• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

‫#‏ايندڙ_آدمشماريءَ_‬۾‫#‏_پنهنجي_مادري_ٻولي_صرف_سنڌي_لکرايو‬ 16 مارچ 2016

ڪنهن قوم جي سڃاڻپ
ڪا قوم پنهنجي سڃاڻپ لاءِ جيڪڏهن هيٺين ڳالهين تي پوري آهي، ته اها قوم پاڻ کي قوم سڏائي سگهي ٿي۔
1 ان قوم کي پنهنجي ڌرتي هجي۔
2 ان قوم کي پنهنجي ٻولي هجي.
3 ان قوم کي پنهنجا رسم رواج هجن.
اهي ٽئي نڪتا ڪنهن به قوم جو، قوم هجڻ جي پڪ ڪن ٿا، پر جيتوڻيڪ ان قوم ۾ جيترا به مذهب يا مذهبي فرقا رکندڙ ماڻهون هجن، ته به اها هڪ قوم ئي طور سڃاتي ويندي۔
ان قوم جي ماڻهن جو اهو فرض هوندو آهي، ته اهي، پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪن، پنهنجي ٻوليءَ جو واڌارو ڪن، ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن سان پيار ڪن۔
جيڪڏهن ڪو ڌاريو ماڻهو ان قوم جي ڌرتيءَ تي مستقل طور اچي رهڻ چاهي ٿو ته، ان جو اهو فرض آهي ته هو ان قوم جي ٻولي سکي، ان قوم جي ڌرتيءَ سان وفاداري ڪري، ۽ پڻ ان قوم جي ماڻهن سان احترام وارو ورتاءُ ڪري، باقي ان جي ذات ۽ مذهب ڪهڙو به هجي اهو ايترو اهم نه آهي۔
هاڻي جيڪڏهن اهو بحث ڪريون ته، ڪا قوم ڪنهن قوم تي چڙهائي ڪري ٿي، ڪهڙي به اٽڪل سان ان قوم جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري اتي حڪمراني ڪري ٿي، ته اها ڪاهه ڪندڙ قوم ان ڌرتيءَ سان وفاداري ۽ ان جي ٻوليءَ کي نه ٿي سکي، جيڪا ان ڌرتيءَ جي آهي ۽ انهن ماڻهن سان سهڻو ورتاءُ نه ٿي رکي ته يقين ڪريو، اها ڌرتي ان ڪاهيندڙ قوم کي ڪڏهن به جاءِ نه
ڏيندي۔ نيٺ ان ڪاهيندڙ قوم جو زوال اچڻو آهي
 
Back
Top