نئين ڪويتا*ڊاڪٽر ذوالفقار علي***

ھوء مفلسين
جي
ٿڪايل زندگي
ڏس قسمت
جي
ڏاڪڻ تان
ترڪي پئي
زخم روح
کي رسيا آھن!
احساس
۽ ھمدردي کڻي
بي ضميرن
جي ويڙھي ۾
بيحسي
جي بازار ۾
فرعونن جي
رحم ڪرم تي
اجڙيل ڦٽل
اسپتال ۾
عزرائيل پاران
خالي
ڪرايل بستر تي
اڇلي ھليا ويا آھن!!
 
Back
Top