• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 22 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* 80 جي ڏهاڪي ۾ ٻين لاءِ ٻاريل باهه ۾ اسان پاڻ سڙي رهيا آهيون: خواجا آصف (خبر)
** وزيراعظم نواز شريف به ته انهيءَ باهه جي پيداوار آهي (تبصرو)

* گرهوڙي شريف لڳ ڀوپيَ جن ڪڍڻ جي بهاني، ٻارڙي کي ساڙي ڇڏيو، اکيون ضايع (خبر)
** اهڙو ڪو انڌير، سرتيون جھڙو سنڌ ۾ (تبصرو)

* ڪراچيءَ جي اسڪول ۾ “حُقا بار” هلڻ جو انڪشاف (خبر)
**..قصو “ڀنگ بار” کان شروع ٿي وڃي حُقا بار تائين پهتو آهي (تبصرو)

* وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽريءَ جي هوٽل مان گيس چوري پڪڙي وئي (خبر)
** مشهور چوڻي: سائين ته سائين پرسائينءَ جا ڪُتا به سائين (تبصرو)

* سعودي عرب طرفان پاڪستان کان ايٽم بم خريد ڪرڻ جو خطرو: جان ڪيري (خبر)
** ....اجايو وجھندو سعودي عرب پاڻ ۽ اسان کي به ڏچي ۾ (تبصرو)

* ملير ۾ اعلانيل ڀٽولا يونيورسٽيءَ جي مخصوص زمين ڪي ڊي اي وڪڻي ڇڏي (خبر)
** زرداريءَ جي سوکڙي 94 ورهين جي نوجوان قائم عليشاهه جي دور ۾ ته ائين ئي ٿيندو(تبصرو)

* ٿر ۾ 21 ڏينهن ۾ مري ويل ٻاڙن جو انگ 92 ٿي ويو(خبر)
** هاءِ ڙي آصف زرداري ۽ قائم عليشاهه توهان جي بد حڪمراني!! (تبصرو)
 
Back
Top