اڄوڪي سنڌ بجيٽ ۽ مرڪز جي مالياتي ناانصافي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اڄوڪي سنڌ بجيٽ ۽ مرڪز جي مالياتي ناانصافي​



    محسن ٻٻر

    [​IMG]


    [​IMG]



    پيپلزپارٽي پاران مرڪز ۾ انتهائي تڪراري بجيٽ پيش ڪرڻ بعد هاڻي سندن سنڌ حڪومت مالي سال 11-2010ع لاءِ پنهنجي بجيٽ اڄ سنڌ اسميبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪري پئي. اها ڳالهه اچرج جهڙي آهي ته جيڪڏهن مرڪز پاران 80 کان 85 ارب روپيا واڌارو ملن پيا ته سنڌ جي اڄوڪي بجيٽ کوٽ واري ڇو پيش ڪئي وڃي پئي. منهنجي تجزئي موجب جيڪڏهن اڄوڪي سنڌ بجيٽ کوٽ واري آهي ته ان جا ٻه مکيه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته اها کوٽ ڄاڻي واڻي ڏيکاري وڃي، جيئن مرڪز کي اهو پيغام ڏيئي سگهجي ته ڇاڪاڻ ته اوهان اسان کي پنهنجون رقمون پوريون نه ڏيئي رهيا آهيو تنهن ڪري اسان کوٽ واري بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون. ٻيو اهو ته سنڌ کي سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ 30 ارب کن اضافي ڀرڻا پئجي رهيا آهن تنهن ڪري اهو اضافو ئي دراصل کوٽ جو سبب بنيو آهي. انهي سموري صورتحال باوجود سنڌ جو ايندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي پلان ڪجهه وڌائي ۽ حقيقت جي ابتڙ بنايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان ترقياتي پلان لاءِ ڪاٿو ڪيل رقمون خرچ ناهيون ڪري سگهندا، تنهن ڪري اهو 30 ارب گهٽائي بنائي سگهجي پيو.

    جيڪڏهن ترقياتي پلان حقيقت تي ٻڌل هجي ته سنڌ ۾ کوٽ واري بجيٽ بدران منافعي واري بجيٽ پيش ڪري سگهجي پئي. ان کان اڳ جو انهن موضوعن جو جائزو وٺجي، ان کان اڳ اچو ته اوهان کي ٻڌايان ته ڪيئن مرڪز جي ناڻي واري وزارت پنهنجي بجيٽ ۾ سنڌ جي حصي کي ڪيئن گهٽ ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ڪيئن صوبن جي ڳچي ۾ ڪيترائي اهڙا خرچ وڌا ويا آهن، جن سان ستين مالياتي ايوارڊ جو لاڀ سواليه نشان بنجي ويو آهي. مرڪز پنهنجي ناڻي واري وزارت ذريعي سنڌ کي ستين مالياتي ايوارڊ ذريعي ويندڙ 80 ارب روپين کان مٿي جي رقم جي لاڀ مٿان مالياتي ڏاڍائي ڪندي انهي کي غير اثرائتو بنائي ڇڏيو آهي. سنڌ کي ان سان ڪيترو نقصان پوندو اهو ته اڄ سنڌ جي بجيٽ جا دستاويز اچڻ بعد ئي اوهان آڏو پيش ڪري سگهبو، پر هينئر تائين مليل رپورٽن آڌار تي ڪجهه تجزيو اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو.

