خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 21 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نثار کهڙو اسيمبليءَ ۾ سگريٽ جا سُوٽا هڻندو رهيو (خبر)
** ڄڻ ته اسيمبلي سندس جاگير هجي (تبصرو)

* مئل ٻار ڄمڻ واري فهرست ۾ پاڪستان نمبر ون (خبر)
** پاڪستان جو نمبر ون اچڻ ۾ ٿري ٻارن ۽ قائم عليشاه جو حصو آهي (تبصرو)

* پارليامينٽ جي مشاورت بنا پرڏيهي پاليسي (خبر)
**..اهڙو انڌير سرتيون جھڙو پاڪستان ۾ (تبصرو)

* عدالت ۾ دير تي اچڻ تي آءِ.جي کي ڇنڊ، گرفتاريءَ جو چتاءُ (خبر)
** سائين ته سائين پر سائينءَ جا پوليس وارا به سائين (تبصرو)

* ڪراچيءَ جي کليل گٽر، ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ڇڏي (خبر)
** هاڻ ڏسجو وڏي وزير جون گيسيون، ڀلي ڪري پر ٿري ٻارن جو به خيال ڪري (تبصرو)

* داعش 3500 عورتن ۽ ٻارن کي غلام بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون (خبر)
** اسلام جي نالي ۾ اسلام ۽ انسانيت جي توهين پيا ڪن (تبصرو)

* سنڌ ۾ 53 مدرسا عسڪريت جي ترغيب ڏين ٿا (خبر)
** الله ته نه ڪري پر سنڌ تي ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن (تبصرو)

* واپڊا جي نجڪاريءَ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا (خبر)
** سنڌ ـ دشمن واپڊا کي بچائڻ لاءِ، رڳو سنڌي رهجي ويا آهن ڇا؟ (تبصرو)
 
Back
Top