ڪندو رهي ٿو، پر سک سان هڪ هنڌ گهر ڪري به ڪونه ٿو ويهي. اهڙي طرح حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه ٻين پورهيتن جهڙوڪ : ڪنڀارن، لوهارن ۽ سونارن جو ذڪر به پنهنجي شعر ۾ آندو آهي، ۽ انهن جو مان ۽ شان اسان تي نروار ڪيو آهي . شاهه صاحب رحه اسان کي سيکاريو آهي ته پورهيت وڏي قدر ۽ عزت جي لائق آهي. اسان کي جڳائي ته هن جو قدر سڃاڻون، هن جي عزت ڪريون، ۽ وس آهر کيس سک ۽ سهنج ڏيون، هن جو حق نه کائون ۽ هن کي مناسب مزوري ڏيڻ ۾ نه ڪيٻايون . موجوده دؤر جي سياڻن ۽ ماهرن جو به اهو ئي خيال آهي ته جيستائين هاري ۽ مزور خوشحال نه هوندو، تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو. دنيا جي ملڪن تي اک ورائي ڏسبو، ته ملڪ اهو ئي شاهوڪار ۽ ترقي ڪيل نظر ايندو، جنهن جا هاري ۽ مزور سکيا ۽ ستابا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هاريءَ جي سهولت لاءِ زمين سڌي ڪرڻ. هر ڪاهڻ ۽ ٻين جدا جدا ڪمن لاءِ مشينون تيار ڪيون ويون آهن، ته جيئن هاريءَ کي محنت گهٽ ڪرڻي پوي. ان سان گڏ کيس ٻين سهولتن ڏيڻ لاءِ به اُپاءَ ورتا ويندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ به هاريءَ ۽ مزور جي ڀلائيءَ ۽ سهولت لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن. ۽ کين وڌيڪ سک ۽ سهنج ڏيڻ لاءِ رٿون رٿيون پيون وڃن. انهيءَ ڪري جاگيرداريون ۽ وڏيون زمينداريون ختم ڪيون ويون آهن، ۽ هارين کي مفت ۽ ٿوريءَ قيمت تي زمينون ڏنيون ويون آهن، ته جيئن هو پنهنجي زمين وارا ۽ پاڻ – ڀرا ٿين. کين واپارين جي چنبي مان بچائڻ لاءِ مناسب قدم کنيا ويا آهن، ۽ مقرر اگهن تي کانئن اناج وٺڻ لاءِ سرڪاري طرح بندوبست ڪيو ويو آهي. هارين کي زميندارن جي ڏاڍاين ۽ ظلمن کان بچائڻ لاءِ اهڙا قانون پاس ڪيا ويا آهن، جن موجب ڪوبه زميندار، هاريءَ کان زوريءَ زمين کسي نٿو سگهي؛ ۽ بٽئي ڪرڻ وقت هاريءَ جو حق ڦٻائي نٿو سگهي. ان کان سواءِ هاريءَ کي بيماري سيماريءَ ۾ دوا درمل جي سهولت ڏيڻ لاءِ ننڍن ننڍن شهرن ۾ به سرڪاري اسپتالون کوليون ويون آهن. اڳتي هلي ان ڪم کي اڃا به اڳتي وڌائڻ جو سوچيو پيو وڃي، ۽ ڳوٺن ۾ به دوا درمل جي سهولت ڏيڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي . هارين جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ به پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ بالغن کي تعليم ڏيڻ جو بندوبست ٿيندو رهي ٿو. پرائمري اسڪولن کان سواءِ بيشمار مڊل اسڪول ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. نه فقط ايترو، پر ڏينهون ڏينهن پرائمري اسڪولن توڙي هاءِ اسڪولن جو تعداد وڌي رهيو آهي. حڪومت تعليم تي تمام گهڻو پيسو، کليءَ دل سان خرچ ڪري رهي آهي. هارين سان گڏ مزور جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ به ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن، ۽ قانون پاس ڪيا ويا آهن. ڪارخانيدار ٻڌل آهن ته هو مزور کي مناسب مزوري ڏين، انهن کي پورا حق ڏين. انهن جي دوا درمل جو جوڳو بندوبست ڪن، انهن جي ٻارن جي تعليم ۽ سکيا جو مناسب بندوبست ڪن. پورهيتن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ حڪومت هڪ جدا کاتو قائم ڪيو آهي. انهيءَ کاتي طرفان ”سوشل سڪيورٽي اسڪيم“ موجود آهي. انهيءَ اسڪيم مان پورهيت کي دوا درمل جا ۽ ٻيا ڪيترائي فائدا حاصل ٿين ٿا. ان کان سواءِ حڪومت اهو بندوبست به ڪيو آهي، ته ڪم ڪندي، يا ڪنهن حادثي ۾ جيڪڏهن ڪي مزور معذور ٿي پون، يا عمر جو عرصو پورو ڪري مزوري ڇڏين، ته انهن کي ڪارخانيدارن وٽان يا حڪومت طرفان ايتري رقم ملڻي آهي، جو هو پنهنجي باقي حياتي سولي گذاري سگهن. هاريءَ ۽ مزور جو فرض آهي، ته حڪومت جي ڏنل سهولتن مان پورو پورو فائدو وٺي، دل لائي ڪم ڪري، ته جيئن هو سکيو ستابو رهي ۽ ڪو ڏکيو ڏينهن ڏسڻو نه پويس . هن کي جڳائي ته ملڪ جو هڏ ڏوکي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي پيداوار تڏهن وڌي سگي ٿي، جڏهن هو دل سان ڪم ڪندو، ۽ وقت اجايو نه وڃائيندو. سندس پورهيي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو، ۽ ٻاهرين دنيا ۾ وطن جو مان مٿانهون ٿيندو. جيڪڏهن پورهيي کان پاسو ڪيائين ته ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندس ۽ ملڪ جي حالت پوئتي پئجي ويندي. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار ٻن ڳالهين تي آهي. هاريءَ جي پوکي راهي، ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزور جي محنت. يعني هاري ۽ مزور اسان جي ملڪ جا اڏيندڙ آهن. انهن جي پورهئي جي ڪري جيڪا پيداوار حاصل ٿئي ٿي، انهيءَ سان ئي ملڪ ۾ خوشحالي اچي ٿي. پيداوار وري ٻن ڳالهين تي دارمدار رکي ٿي: محنت ۽ قابليت. محنت ۽ قابليت جڏهن گڏجن ٿيون ، تڏهن ئي پيداوار ۾ واڌارو ٿئي ٿو. پيداوار جي واڌاري سان شيون سستيون ٿين ٿيون، ۽ پرڏيهي ناڻو به حاصل ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ نموني اسان سک ۽ سهنج واري زندگي گذاري سگهون ٿا، ٻين ملڪن جي محتاجي ۽ ڪاڻ ڪڍڻ کان بچي سگهون ٿا، ۽ پنهنجي ملڪ جو مان مٿانهون ڪري سگهون ٿا. اسان جو ملڪ دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن مان آهي. اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ جو درجو مٿانهون ڪونهي. انهيءَ ڪري ضرورت آهي ته قابليت حاصل ڪري محنت ڪريون، ته جيئن ملڪ جي پيداوار وڌي ۽ ملڪ خوشحال ٿئي. مٿي جيڪي ڳالهيون بيان ٿي آيون آهن، انهن مان هي نتيجا نڪرن ٿا: پورهيت جو وڏو مان آهي. ڪوبه پورهيو گهٽ درجي جو نه آهي. اسلام پورهيت کي خدا جو دوست سڏيو آهي. ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار پورهيت جي پورهئي تي آهي. پورهيت جو قدر ڪيو، ته پورهيت دل لائي ڪم ڪندو. جيڪڏهن پورهيت ايمانداريءَ، سچائي ۽ قابليت سان ڪم ڪندو، ته پيداوار وڌندي. پيداوار وڌندي ته شيون سستيون ۽ گهڻيون ٿينديون، شيون گهڻيون پيدا ڪنداسون ته ٻاهر موڪلي، پرڏيهي ناڻو ڪمائي، وڌيڪ خوشحال ٿينداسون ۽ ٻين ملڪن جي محتاجيءَ کان به بچنداسون. انهن فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي جڳائي، ته پورهيت جو قدر ڪريون، ان جو حق نه کائون، ۽ جيترو پڄي سگهي ان جي پرگهور لهون. ڪوبه پورهيو گهٽ درجي جو نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن دنيا جو ڌنڌو سڀني ڌنڌن جي گڏيل سهڪار سان هلي ٿو. هڪ ڌنڌو ٻئي ڌنڌي سان لاڳاپو رکي ٿو. مثال طور هاريَ جو هر ئي وٺو. هاري هر سان زمين کيڙي، اَن اُپائي ٿو. پر اهو هر واڍي ٺاهيو آهي، ۽ ان جو گهوٻو لوهار ٺاهيو آهي. هاري جنهن ڏاٽي سان فصل لڻندو آهي، اهو به لوهار جو ٺهيل هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اسان سڀ هڪٻئي جي آڌار تي هلون ٿا. حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته هن ڌرتيءَ تي هرڪو پورهيت آهي. جيڪڏهن هاري ۽ مزور پورهيت آهن، ته ڇا ماستر ۽ منشي، سرڪاري يا خانگي آفيسن ۾ ملازمت ڪندڙ پورهيت نه آهن؟ ها، اهي به پورهيت آهن. هو جيڪڏهن جسماني پورهيو گهٽ ڪن ٿا، ته وري دماغي پورهيو گهڻو ڪن ٿا، اسان سڀ ڪم ڪريون ٿا، پر هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي نموني جا ڪم ورهايل آهن. انهيءَ حقيقت هوندي به ڏٺو ويو آهي ته هٿ جو پورهيو ڪندڙن کي اسان گهٽ نظر سان ڏسون ٿا. اسان کي ائين ڪرڻ نه جڳائي . ڇاڪاڻ ته هو اسان جي جاين جوڙڻ لاءِ، اسان کي اناج، ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين پهچائڻ لاءِ هَڏَ هڻن ٿا، رت ولوڙين ٿا، ۽ تتيءَ ٿڌيءَ، آڌيءَ مانجهيءَ ڪشالا ڪڍن ٿا. پورهيو ته پيغمبرن ۽ بزرگن به ڪيو آهي. پورهيي سان هن جهان جو ڪارخانو هلي ٿو. پورهيي سان اسان پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين لاءِ پيٽ-قوت ڪمايون ٿا. پورهيي ۾ خدا راضي ٿئي ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو پورهيو ڪري، حلال رزق ڪمائي، پنهنجا ٻار ٻچا پالي ٿو، ته الله تعاليٰ ان ماڻهوءَ کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. خدا ان ماڻهو کان ناراض آهي، جيڪو بنا پورهئي جي، ٻين سان دغابازي، دوکو، ٺڳي ڪري يا ڪنهن جو حق کائي دولت گڏ ڪري ٿو.