    ناڻي واري مرڪزي وزارت جون ”غلطيون“

    مرڪز جي نئين سال جي بجيٽ ۾ ناڻي واري وفاقي وزارت جي ڪامورن جي ”غلطين“ سبب رڳو هڪ مد يعني خدمتن تي جي ايس ٽي جي مد ۾ سنڌ کي 23 ارب روپيا گهٽ ڪري ڏيکاريا ويا آهن. 5 جون تي بجيٽ جا دستاويز جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيا ته وفاق کي وصول ٿيندڙ اوڳاڙين بابت هڪ دستاويز Explanatory Memorandum on Federal Receipts 2010-11 ۾ صفحي نمبر 47 تي ورڇ جوڳي پول ۽ سڌين منتقلين جا تفصيل فراهم ڪيل هئا. پر اچرج جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ سنڌ ۽ مرڪز وچ ۾ تڪراري خدمتن تي جي ايس ٽي جي سموري اوڳاڙي 89 ارب روپيا ڏيکاريندي، انهي جي ورهاست ستين مالياتي ايوارڊ بدران جنرل مشرف فارمولا جي ايوارڊ تحت ڪيل هئي. ان دستاويز موجب خدمتن تي جي ايس ٽي جي وصولين واري 89 ارب روپين جي ڪاٿي ۾ پنجاب کي 57.35 سيڪڙو (51 ارب)، سنڌ کي 23.68 سيڪڙو (21 ارب)، خيبر پختونخوا کي 13.80 سيڪڙو (ساڍا 12 ارب) ۽ بلوچستان کي 5.5 سيڪڙو (4.5 ارب) مختص ڪيا ويا آهن. ايوارڊ ڪهڙو به هجي، سڌيون منتقليون ڪڏهن به ڪنهن فارمولي جي بنياد تي نه ورهايون وينديون آهن، اهي صرف اوڳاڙي جي بنياد تي ورهايو وينديون آهن. ان لحاظ کان حقيقت ۾ صوبن جو حصو هن ريت ٺهي ٿو. پنجاب کي 42 سيڪڙو (37.22 ارب)، سنڌ کي 50 سيڪڙو (44.55 ارب)، خيبر پختونخوا کي 6 سيڪڙو (5.34 ارب) ۽ بلوچستان کي 2 سيڪڙو (1.73 ارب) ملڻ کپندا هئا.

    سنڌ حڪومت انيڪ ڀيرا اها نشاندهي ڪري چڪي هئي ته ستين مالياتي ايوارڊ جي نوٽيفيڪيشن ۾ مختلف اهڃاڻن ۽ خدمتن تي جي ايس ٽي جي وصولي جو صوبن جو حق تسليم نه ڪيو ويو آهي. جنهن کي بعد ۾ مرڪز تسليم ڪيو ۽ هڪ نئون نوٽيفيڪيشن تصحيح ڪري جاري ڪيو ويو. بجيٽ دستاويزن جي صفحي نمبر 44 تي تصحيح ٿيل نوٽيفيڪشن بدران غير تصحيح ٿيل نوٽيفيڪيشن ڏنو ويو آهي. ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران انهي “غلطي” جي نشاندهي ٿيڻ بعد صدر آصف علي زرداري ناڻي کاتي جي عملدارن ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن کي اسلام آباد طلب ڪيو، جنهن ۾ ناڻي کاتي جي عملدارن انهي غلطي کي تسليم ڪيو. اها غلطي آهي يا دانسته غلطي، مان ان جو فيصلو نٿو ڪري سگهان، پر ڇو هر ڀيري ساڳين ڪامورن کان اها غلطي ٿي ويندي آهي ۽ پيپلزپارٽي حڪومت انهن ساڳين ڪامورن کي ناڻي جهڙي اهم وزارت ۾ مقرر ڪيو ويٺي آهي، جيڪي اها غلطي بار بار ڪندا آهن. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ڊاڪٽر حفيظ شيخ به ڪامورن جي اهڙي ”غلطي“ کي غلطي تسليم ڪيو ۽ طئي ٿيو ته ڄاڻايل دستاويز نئون ڇاپي پيش ڪيو ويندو ۽ صوبن کي باقاعدي خط لکي انهي غلطي کي تسليم ڪيو ويندو. پر رقمن ۾ ڦير ڦار پوءِ به نه ڪئي ويندي ۽ رقمون تڏهن تبديل ڪيون وينديون، جڏهن سنڌ ۽ مرڪز وچ ۾ خدمتن تي ويليو ايڊڊ ٽئڪس يا جنرل سيلز ٽئڪس ريفارمز وارو تڪرار حل ٿيندو. معنيٰ ته مرڪز پنهنجي ضد تي اڃا به قائم آهي. سنڌ اهو موقف اختيار ڪيو ته اهو تڪرار حل نه ٿيڻ باوجود هو پنهنجي بجيٽ ۾ خدمتن تي جي ايس ٽي جي جي مد ۾ 25 ارب روپين جي لڳ ڀڳ رقمن جي وصولي ڏيکاريندو.

    ڳالهه هتي ختم نٿي ٿئي وفاقي حڪومت جي تازو آئين ۾ ٿيل ارڙهين ترميم جي هڪ وڌيڪ ڀڃڪڙي ڪندي. ان ترميم ذريعي صوبائي حڪومتن کي منتقل ڪيل غير متحرڪ جائيدادن تي لاڳو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس (سي وي ٽي) پاڻ لاڳو ڪري ان کي ايندڙمالي سال جي وفاقي بجيٽ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي اهو ٽيڪس صوبائي قانون ذريعي لاڳو ڪري ايندڙ مالي سال کان پاڻ اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي مالياتي ماهرن سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ سنڌ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس بل 2010ع جو مسودو پڻ تيار ڪري ورتو آهي. بجيٽ دستاويزن ۾ سنڌ حڪومت کي ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي حڪومت کي ان محصول جي اوڳاڙي مان اين ايف سي واري حصي موجب ايندڙ مالي سال اٽڪل 63 ڪروڙ رپيا وفاق کان منتقل ٿي سگهندا. جڏهن ته سنڌ حڪومت موجب غير متحرڪ جائيدادن جي منتقلي تي 4 سيڪڙو شرح جي حساب سان لڳل ان ٽيڪس جي مد ۾ هر سال اٽڪل ساڍا ٽي ارب رپيا صرف سنڌ مان اوڳاڙي ٿيندي. سنڌ حڪومت ان ٽيڪس جي اوڳاڙي واري ڪاٿي کي به صوبائي وسيلن مان ٿيندڙ آمدني دوران بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي.

    سنڌ کي ملندڙ اضافي رقمون ۽ ذميواريون

    توڙي جو مرڪز هڪ پاسي سنڌ کي هلندڙ مالي سال 10-2009ع جي ورڇ جوڳي پول جي مد ۾ 145 ارب ۽ سڌين منتقلين جي صورت ۾ 55 ارب روپين (جملي 200 ارب) جي ڀيٽ ۾ترتيب وار 207 ارب ۽ 72 ارب روپين جون رقمون (جملي 279 ارب) جون رقمون ڏيڻيون ڪيون آهن پر ٻئي پاسي ڪيترا ئي خرچ ۽ ذميواريون به سنڌ جي ڳچي ۾ وڌيون ويون آهن. ماضي جي روايت آهي ته جڏهن به وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪندي آهي ته صوبن کي به ساڳي شرح سان اضافو ڪرڻو پوندو آهي پر اها اضافي رقم صوبن کي مرڪز پاران ڏني ويندي آهي. هن ڀيري صورتحال مختلف آهي. مرڪز پاران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪرڻ بعد سنڌ جي ناڻي تي 30 ارب روپين جو بار پئجي ويو ۽ مرڪز اضافي رقمون صوبن کي ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي. جنهن تي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ آخري خبرون اچڻ تائين 50 سيڪڙو اضافو مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. پر سنڌ پنهنجن ملازمن کي هي سٽون لکڻ تائين 50 سيڪڙو اضافو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو خرچ سنڌ حڪومت پاڻ ڀريندي. جيئن ته سنڌ سڄڻن جي علم ۾ آهي ته سنڌ ۽ مرڪز وچ ۾ بجلي جي بلن جي معاملي تي تڪرار هلي رهيو آهي. مرڪز جي دعويٰ آهي ته سال 4-2003ع کان هن وقت تائين بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي حساب سان بجلي جي بلن جي مد ۾ سنڌ سرڪار تي 22 کان 24 ارب روپيا نڪرن ٿا. سنڌ سرڪار مرڪز سان ٿيل گڏجاڻين ۾ اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته ناڻي واري وفاقي وزارت جي فارمولي تحت هاڻي انهن کي صرف 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن، جيڪي سنڌ سرڪار ڀرڻ لاءِ تيار آهي. واپڊا ۽ حيسڪو وارا ان فارمولي تي به اڃا تائين راضي ناهن. جيئن ته اهو تڪرار اڃا نبيرجي نه سگهيو آهي پر سنڌ سرڪار پاران بجليءَ جي واڌو بلن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ وفاقي سرڪار، سنڌ جي حصي جي رقمن مان 8 ارب رپيا جبري طور روڪي ورتا آهن ۽ سنڌ سرڪار کي چيو ويو آهي ته پهريائين اوهان واپڊا سان بجليءَ جي واڌو بلن جو مامرو نبيريو، ان کانپوءِ روڪيل 8 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا. اها رقم تيل ۽ گئس تي رائلٽي، سرچارج ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ روڪي ويئي آهي. هلندڙ مالي سال لاءِ سنڌ کي انهيءَ مد ۾ 52 ارب 30 ڪروڙ ڏيڻا هئا، پر پهرين 11 مهينن ۾ انهن رقمن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي رڳو 29-ارب رپين جي لڳ ڀڳ ڏنا ويا آهن. جنرل مشرف جي ضلعي حڪومتن واري رٿا تحت ضلعن کي صوبن ذريعي رقمون مختص ڪيون وينديون هيون. ان ڏس ۾ سنڌ کي هن سال 29 ارب روپيا ڏيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو. هاڻي اها رقم به سنڌ کي نه ملندي. مٿي ڏنل سموري حساب ڪتاب مان خبر پئي ٿي ته سنڌ کي 80 ارب روپيا اضافي ڏيئي سنڌ مٿان 92 ارب روپين جون ذميواريون به وڌيون ويون آهن.

    سنڌ جي بجيٽ ۽ ترقياتي پلان

    ڪو به نئون ٽئڪس نه لڳائيندي، سنڌ حڪومت جي 425 ارب روپين جي لڳ ڀڳ ان بجيٽ ۾ 30 ارب روپيا کوٽ جو امڪان آهي. سنڌ حڪومت مرڪز کان ورڇ جوڳي پول مان 207 ارب، سڌين منتقلين جي صورت ۾ 72 ارب، خدمتن تي جي ايس ٽي سميت صوبائي ٽئڪسن جي مد ۾ 75 ارب (50 ارب صوبائي ٽئڪس ۽ 25 ارب خدمتن تي جي ايس ٽي)، مرڪز جي سنڌ ۾ جاري ترقياتي رٿائن، عالمي مالياتي ادارن جي پروگرامز ۽ ٻين ڪجهه مدن ۾ 30 ارب ۽ گذريل سال ۾ کاتن ۾ پيل رقمن جي مد ۾ 10 ارب کن وصولين جو ڪاٿو لڳائي ويٺي آهي. ان حساب سان سنڌ کي لڳ ڀڳ 395 کان 400 ارب روپين جي وصولين جو امڪان آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي خرچن جي مد ۾ ضلعن جي ترقياتي پلان سميت صوبي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 135 ارب، غير ترقياتي خرچن جهڙوڪ پگهارون، انتظامي خرچ جي مد ۾ 150 کان 170 ارب روپيا، ضلعي جي غير ترقياتي خرچن لاءِ 120 ارب روپيا ۽ ڪرنٽ ڪئپيٽل خرچن ۽ ٻين مدن ۾ 25 ارب روپين جي لڳ ڀڳ خرچن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. اهڙي لحاظ سان خرچن جو ڪاٿو 425 ارب روپيا، يعني آمدني کان 25 کان 30 ارب روپيا مٿي آهي.

    سنڌ جي اڄوڪي بجيٽ منافعي واري بجيٽ ٿي سگهي پئي. ان لاءِ سنڌ جو ترقياتي پلان جيڪو 90 ارب روپين جو هو، ان کي وڌ ۾ وڌ 100 ارب تائين وڌائي 30 ارب روپين واري کوٽ ختم ڪري سگهجي پيو. ڇاڪاڻ جو هلندڙ مالي سال دوران 90 ارب روپين جي ترقياتي پلان لاءِ رڳو 50 کان 60 ارب روپيا خرچ ٿي سگهيا آهن. ايندڙ سال سمورا 135 ارب هونئن به خرچ نه ٿي سگهندا، تنهن ڪري حقيقت تي ٻڌل 100 ارب روپين جو ترقياتي پلان رکڻ سياڻپ وارو فيصلو هو. اهي 100 ارب روپيا سولي طريقي سان خرچ ڪري مرڪز کي اهو پيغام ڏنو وڃي ها. اوهان جي اُرهه زوراين باوجود سنڌ مالياتي طور ذميوار صوبو آهي ۽ خرچ سميت اوڳاڙيون ڪرڻ جي به اهليت رکي ٿو.

    سنڌ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    جيتوڻيڪ ڪنهن به سبب جي ڪري سنڌ جي اڄوڪي بجيٽ کوٽ واري آهي، مرڪز جي ناڻي واري وزارت جي ڪامورن پاران ڪيل مالياتي بي قائدگين بابت ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي ۽ ذميوران خلاف به ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي، تنهن ڪري هاڻي ضروري آهي ته سنڌ جا مالياتي مئنيجرز سنڌ جي امڪاني 425 ارب روپين جي بجيٽ کي درست طريقي سان خرچ ڪرڻ لاءِ درست رُخ ۾ اپاءُ وٺن. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو انتهائي ساراهه جوڳو قدم آهي پر سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه پنهنجي تقرير ۾ رقمون درست اسڪيمن ۽ درست طريقي سان خرچ ڪرڻ جي حڪمت عملي جو به اعلان ڪري. انهن رقمن جو جاري ٿيڻ روايتي طور سياسي بنيادن تي ڪرڻ بدران ضرورت جي بنياد تي ڪيو وڃي. مرڪز پاران سنڌ سان مختلف معاملن ۾ ٻه اکيائي کانپوءِ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هينئر منهنجي نظر ۾ انتهائي ناقص ٿيندڙ طرزِ حڪمراني آهي. انتها کي ڇُهندڙ ڪرپشن به انهيءَ جو هڪ حصو آهي. سنڌ جو وڏو وزير ناڻي واري صوبائي وزير جي انچارج طور ان کي روڪڻ لاءِ بنيادي ۽ انقلابي اُپائن جو اعلان ڪري. ترقياتي رٿائن، پروگرامز، پروڪيورمنٽ ۽ مرمت وغيره جي ڪمن جي نگراني کي بهتر بنائيندي، ان حوالي سان هر سطح تي هڪ ٽاسڪ فورس جوڙيو وڃي، جنهن ۾ صرف ۽ صرف ديانتدار ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻهن کي رکيو وڃي. اهڙا ٽاسڪ فورسز هر کاتي ۾ جوڙي سگهجن ٿا، پر ٻيهر عرض ڪندس ته اهو تڏهن ئي ممڪن بنجي سگهندو، جڏهن نگراني جو عمل صاف، شفاف ۽ ساک وارن ماڻهن جي هٿ ۾ هوندو. ان حوالي سان هر رٿا متعلق ڄاڻ ۽ ڪارڪردگي کي مختلف وسيلن ذريعي عام ماڻهن تائين لاڳيتو پهچايو وڃي. جڏهن ماڻهن تائين ڄاڻ پهچندي ته سرشتي کي بهتر ڪرڻ لاءِ هو پاڻ ئي ان جي حفاظت جو ذمو کڻندا ۽ نگراني جو عمل وڌيڪ شفاف ۽ بهتر ٿي ويندو. هر سطح ۽ هر کاتي ۾ آفيسرن ۽ انجنيئرز جي مقررين ۽ بدلين جو معاملو به شفاف بنايو وڃي ۽ وڏو وزير ان متعلق به پاليسي جو اعلان ڪري. هر مهيني، ٻئي مهيني آفيسرن جو ”سياسي“ بنيادن تي بدليون سنڌ جي اجتماعي مفاد ۾ نه آهن ۽ ان سان اسان اجتماعي ترقي نه، پر ”انفرادي“ ترقي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن حڪمران انهي ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه به ڪن ٿا ته آخر ۾ مان سنڌ جي سول سوسائٽي، قومپرست توڙي وفاقي پارٽين جي ضلعن ۾ موجود نمائندن، صحافين سميت اونو رکندڙ هر شهري کي گذارش ڪندس ته هو مايوس ٿيڻ ۽ اهو چوڻ بدران ته ”ڪجهه نه ٿيندو، اسان جو ڇا وڃي؟“ واري روش کي ڇڏي پنهنجي ذميواري به محسوس ڪن ۽ انهن رٿائن، پروگرامز ۽ اسڪيمن جي لاڳيتو پوئيواري ڪن ته جيئن سنڌ ۾ پڇاڻي جي هڪ نئين ڪلچر جو بنياد رکي سگهجي ۽ طرزِ حڪمراني کي بهتر بنائي سگهجي


    بشڪريه روزانه ڪاوش اخبار
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اڄوڪي سنڌ بجيٽ ۽ مرڪز جي مالياتي ناانصافي

    ادا سٺي شيرنگ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو