• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم خانم گگوش --*حسن درس*

خام گگوش جي تصوير جي
فريم ۾
ھڪ ملڪ بند آھي
جتي جي سرحدن ۾ جواني منع آھي
تاريخ جي سگريٽ کي
تيليء چميو تہ
وقت دکي پيو
۽ ھڪ ڊگھي ڪش ۾
درد جو سرمئي دونھو
ھوا ۾ اڏرندو ويو.
خميني تون ھڪ ڦلي وانگر
پنھنجي قبر جي ايش ٽري ۾
بي معني' ٿي ڇڻي پوندين،
گگوش جي اکين ۾
ھڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي اٿي
۽ خوابن جا حسين
پنھنجي قتل جي بي واجبيء تي
ھر يزيد
ھر خميني جو ابدي موت
اورانگھي
من جي نين موسمن جا
نوان عنوان بنجي ويا
دردن جي ھن پراڻي ڍنڍ تي
ڏيھي ۽ پرڏيھي پکي
جڏھن گڏجي اڏرندا
۽ چٽي اس ۾ بہ
پکين جو ھڪ ڪڪر
ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو
تہ ڪروڙين ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون
جوانيء جي ٽاريء تي
زندگيء جي چيلھ ۾ ٻانھون
وجھي
مسلسل ٽھڪ ڏيندا
۽ انھن ٽھڪن ۾
گگوش سدائين جوان رھندي.
 
Back
Top