جيڪڏھن سنڌ جو محافظ ۽ رواداريء جو مجسمو “راجا ڏاھر“ سنڌ جو ھيرو نہ ھو تہ پوء تازو ايراني حڪومت طرفان پنھنجي اڍائي ھزار ورھيہ اڳ جي گبر ايرانيء شھنشاھ “ سائرس جو جيڪو جشن ملھايو ويو ھو. ۽ جنھن ۾ دنيا جي حڪومتن جا نمائدا مدعو ڪيا ويا ھئا. ان جشن جو پاڪستاني ريڊيي تان لاڳيتو ھڪ ھفتي تائين پرچار ڪرڻ ۽ ان جشن ۾ پاڪستاني وفد جي پاڪستان جي صدر جي اڳواڻيء ۾ شرڪت ڪرڻ ڪيتري قدر جائز ڳالھ ھئي؟ ڇا ان ڳالھ خلاف پاڪستان جي عالمن، پيرن،۽ پڙھيل طبقي جي ماڻھن ڪو آواز اٿاريو؟ ايران جي مشھور شاعر “فردوسيء “ ايران جي قديم تاريخ “شاھنامي “ جي نالي سان منظوم لکي جنھن ۾ ايران جي گير (آتش پرست) بادشاھن جي ساراھ ڪيل ھئي، مسلمانن جي بادشاھ محمود غزنوي - جنھن کي ٻين ملڪن کي ڦرلٽ ڪري مال گڏ ڪرڻ جي ڪارنامي سبب “ غازي“ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. شاھنامي لکڻ تي ان شاعر کي ٽيھ ھزار سونيون مھرون ڏنيون ھيون، جنھن شاعر. عربن کي جاھل اٺين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوھون کائيندڙ سڏي سندن ندا ڪئي، جو ھنن ايرانين جي سلطنت کي غضب ڪيو ھو تہ ان واقعي جي خلاف ڪوبہ آواز نٿو ڪڍيو وڃي بلڪ فردوسيء کي “ايران جو قومي شاعر“ سڏيو وڃي ٿو. ترڪ حاڪمن - جن کي ھندسان ۽ ٻين ڪيترن مسلمانن ملڪن جي سني ماڻھن خليفئہ المسلمين سڏيو ٿي، ۽ سندن قومي ڪارڪنن پاڻ کي چنگيز خان ۽ ھلاڪو خان جي اولاد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿي ڪيو. انھن چنگيزي منگول حاڪمن ھٿان اٽڪل سٺ لکن کان بہ مٿي مسلمان قتل ٿيا ھئا،مسلمانن جا ڪيئي شھر، مسجدون، درگاھون، ۽ ڪتب خانا تباھ ٿيا ھئا، ھزارين اوليا. ۽ عالم شھيد ٿيا ھئا، جن مان خواجہ فريدالدين عطار بہ ھڪ ھو. ۽ انھن مان ھزارين ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ۾ اچي پناھ گزين ٿيا ھئا. تہ اھڙي حالت ۾ ترڪن کي عتاب تہ نہ ٿو ڏنو وڃي، پر ھن وقت جا پاڪستاني حاڪم انھن ظالمن جي جاء نشين سان مجاھدن (آرسي، ڊي پغيره) ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪن ٿا.مصر جي نامور قومي ليڊر جمال عبدالناصر مصرين کي آل فرعون سڏي خطاب ڪيو. تہ ان جي اھڙي قدم تي ڪجھ نہ ڪيو ويو.مورڳو مصر جي غير مسلم فرعون حاڪمن جا نالا. جن بني اسرائيل قوم کي چئن صدين تائين غلام ڪري رکيو ھو. مسلم ملڪن ۾ ھوٽلن، رستن ۽ جاين وغيره تي رکيا پيا وڃن ليڪن ھتي جي حالت اھا آھي تہ نہ رڳو سنڌ دشمن عرب حاڪمن جا يادگار ملھايا وڃن ٿا. پر عمر جديد جي سنڌ دشمن ماڻھن کي پنھنجو “قائد “ سڏيو وڃي ٿو. مسٽر جناح کي “قائد اعظم“ لياقت علي خان کي “قائد ملت“ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي “قائد عوام“ ڳالھ صاف پئي آھي تہ ائين ڪرڻ سان سنڌين کي ڌارين جي غلامي تي رضامد ڪرڻ جي ترغيب ڏياري وڃي ٿي، ان مان ماڻھن تي اھو اثر ويھاريو وڃي ٿو تہ ڌارين جو ايجنٽ تي سنڌ سان غداري ڪرڻ برو ڪم نہ آھي. پر عزت جي نشاني آھي اھي سڀ ڳالھيون “ احساس ڪمتريء“ جي لسٽ ۾ اچي وڃن ٿيون (سائين جي ايم سيد)