هڪ ضرورتمند ڪنهن سيٺ وٽ آيو ۽ مدد گهريائين. سيٺ صاحب پنهنجي نوراني ڏاڙهي تي هٿ ڦيريو ۽ چيائين، ”وڃ! تنهنجي قسمت ۾ ڪجهه به ڪونهي.“ سائل چيو: ”ڇا مطلب سيٺ صاحب؟“ چي: ”منهنجو دستور آهي ته ڪو سوالي سوال ڪندو آهي ته ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائيندو آهيان. جيترا وار ڇڻي هٿ تي ڪرندا آهن اوترا روپيا سوالي کي ڏئي ڇڏيندو آهيان. اتفاق سان هن وقت ڏاڙهيءَ جو هڪ به وار هٿ ۾ ناهي آيو.“ سائل چيو: ”اجازت هجي ته مان به ڪجهه عرض ڪريان؟“ سيٺ صاحب وڏي مهرباني ڪندي چيس: ”ها! ها! چئو.“ چيائيس: ”حضُور! انصاف ته اهو آهي ته ڏاڙهي تنهنجي هجي ۽ هٿ منهنجو. پوءِ به ڪو وار هٿ ۾ نه اچي ته...........“ ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ابن انشاء .... آپ سي ڪيا پرده