نثار بزمي هونءَ ڌار ته آهيون پر سپنن ۾ ته گڏ آهيون: نثار بزمي

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
هونءَ ڌار ته آهيون پر سپنن ۾ ته گڏ آهيون.
ڳائن ٿا ڳائڻ وارا. نغمن ۾ ته گڏ آهيون.

هڪ ٻئي کي ڏسون ته نه ٿا، آواز ته ٻڌجن ٿا،
سوچي جي کڻي ڏسبو، لفظن ۾ ته گڏ آهيون.

طوفان لٽيا ناهن، برسات پٽيا ناهن.
پيرن جي انهن پختن، نقشن ۾ ته گڏ آهيون.

تون ڌار اتي آهين، مان ڌار هتي آهيان،
ميلو ته نٿو ٿئي پر، مهڻن ۾ ته گڏ آهيون.

تون ۽ مان ٻئي پنهنجن، لڙڪن کي لٽايون ٿا،
نفعو ته مليو ڪونهي، خرچن ۾ ته گڏ آهيون.

تون مون ۾ پيل آهين، مان تو ۾ پيل آهيان،
اکين کان پري آهيون، مان تو ۾ پيل آهيان،

تون مون کي سنڀارين ٿو، مان توکي تنوار يان ٿو،
جلون کان جدا آهيون، جذبن ۾ ته گڏ آهيون.

هڪ ٻئي جي جدائيءَ جو، افسوس ته ڏاڍو آ،
خوشين ۾ کڻي ناهيون، صدمن ۾ ته گڏ آهيون.

ٿيو حال نه جي حامي، ڏک ڪهڙو ڪجي ان تي.
ماضيءَ جي مٺن پيارن، لمحن ۾ ته گڏ آهيون.

هر پاسي هلن ڳالهيون، ٿيون پيار اسان جي جون،
هن ملڪ جي ماڻهن جي، گفتن ۾ ته گڏ آهيون.

معشوق ٿو سڏ جين تون، عاشق ٿا سڏن مون کي،
”بزميءَ“ جا سڄڻ! اهڙن، لقبن ۾ ته گڏ آهيون.


(نثار بزمي)

شمن ميرالي جي آواز ۾ گيت ٻڌڻ لاءِ هن هيٺيئن link تي Click ڪريو
https://soundcloud.com/sajjad224/sapnan-mien-ta-gadd-aahyoon
 
Back
Top