سياست سماج کي تبديل ڪرڻ جو نالو آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سياست سماج کي تبديل ڪرڻ جو نالو آهي، سياست ذريعي سماج مان لاقانونيت بک بيروزگاري جاهليت ءِ جاهلانه رسمن کي ختم ڪري سگجي ٿو، پر سوال آهي ته سياست ته هزارن سالن کان ٿيندي رهي ٿي؟ پوءِ هي غربت لاقانونيت، بک بيروزگاري ءِ جاهليت ڇو آهي؟ جواب آهي ته اها سياست وڏيرن ميرن پيرن سردارن نوابن خانن مسلح گروهن جي آهي جنهن ذريعي هو ته ارب پتي کرب پتي ٿيندا پيا وڃن؟ پوءِ عوام جيڪو سماج جو اسي سيڪڙو آهي ان جي تقدير ڇو نه ٿي تبديل ٿئي؟ جواب آهي عوام جي سياست ٿئي ئي نه ٿي، هر طرف حڪمران وڏيرا مير پير نواب سردار دهشتگرد ءِ انهن جا ڇاڙتا قبضو ڪري ويٺا آهن؟ ڇا پوءِ انهن سان اتحاد مان عوام جو فائيدو ٿيندو؟ جواب آهي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيندو؟ عوام جي سياست ئي نه ٿي رهي آهي ته پوءِ عوام کي فائدو ڪئين ٿيندو؟ هزارين سالن کان وڏيرا مير پير سردار نواب خان ءِ هٿياربند ٽولا عوام جي گھڻائي مٿان دهشت ذريعي قابض رهندا آيا آهن؟ ته پوءِ هاڻ وري هو عوام جا هڏ ڏوکي ءِ خيرخواه ٿي پيا آهن ڇا؟ جواب آهي ڪنهن صورت ۾ نه؟ ته پوءِ اهڙو اتحاد عوام جي منهن ۾ ڌوڙ وجهڻ کان سواءِ ڪجه به نه ٿو ٿي سگھي؟ ته پوءِ ماضي جا انقلاب جا نعرا هڻڻ وارا وڏيرن ميرن پيرن سردارن نوابن خانن ءِ مسلح گروهن جا ماڻهو ٿي وي آهي ڇا؟ جئ بلڪل هو هن وقت انهن جا ٻڌا ٻانهان آهن؟ هو سمجهن ٿا ته عوام کي هزارين سالن بيوقوف بنايو ويو آهي ءِ هاڻ به بنايو ويندو رهبو، اڳي وڏيرن ميرن پيرن سردارن خانن ءِ مسلح گروهن بيوقوف بنائي فائدو ورتو آهي هاڻ هي ڇٽيه لکڻا وٺڻ ٿا چاهين؟ پر اها انهن جي خام خيالي آهي؟؟؟؟؟؟ ڳوه کي کٽي کڻي شڪارين جاگھر نهاري؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو