عوامي حڪومت عوامي نمائندن کي اختيار ڏئي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    عوامي حڪومت عوامي نمائندن کي اختيار ڏئي!

    شفيق شاڪر

    آمريتن جي هنج ۾ پلنجندڙ اسان جهڙين معصوم جمهوريتن ۾ جمهوريت جي متفقه ۽ مڃيل وصف اهائي آهي ته ڪنهن به طرح عوام کي سيڙهي بنائي انهنجي نالي تي اختيار ۽ حڪومت جي ڪرسيء تائين پهچجي.پوء ڪجي اهوئي جيڪو دل چاهي. رهيو جمهور ته ان جو اليڪشن کان پوء ڪهڙو جمهوريت سان واسطو؟ کيل ختم، پئسا هضم! جيڪا جماعت پر جماعت نه طبقو جڏهن به ڪا اليڪشن کٽيندو آهي ته پهريون بيان اهو ئي عنايت ڪندو ته اسان عوام جو واضح مينڊيٽ وٺي آيا آهيون يعني شايد ٻين لفظن ۾ اهو ته ـ خبردار! جو اسان جو نالو ورتو اٿو. جيڪڏهن اسان ايترا ئي نااهل، ڪرپٽ ۽ بيڪار آهيون ته پوء عوام اسان کي هيڏو وڏو مينڊيٽ ڪيئن ڏنو؟ اهوئي شاندار جملو آهي جيڪو انهن کي هر احتساب کان بچائيندو ٿو اچي. پر جيڪڏهن بار بار عوامي مينڊيٽ جي آڙ ۾ حڪومت ڪندڙ انهن ڌرين جي ذهنيت ۽ روين جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته اهي عوام کي اختيار ڏيڻ لاء ڪيترو آتا آهن! انهيء ڳالھ سان ڪنهنجو ڪهڙو اختلاف ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن به جمهوري معاشري ۾ بلدياتي نظام جي ڪيڏي اهميت هوندي آهي ڇوته حڪومتي اختيار عوام جي هيٺين ليول تي منتقل ٿين ٿا پر پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ انهن نام نهاد جمهوري حڪمرانن کي بلدياتي اليڪشنز ڪرائڻ واري معاملي تي ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي. تازو جيڪي اليڪشن ڪرايا ويا اهي به عدالتن جي حڪمن جي مجبوريء هيٺ ڪرايا ويا. هاڻي جڏهن اليڪشن ٿي چڪا آهن ته حڪومت ۾ شامل هر پارٽي عوامي مينڊيٽ جو اعزاز حاصل ڪرڻ جون دعوائون ته ڪري ٿي پر انهن عوامي نمائندن کي اختيار ڏيڻ لاء بلڪل تيار نظر نٿا اچن. هي عوام کي اختيار ڪيئن ڏيندا جيڪي هر قسم جي مالي توڙي انتظامي اختيارن جي خزاني تي نانگ بڻيو ويٺا آهن! هي ته هڪ روپئي کان ويندي پٽيواليء جي مقرريء تائين صرف ۽ صرف پنهنجو ڪنٽرول چاهين ٿا.هي هڪ اهڙي نفسياتي ڪيفيت جو شڪار آهن جو عوام کي گٽر ٺهرائي ڏيڻ به عوام مٿان پنهن جو احسان عظيم سمجھن ٿا،. سي چاهيندا ته عوام وٽ اختيار هجن، کوڙو ئي نٿو لڳي! عوام جا روزمره جا عام مسئلا ڪهڙا آهن. پيئڻ جي صاف پاڻيء جي فراهمي،گندگيء جو مسئلو، اسپري نه ٿيڻ ڪري مکين ۽ مڇرن جو آزار ، گھٽين ۽ گلين کي پڪو ڪرڻ ۽ انهن جي صفائي،اسٽريٽ لائيٽ وغيره اهي ته تمام ننڍڙا مسئلا آهن انهن مسئلن جي حل لاء ته بجيٽ ۽ اختيار ٻئي عوام جي چونڊيل نمائندن کي پوريء طرح ملڻ گھرجن پر انهيء کان علاوه به انهن کي اڃا به وڌيڪ اختيار هئڻ گھرجن جو اهي عوامي ڀلائيء جون اسڪيمون پنهنجي مرضيء سان جوڙي سگھن ۽ انهن تي عمل درآمد به ڪرائي سگھن.ان ۾ آخر صوبائي حڪومتن کي ڪهڙي تڪليف ٿئي ٿي جو غريب ماڻهو جيڪي وزيرن ۽ مشيرن تائين پهچي نٿا سگھن انهن جا مسئلا هيٺين ليول تي ئي حل ٿي وڃن.جيڪڏهن عوام جي انهن بلدياتي نمائندن کي به صوبائي حڪومتن يا بيوروڪريسيء جي رحم ڪرم تي ئي ڇڏڻو هو ته پوء ان اليڪشن تي ايترو عوامي پئسو اجايو ڇو ضايع ڪيو ويو. انهن کي مڪمل اختيار ۽ مناسب فنڊز ڏيئي پوء توهان ڀلي انهن جي ڪارڪردگيء جي حوالي سان مانيٽرنگ جو ڪو موثر نظام ٺاهيو.جيڪڏهن عوام جي چونڊيل نمائندن کي خود عوامي حڪومتون جيڪي هر وقت عوام ۽ جمهوريت جا قصيدا پڙهن ٿيون اختيار نه ڏينديون ته پوء عوام ۾ مايوسيء ۽ بي زاريء جو احساس اڃا به وڌندو. حقيقت ۾ جمهوري نظام مضبوط ئي تڏهن ٿيندو جڏهن هيٺين ليول تائين عوام ۾ حڪومتي معاملن ۾ شرڪت ۽ شموليت جو احساس مضبوط ٿيندو، اسان وٽ الٽي گنگا وهندي رهي آهي، مرڪز صوبن کي اختيار نٿو ڏئي، صوبا ضلعن کي اختيار نٿا ڏين ۽ ضلعا وري ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي اختيار نه ڏيندا آهن.انهي کان پوء هتي ته ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو واريء چوڻيء مطابق ڪجھ مخصوص وڏن شهرن ۽ نظر عنايت هيٺ آيل خاص علائقن لاء هڪڙو نظام هوندو آهي ۽ پوئتي پيل غريب علائقن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ٿيندو آيو آهي.جنهنجي نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي حالت قابل رحم بڻجي ڇڪي آهي. هن وقت ايم ڪيو ايم پنهنجو سمورو زور ۽ اثر رسوخ ان معاملي تي لڳائي رهي آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊيل بلدياتي نمائندن کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن جيڪا سٺي ڳالھ آهي،انهن کي اختيار ضرور ملڻ گھرجن.اهي به اسان جا شهر آهن پر سنڌ حڪومت جڏهن به ڪنهن وڏي دٻاء ۾ اچي ڪو فيصلو ڪندي آهي ته هميشه ابتو فيصلو ڪندي آهي. سو سنڌ حڪومت اڄ نه ته سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي چونڊيل بلدياتي نمائندن کي اختيار آخرڪار ڏيئي ڇڏيندي پر جيڪڏهن ان معاملي ۾ ڪنهن به اٽڪل ۽ چالاڪيء ذريعي باقي سنڌ سان ڪو امتيازي سلوڪ ڪيو ويو ته ان جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا ۽ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙيء واري آباديء جي وچ ۾ ويڇا گھڻو وڌي ويندا. ان ڪري سنڌ حڪومت کي جيڪي به ڪرڻو آهي سوچي سمجھي ڪرڻو آهي. فنڊز جي ورهاست جي معاملي ۾ حقيقت ۾ ان بنيادي نڪتي کي سامهون رکڻ گھرجي ته سنڌ جا جيڪي علائقا جيترو وڌيڪ پٺتي پيل آهن انهن جي لاء اوترو ئي وڌيڪ فنڊ مهيا ڪرڻ گھرجن پر جيڪر ايئن ڪرڻ سان ڪا قيامت اچي ٿي ته گھٽ ۾ گھٽ فنڊز جي ورهاست مساوي ۽ انصاف جي اصولن مطابق ته بنائي سگھجي ٿي.عوام جي چونڊيل نمائندن کي مناسب اختيار ڏيڻ سان صوبائي حڪومت تي ڪو آسمان ڪري نه پوندو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو