• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم نڪور

ظم
____

جنهن کي ياد ڪيان ڪري ياد روئان
سو محرم من جو ڪاٿي لهان
يار هزارين ماڻهو هوندا سونهن ڀريا سردار به هوندا
مونکي گهرجي منهنجو سهڻو جنهن لئه جهوري جيءَ جهڄان
هو ته آهي حسن شهر ڪو روشن جنهن سان تبڪ من جو
روح کي راحت جنهن سان ملي ٿي پر ۾ تنهنجو ترت پڇان
رنگ به رنگي روح جي راحت ڪين سري ٿي جنهن بن ساعت
رات به ننڊ ۾ خوب ڏٺو مون سو ئي راڻو يار ٿو ڳوليان
صورت سهڻي سيرت پياري محفل جو هو آ مور
هو آ نرالو نينهن ڀريل ڪو وصف ۾ وڻندڙ چاه چوان

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top