خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 24 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ملتان ۾ 13 ورهين جي نينگر جو ٻوريءَ بند لاش مليو (خبر)
* * ايم ڪيو ايم وارا ملتان به پهچي ويا ڇا؟ (تبصرو)

* چانهونءَ جو دڙو موهن جي دڙي سان ملي ٿو: فرانسسي ماهر (خبر)
* *فرانسيسي ماهر اهو به ٻُڌائن ته سيد قائم علي شاه ڪهڙي دڙي مان لڌو آهي؟ (تبصرو)

* مٺيءَ ۾ ٻارڙي، ڊاڪٽر نه هئڻ سبب فوت (خبر)
* * وڏي وزير جو ٿري ٻارڙن جي مرڻ سان ڇا؟ (تبصرو)

* ڪاڇي ۾ پاڻيءَ جو شديد بحران، سرڪار لاتعلق، ماڻهو دربدر(خبر)
* * هجي ها ڪراچي ته وڏي وزير جي، ايم ڪيو ايم جي ڊپ کان ننڊ ڦٽل هجي ها (تبصرو)

* دهشتگرد، پاڪستاني نوجوانن کان ڊپ ۾ آهن: لياقت جتوئي (خبر)
* * ...۽ اوهان جھڙا ڪرپٽ سياستدان وري هر ڊپ کان ڇٽل آهن؟ (تبصرو)

* سنڌ جي لکيل تاريخ پڙهڻ لائق ناهي: ڊاڪٽر مبارڪ (خبر)
* * اسان جي ماڻهن کي ڄنڊا پٽ کان فرصت ملي ته نئين سر تاريخ لکن (تبصرو)

* مرزا پنهنجي محسن ۽ پارٽيءَ سان غداري ڪئي: ڪمال چنگ (خبر)
* * آصف علي زرداري وري پارٽيءَ جي بانيءَ شهيد ڀٽي سان غداري ڪئي (تبصرو)
 
سائين بهترين!!! اوهان جي "خبرون تي ٽيڪاٽپڻي" پڙهي ازخود کل نڪريو وڃي.جيتوڻيڪ انهن ۾ سبق پڻ آهي.
 
Back
Top