• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 26 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* جنرل راحيل شريف ملازمت ۾ واڌ لاءِ نه چوندو (خبر)
* * ڪرپٽ آصف زرداريءَ جي الله ٻڌي (تبصرو)

*اقتصادي راهداري رٿا جا دستاويز ڏيکارڻ کان انڪار (خبر)
* * ...ڇاڪاڻ ته گھڻي رٿا ته تخت لاهور (پنجاب) جي فائدي ۾ آهي (تبصرو)

* آصف زرداري آمريڪا ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائيندو (خبر)
* * رشوت جو مال کائڻ سبب سندس هاضمو ۽ دماغ ٻيئي خراب ٿي پيا اٿس (تبصرو)

*سنڌ سرڪارگڏاپ کي ڏڪار وارو آفت سٽيل قرار نه ڏنو (خبر)
* * چيف منسٽر هائوس کي به آفت سٽيل قرار ڏيو ڇاڪاڻ ته آفت اُتي به ترسيل آهي (تبصرو)

* خيرپور ۾ وڏي وزير جي آڏو استادن کي چماٽون (خبر)
* * شايد وڏو وزير هوش ۾ نه هوندو نه ته ماٺ ۾ رهڻ واري حرڪت نه ڪري ها (تبصرو)

* ملير ۾ 3 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين وڪرو، جاچ نه ٿي(خبر)
* * ڪرپٽ زرداري ۽ قائم علي شاهه هوندي چڱائيءَ جي اميد اجائي آ (تبصرو)

* سنڌ ۾ اسپتالون اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ خلاف احتجاج جو اعلان (خبر)
* * جيڪڏهن اين جي اوز جي حوالي ڪجھه ڪرڻو اٿو ته قائم علي شاهه کي ڪريو (تبصرو)

*عمران خان کي شادي ڪرڻ لاءِ ڀينرن 17 ڇوڪرين جون تصويرون موڪليون (خبر)
* * ابول.... 17ڇوڪرين سان هڪ ئي وقت شاديون ڪندو ڇا؟؟ (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top