سٺي حڪمرانيء جو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    سٺي حڪمرانيء جو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو؟

    شفيق شاڪر

    پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي هيستائين ڪڏهن به مثالي سٺي حڪمراني نه ڏٺي آهي.قائد اعظم جو مختصر دور کي ذڪر هيٺ آڻي نٿو سگھجي جو اهوهڪ ساله دور هڪ نئين ڄاول رياست جي لاء انيڪ مسئلن ۽ مشڪلات جو دور هو.انهيء کان پوء ايندڙ حڪمرانن ان اصل مرض جي طرف ڌيان ڏيڻ بدران حڪومت جي طور طريقن ۾ صرف ڪاسميٽڪس قسم جون تبديليون آنديون جنهن ڪري سٺي حڪمرانيء وارو خواب اڄ تائين ساڀيان نه ٿي سگھيو آهي. پاڪستان ۾ پوين ٻن ڏهاڪن وارو حڪمرانيء جو دور نهايت ئي تشويشناڪ حد تائين بگڙيل رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهن جي زندگي ڏينهون ڏينهن عذاب بڻجندي ٿي وڃي ۽ ايستائين جو رياست جا ادارا به کوکلاٿيندا ٿا وڃن جنهن جو احساس اڃا تائين ته اسان جي حڪمرانن ۾ پيدا نه ٿيو آهي. امن امان جو مسئلو هجي يا شهرين کي زندگيء جون بنيادي سهوليتون فراهم ڪرڻ جو، دهشتگرديء جو ناسور هجي يا پوري معاشري جي رڳن ۾ سرايت ڪري ويل بدعنوانيء جو زهر، انهن سني شين جو تعلق سٺي حڪمرانيء جي سوال سان ڳنڍيل هجي ٿو.اصل مرض تي قابو پائڻ بدران اسان جا حڪمران عوام جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن جي سببن طرف ڇڪائڻ جي فضول ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا.ان ڪري جو بدقسمتيء سان پاڪستان ۾ عوام ۽ حڪمرانن جي مفادن ۾ هميشه ٽڪراء رهندو اچي ۽ انهن حڪمرانن ڪڏهن به پنهن جي ذاتي ۽گروهي کول مان ٻاهر نڪري سوچڻ جي ڪڏهن تڪليف ئي ناهي ڪئي.اهي صرف پنهنجي لاء جيئڻ سکيا آهن.انهن جي اها سياسي ۽ اخلاقي تربيت ئي ناهي ٿي ۽ نه ئي انهن کي اتم اصولن ۽ انساني آدرشن جو ڪو ماحول نصيب ٿيو آهي جو اهي واقعي عوامي ليڊر بڻجي سگھن.جهڙيء طرح فوجي حڪمران لٺ جي زور تي عوام کي يرغمال بنائي پنهنجا مفاد پورا ڪن ٿا ساڳئي نموني هي نام نهاد جمهوري حڪمران عوام جي مينڊيٽ جي آڙ ۾ عوام کي ڪسمپرسيء جي دريا ۾ غوطا کارائين ٿا.آخر گذريل ستر سالن ۾ ڇا بدليو آهي.حڪومت جو نظام ڪهڙو آهي،حڪمران ڪهڙي طريقي سان اقتداري ايوانن تائين پهچن ٿا،اهي سوال هاڻي پاڪستاني عوام جي لاء اڻ لاڳاپيل بڻجي ڪري رهجي ويا آهن. ماڻهن جو حڪومت توڙي ادارن تان ويساه ختم ٿي چڪو آهي،انهنجي پنهنجي ملڪ جي معاملن سان دلچسپي موڪلائي ويئي آهي.اهي سخت غصي،اضطراب،نفرت،بيزاري ۽ مايوسين جو شڪار آهن.انهن سببن تي سوچڻ بدران حڪمرانن وٽ بس هڪڙو ئي دليل آهي ته جيڪڏهن اسين صحيح ناهيون ته پوء ماڻهو اسان کي ووٽ ڇو ٿا ڏين؟ ماڻهوآخر ڪنهنکي ووٽ ڏين،قطار ۾ لڳل اميدوارن مان ڪنهن کي ترجيح ڏين.سڀني جي سوچ ساڳي ۽ سڀني جو مقصد ساڳيو،سڀني جولاحئه عمل پئسو ڪمائڻ، سڀني جو منشور عوام کي وڌيڪ لتاڙڻ، ان ظالم نظام ۾ ڪنهن نئين ايندڙ کي جڳھ ملي ته عوام انهن کي ووٽ ڏيڻ لاء سوچي.دنيا جون مهانگي ۾ مهانگيون چونڊون اسان جي ملڪ ۾ ٿين ٿيون جنهن ۾ مڊل يا هيٺئين درجي جو ڪو ماڻهو قيامت تائين اول ته بيهي نٿو سگھي پر جي بيهي رهي ته به ڇٽي نٿو سگھي.ڇا پاڪستان صرف ان ڪري ٺهيو هو ته انهيء تي ڪجھ اشرافيا جو سدائين لاء راڄ رهي ۽ ملڪ جي وڏي غريب آبادي ٻن وقتن جي مانيء لاء انهن حڪمرانن کان خيرات پنندي رهي!غريبن جي رت ۽ پگھر مان اهي عياشيون ڪندا رهن.سٺي حڪمرانيء جو ته پهريون اصول ئي اهو آهي ته حڪمران پنهن جي عوام سامهون جوابدار هجن، احتساب جو بي رحم پر منصفاڻو نظام هجي جنهن ۾ صرف ننڍيون مڇيون نه ڦاسن پر پاپ ڪرڻ تي وڏن جا به پٽڪا لهن.هي ڪهڙي مذاق آهي جو جڏهن انهيء اشرافيا جي طبقي جو ڪو معزز مجرم ڪنهن وقت قانون جي ڪوڙڪيء ۾ ڦاسي ٿو ته اهي سڀ قانون جوپاسو کڻڻ بدران اهڙن ڪرمنلز کي بچائڻ لاء هڪ ٿيو قيامت برپا ڪيو ڇڏين.هن رسڪي عدل جي نظام ذريعي خبر ناهي ڪيترا بي گناه ڦاسيون کائي ويا پر انهن جي لاء اڄ تائين ڪنهن به ڪو ارمان نه ڪيو جو اهي اشرافيا مان ناهن.ماڻهو انصاف جي پويان سالن جا سال ڌڪا کائڻ پوء به حاصل اهو ئي ٿا ڪن جو جيڪو ڏاڍو سو گابو!هي ڪهڙا حڪمران آهن جيڪي پنهن جن عوامي ڪرسين کي پنهنجي ذاتي ڪاروبار ۽ ڌنڌي جي آبياري لاء استعمال ڪن ٿا.عوامي ناڻي کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ کان پو به اهي جمهوري ۽ عوامي رهن ٿا.عوام کي غربت ۽ بدحاليء جي دوزخ ۾ ڌڪڻ کان پو به اهي عوام جا هر دلعزيز ليڊر ئي رهن ٿا.حڪمرانن جي سنجيدگيء جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن وقت جڏهن پاڪستان تاريخ جي بدترين مالي بحران جو شڪار ٿيڻ وارو آهي،خطي جي سياسي صورتحال ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي لاء ڪي وڻندڙ اشارا نه ڏيئي رهي آهي جو ڪيترن ئي ملڪن جي پراڪسي جنگ هتي وڙهي پيئي وڃي.دهشتگرد هڪ دفعو وري منظم ٿي رهيا آهن.ٿر ۽ ڪوهستان ۾ سنگين ڏڪار وارين حالتن سبب ماڻهو معاشي بدحاليء جو شڪار آهن ۽ ٿر ۾ سوين ٻار بکن وگھي مري رهيا آهن .پوري ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جي بحران سبب سوين صنعتون بند ٿي رهيون آهن.زرعي شعبو مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي پر سنڌ اسيمبليء ۾ شعر ۽ شاعريء جون محفلون متل آهن جڏهن ته قومي اسيمبليء ۾ پي آئي اي جي نجڪاري ۽ ڪاري ڌن کي سفيد ڪرڻ جا قانون پاس ڪرڻ کان سواء ٻئي ڪنهن به سنجيده موضوع تي ڪو به بحث نه ٿي رهيو آهي.ڇا عوام انهن سياسي نمائندن کي انهيء لاء پگھار ڏئي ٿو ته اهي اسيمبلين ۾ وڃي طنز مزاح ۾ پنهنجو وقت پورو ڪن! دهشتگرديء جي معاملي تي حڪومت جو صرف بيانن کان سواء ڪو به واضح موقف نظر نٿو اچي.جيڪڏهن واقعي دهشتگردي سرحد پار کان ٿي رهي آهي ته اهي بيان ٻڌي ٻڌي ماڻهن جا ڪن ئي پچي پيا آهن.سوال اهو آهي ته جڏهن حڪومت وٽ سڀ ثبوت به آهن ته پوء ان سرحد پار دهشتگرديء کي روڪڻ لاء هيستائين حڪومت ڪهڙا موثر قدم کنيا آهن.هر واقعي کان پوء اڳيئي تيار ٿيل اهڙا بيان جاري ڪيا وڃن ٿا پوء آرام سان ٻئي واقعي جو انتظار ڪيو وڃي ٿو.حڪومتون ۽ رياستون ان نموني سان ته نه هلنديون آهن.انهن کي عوام جي جان کان وڌيڪ پنهن جن واپاري ۽ سياسي لاڳاپن جو فڪر آهي.اهي دهشتگردن جي مذمت به ڪن ٿا ۽ انهن جي خاموش حمايت به ڪن ٿا.اهو اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽيهر وارو نظام آخر عوام ڪيستائين ڀوڳيندو؟ سرڪاري شعبي جي تباھ ٿيل ادارن جي ڪا ڳڻتي ناهي،انتظام بهتر بنائڻ جي ڪا نيت نظر نٿي اچي،ڪرپشن پوري معاشري کي سري وانگر کائي ويئي آهي پر اسان جا حڪمران ڪرپٽ وزيرن،مشيرن ۽ ڪامورن کي بچائڻ لاء ننهن چوٽيء جو زور لڳائي رهيا آهن.احتساب جو ڪو منصفاڻو ۽ آزاد نظام هنن جي ترجيح ۾ شامل ئي ڪونهي. هر معاملي ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي.هر منصوبي ۾ پنهنجي مفاد کي شامل ڪيو ويو آهي.ٻاهران مليل امداد کي به پاڻ ۾ حصا پتيون ڪيو وڃي ٿو.قرض جي ورتل رقمن مان به پنهن جا گھر ڀريا وڃن ٿا. اهي چون ٿا ته اسين سڀ هڪڙي پيج تي آهيون پر اهو پيج ڪهڙو آهي؟ هر ڪنهن جو پنهن جو پيج ۽ پنهن جو اسڪرپٽ آهي.هڪڙا آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ويهي دنيا کي بڌائين ٿا ته پاڪستان جا نيوڪليئر هٿيار محفوظ هٿن ۾ ناهن.ڪي پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان جي دشمنن کي سنيها موڪلين ٿا ته اسين ته اوهان جي محبت ۾ پاڳل آهيون پر پاڪستان جي مليٽري اسان جا هٿ ٻڌيو ويٺي آهي.ڇا دنيا ۾ ايٽمي سگھ رکندڙ قومون ان انداز سان جيئنديون آهن!ماڻهن تي ملڪ دشمنيء ۽ قانون شڪنيء جا الزام هڻڻ کان پهرين انهن هڪ دفعو به پنهن جي اندر ۾ جھاتي ناهي پاتي ته اهي عوام سان سالن کان جيڪو ناانصافين ،دوکي ۽ ٺڳين وارو واپار ڪندا رهيا آهن انهي جو نتيجو ٻيو ڪهڙو نڪرڻو آهي؟جيڪر اهي عوام کي سٺي حڪمراني فراهم ڪري نٿا سگھن ته پوء انهن کي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت،بي چيني،نفرت ۽ بي زاريء وارن رد عملن جي لاء به تيار رهڻ گھرجي.ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اهڙو ڀيانڪ ردعمل به سامهون ايندو آهي جنهن جو حڪمرانن کي وهم گمان به نه هوندو آهي ان ڪري جو مڪافات عمل جو قدرتي قانون قدرت جي اڻ ٽر اصولن مطابق ڪم ڪندو رهي ٿو.انهيء کان اڳ جو ڪا ناقابل قبول صورتحال پوري سماج کي وڪوڙي وڃي حڪمرانن کي هوش جون اکيون کولڻ گھرجن ۽ عوام سان مڪربازين جا ناٽڪ بند ڪري انهن کي سٺي حڪمراني مهيا ڪرڻ گھرجي. ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ گھرجي ۽ پنهن جي ڪارڪردگيء کي عوامي امنگن ۽ خواهشن مطابق بهتر بنائڻ گهرجي.نه ته سڀ ڪجھ هٿن مان نڪرندي محسوس ٿي رهيو آهي ۽ عوام جو مورڳو رياست تان اعتماد ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Shahbaz khan shar

    Shahbaz khan shar
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2016
    تحريرون:
    79
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    سنڌڙي
    اسلام عليڪم.
    شفيق ڀاءَ ڪھڙا حال آھن.
    شفيق آئون توھان جا ڪالم اخبارن ۾ تمائ گھڻي شوق سان پڙھندو آھيان.
    دوست آئون بہ ڪيترنئي لوڪل اخبارن ۾ ڪالم لکندو آھيان.
    ڀاءَ شفيق تنھنجو جيڪڏھن ڪنھن ٽي وي چينل سان واسطو آھي تہ مونکي تعلقي سنڌڙي کان رپورٽر مقرر ڪراء
    دوست توھان جي وڏي مھرڀاني ٿيندي.
     
  3. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ڀاء ڪوشش ضرور ڪنداسين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جڏهن اسان سڀئي پاڻ سٺا ٿي پونداسين
     
  5. Shahbaz khan shar

    Shahbaz khan shar
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2016
    تحريرون:
    79
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    سنڌڙي
    السلام عليڪم.
    شفيق شاڪر صاحب توھان منھنجي ڪم جو ڇا ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو