ڪھاڻي “سو پکي سو پڃرو، سو سر سوئي ھنج“ *ڊاڪٽر ذوالفقار علي*

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اسان ٻئي سول اسپتال جي ميڊيڪل يونٽ ٽو ۾ رات جي ڊيوٽي گڏ ڪندا ھئاسين،
    پھريون ھڪٻي سان ڪڏھن ملاقات ڪونہ ٿي ھئي، پر گڏ ڊيوٽي ڪرڻ دوران اسان ٻنھيء ۾ ويجھڙائي ٿي وئي ھئي،
    انسان گڏ رھي ڪري ھڪٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ ڪري ھڪٻئي جي طبيعتن، مزاجن، شخصيتن
    مان واقف ٿئي ٿو،
    پوء رشتو جوڙي اڳتي وڌي ٿو،
    ھوء خوش اخلاق سندر سلڇڻي ڇوڪري ھوندي ھئي،سنجيده شخصيت جي مالڪ اندر ۾ شيشي جيان صاف تمام گھڻو سٺي لڳندي ھئي،
    سندس ناسي اکڙين ۾ ڪافي ڪشش ھئي،
    پھريون تہ ھن پنھنجي دل جون دريون ئي بند ڪري ڇڏيون ھيون!!
    ھن سان ھڪ پنھنجي رت جي رشتي
    ڌوڪو جو ڪيو ھيو!!
    جڏھن ڌرتي ۽ آڪاش اونداھ ٿي ويندا آھن ھر طرف انڌيرو ئي انڌيرو ڇائنجي ويندو آھي
    تہ اھڙي انڌيري رات ۾ انسان ڪنھن اڻڄاڻ رستي تي ھلڻ کان لنوائيندو آھي،
    ھوء بہ اھڙي ڪيفيت مان گذري رھي ھئي ڪافي گھايل ھئي،
    سندس جا زخم اڃا تازا ھئا،
    ھن پنھنجي ڪزن سان بي پناھ محبت ڪئي.
    ان کي حاصل بہ ڪري ورتو پر پوء بہ سندس قسمت ساٿ نہ ڏنو سال کان پوء ٻنھيء وچ ۾ طلاق ٿي وئي،
    ڇو تہ اھا رڳو ھڪ طرفي محبت ھئي،
    ڪجھ ماڻھن لاء چاھت، محبت، ڪنھن جي احساسن ۽ جذبن سان کيڏڻ ڄڻ ننڍڙي عام ڳالھ ھوندي آھي!!
    ڄڻ ڪا ٻاراڻي راند ھجي،
    اھي ماڻھو ائين الائي ڇو ڪونہ سوچيندا آھن تہ ھنن جي اھڙي حرڪت سان ڪنھن جي جان وڃي سگھي ٿي!؟
    ھن جو ڪزن بہ اھڙن پٿر دل مفاد پرست ماڻھن جي ٽولي مان ھيو،
    جنھن اھڙي خوبصورت غير معمولي ذھن رکندڙ ڇوڪريء جي دل ٽوڙي ڇڏي ھئي.
    پاڻ وڃي ٻي ڪنھن ڇوڪريء جي ذلفن جو اسير بڻيو ھو!
    ھوء بلڪل اڪيلي ٿي وئي ھئي،
    ھمدردي تہ بدحواسن کي بہ متاثر ڪندي آھي،ھوء تہ وري بہ ذھين ڇوڪري ھئي،
    پر …
    ھوء آھستي آھستي وقت ۽ حالتن جي مزاج کي سمجھي وئي ھئي!!
    بھار جي موسم ھئي،
    اسان ٻئي رات جي وقت ڊيوٽي روم ۾ ويٺا ھئاسين، ھوء منھنجي ايترو ويجھو ويٺي
    ھئي، جو ھن جي ساھن جي مھڪ منھنجي
    روح کي گرمائي رھي ھئي،
    منھنجي اڃايل اکين اڳيان سنڌڙي انب جھڙيون ڇاتيون،
    انگور جي رسيل ڇڳي جھڙو جوڀن مونکان مونکي کسي رھيو ھيو.
    اھو وارڊ بواء وارڊ ۾ ڪم ڪري رھيو ھيو.
    جنھن جو نالو تہ غلام نبي ھيو پر مون کان علاوه ڊپارٽمنٽ جو سڄو عملو توڙي آفيسر ھن کي“ زنبي“جي نالي سان سڃاڻيندا ھئا،
    ھو وري ويچارو زنبي سڏڻ تي ڪاوڙجي
    چڙي پوندو ھيو،
    زنبي شايد اوائلي دور ۾ ڪنھن ڀت جو نالو ھوندو ھيو،
    پر پوء بہ ھن ذھني طور تي انھيء نالي کي تسليم ڪري ورتو ھيو.
    ڇو تہ اسان ٻنھي اھڙو تجربو ڪري ڏٺو!!
    ان رات اسان کي شھر مان چانھن گھرائڻي ھئي،
    غلام نبي عرف زنبي وارڊ ۾ بيٺو ھيو.
    مون ھن کي ڪيترائي سڏ ڪيا!
    غلام نبي…
    غلام نبي…
    غلام نبي…
    ھن ڪوئي جواب نہ پئي ڏنو!!
    ھن سڏ ڪيس زنبي تہ ھو ڊوڙندو ھليو آيو!!
    اسان ٻئي دير تائين ٽھڪ ڏيئي کلندا رھياسين،
    ھوء ان رات تمام گھڻي خوش ۽ پرڪشش لڳي رھي ھئي.مان ھن جي اکڙين ۾ گھوري رھيو ھيس،
    ھوء نظرون چورائي رھي ھئي
    شرم ۾ ڪشش آھي
    ڪشش ۾ ئي حسن آھي
    ان وقت مونکي ڪنھن شاعر جون ھي
    سٽون ياد اچي ويون ھيون.
    اڄ تون ايترو کلينء
    جيئن ڪوئي سوين قيدي،
    پرندا آزاد ڪري
    جي آسمان ڏانھن اڏامن
    يا بارش سمندر تي ڪري رفتار سان
    يا اس نڪري اچي ڀري برسات ۾.
    ھوء اداس ٿيندي ھئي،
    تہ ڄڻ شام جھڙو منظر پکڙجي ويندو ھيو.
    ھوء مرڪندي ھئي تہ ڄڻ اجالو ئي اجالو چانڊوڪي کڙي پوندي ھئي،
    ڪڏھن ڪڏھن پراڻو درد ياد جي صورت ۾ وري دل جو دروازو کڙڪائيندو آھي،
    ھوء ان رات ڪافي اداس لڳي رھي ھئي،
    ھن جو غم ڏسي رات بہ ڄڻ سوڳ ۾ ورتل ھئي.
    ستارا ڪتيون سڀئي خاموش ھئا.
    ھر طرف سناٽو سانت ڇانيل ھئي،
    ھن جي ھٿن ۾ پنھنجي ڪزن جي تصوير ھئي،
    جنھن کي ڏسندي ڏسندي اڇلي ڇڏيائين
    وري ھٿ ۾ کنيائين تصوير کڻي تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيائين!!
    تصوير ساڙڻ کان پوء پرس مان ٽشو ڪڍي پنھنجا لڙڪ صاف ڪرڻ لڳي.
    انھيء ٽشو ۾ سڙيل تصوير واري خاڪ
    کڻي ويڙھي ھٿ ۾ جھلي اٿي بيٺي دري تان پردو ھٽائي دريء جو ھڪڙو تاڪ کولي آسمان ڏي ڏٺائين!
    وڏا وڏا ساھ کڻڻ لڳي،
    خاڪ کي دريء مان ھيٺ اڇلي ڇڏيائين!
    ھن جي چھري تي مرڪڻ ۽ روئڻ جا گڏيل تاثرات ھئا،
    ھن جي ڀرسان وڃي بيٺس!
    ھن ڪنڌ ورائي اداس نظرن کڻي ڏٺو!
    ھن جون اکيون ڳاڙھيون لال ھيون ھن جي اھڙي حالت ڏسي ڊڄي ويو ھيس.
    ھوء ڪرسي تي ويھي رھي،
    ڄڻ پنڊ پھڻ بڻجي وئي!
    مان ڀرسان پيل ڪرسيء تي ويھي رھيس!
    مون سندس ھٿ پڪڙيو تہ رت جي گردش سان گڏ سڏڪا بہ تيز ٿي ويا!!
    ڇا ٿيو آھي؟؟؟
    خاموش ڄڻ چپ سبي ڇڏيا ھئا!
    وري ساڳيو سوال ڪيم؟
    چيائين توھان ڇا ڏٺو…؟
    مون ھن جي
    اکڙين ۾ نھاريندي،
    چيو، ھيو،
    مون پرھ جي،
    پھر ۾،
    خوبصورت باک ڏٺي،
    ٽاڪ منجھند،
    تتل ڌرتي بہ ڏٺي،
    شام جي،
    موڪلاڻي بہ ڏٺي،
    سج جو لڪڻ
    چنڊ جو تڙپڻ
    رات جي اداسي بہ ڏٺي،
    چاھتن ۾،
    نراسائي، رسوائي بہ ڏٺي…!!
    مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ ھن جي اندر۾ آتما تڙپڻ لڳي ھئي ا!
    صحرائن ۾ ڀٽڪي ويل روح کي ڪا نئين راھ نظر آئي ھئي ۽ خوشيء ۾ ٽھڪ ڏيڻ لڳو ھيو!!
    جن ٽھڪن جو پڙلاء فضائن سان ٽڪرائي واپس منھنجي ڪنن جي پردن تائين پھتو
    ھيو مان بہ مرڪي ڏنو ھيو!!
    سواليا نظرن سان ھن جي چھري ڏي تڪي رھيو ھيس،
    ھوء ڀڻڪي،
    مون،
    پنھنجي ماضيء،
    جون،سڀئي،
    ڏک،تڪليفون،
    يادون،
    جلائي ڇڏيون،
    خاڪ ڪيون،
    تن ۾،
    آب حيات جي،
    ھڪ بوند ملائي،
    دل ۾،
    ھڪ نئين،
    اميد جو،
    ڏيئو روشن ڪيو آھي!!
    ائين سمجھو،
    تہ اڄ ئي پيدا ٿي آھيان،
    نئين زندگي،
    جيئڻ لاء،
    وري زندگي،
    جي،
    شروعات ڪندس،
    سڀاڻي کي،
    وري خوبصورت
    بڻائڻ جي،
    ڪوشش ڪندس !!
    ھن ۾ اچانڪ ايترو حوصلو ڏسي سوچڻ لڳو ھيس تہ ھوء ڪافي بھادر ھئي،
    ھن جو خيال ھيو تہ جيڪو ماڻھو معاشري ۾ تحمل، بردباري ۽ سھپ جي قوت نٿو رکي سو انسان ذھني طور بيمار آھي!
    ذھني بيمار ماڻھو معاشري ۾ ڌتڪار جو شڪار رھندو آھي.
    تنھن ڪري ھوء جيئندي خوش گذاريندي.
    مون چيو توھان عظيم آھيو!
    وراڻيائين سڀ کان اعلي' ظرف وارو انسان اھو آھي
    جيڪو پنھنجي نفس اندر ڦھليل گھڻ رخي پيچدگي ۽ سالميت کي متحد ڪري سگھي!
    توھان جي ڳالھ …!؟
    ھوء وري اٿي بيٺي ۽ ديوار تي ٽنگيل ننڍڙي ٻار جي تصوير کي گھورڻ لڳي ۽ پوء ڪنڌ ورائي چوڻ لڳي!
    اصل مسئلو ھي آھي تہ حقيقت اسان کي اھو اعتماد رکڻ نہ ٿي ڏي تہ ھر ھڪ انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيڻ وقت ئي ھڪ اخلاقي شعور موجود ھوندو آھي.
    ڇا مطلب…؟
    مطلب تہ جنھن مان ھو اندازو لڳائي سگھي تہ ڪير سٺو آھي؟يا ڪير خراب آھي؟
    تنھن ڪري ڌوڪو کائڻ بہ فطري عمل آھي!
    اڇا…؟
    جي ھا!
    توھان ڪالھ مان ڪافي سکي ورتو آھي؟؟
    ھن وراڻيو تہ بس ڪالھ گھڻو ڪجھ سيکاري گذري ويو…!!!
    اڄ کي ڪيئن ٿا ڀائنيو…؟؟؟
    پنھنجي چھري تي ڪريل وکريل ذلفن جي ھڪ چڳ کي سلجھائيندي چيائين نئين زندگي نئون تجربو نيئن سر ڌوڪي کائڻ لاء
    تياري …!!
    سڀاڻي لاء ڀلا ڇا خيال آھي؟
    ڪجھ دير لاء خاموش ٿي وئي ۽ پوء چوڻ لڳي سڀاڻي لاء پوري ڪائنات پريشان ھوندي
    آھي !!
    پر…
    مان چوندي آھيان زندگيء ۾ سڀاڻي کي اڄ تائين پھچڻ ڏجي پوء جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو…!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو