اسانجو دشمن ڪير؟ ڌاريا يا پنهنجا؟ شھباز خان شر وچ اوڀر جي حاڪمن وانگر اسانجي اندروني ۽ اصل سرڪار عوام جو ڌيان بدترين راڄ، سياسي بحران ۽ سياسي سماجي ڇڪتاڻ کان هٽائڻ لاءِ ڪنهن پرڏيهي قوت معني آمريڪا ڏانهن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر جڏهن تيونس، مصر ۽ شام جهڙن ملڪن جو عوام سڄاڳ ٿيو ته پوءِ هنن جي اکين تان پڙدو لهي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جاري ڇڪتاڻ ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته اُهو وقت ويجهو آهي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانکي اِهو ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان جي گهرو مسئلن ۾ ڌارين جو ڪيترو هٿ آهي. انڪري اسين پاڪستان جي سڀ کان وڏن معاملن جو خلاصو پيش ڪري رهيا آهيون ۽ ڏسڻو آهي ته سمورن معاملن جو ڌارين سان ڪو تعلق آهي يا نه؟ 1: پاڪستان ۾ گهرو قرض جو بار جبل جيترو آهي، هن قرض لاءِ اسٽيٽ بئنڪ نوٽ نوان جوٽ ڇاپيا ۽ هر شئي جي قيمت آسمان تائين پهچي وئي. وڌيل قيمتن معيشت جي هر سيڪٽر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. 2: پاڪستان ۾ بجلي، پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ پاڻي اڻلڀ آهي. تنهنڪري پاڪستاني صنعتن جي پيداواري لاڳت ايتري وڌي وئي آهي جو اُها عالمي منڊي ۾ ٻين ملڪن جو مقابلو ڪرڻ جهڙيون ناهن. انڪري بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. 3: پاڪستاني آبادي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. 40 سالن ۾ آبادي 4 ڀيرا وڌي آهي. هن سان گڏ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جو انگ 700 سيڪڙو آهي جڏهن شهرن ۾ روڊن تي ٻين سهولتن ۾ اضافو ڪونه ٿيو آهي. 4: جهاد، دهشتگردي، لاقانونيت، رشوت ۽ سياسي بدنظمي چوٽي تي آهي. سياست ڪجهه خاندانن جو واپار بڻجي وئي آهي ۽ اِهو سڀ ڪجهه فوج جي شموليت سان ٿي رهيو آهي. 5: پاڪستاني رياست شهرين کي بنيادي سهولتون (علاج، تعليم) پڻ ميسر نٿي ڪري سگهي. پر ڪني پاڻي سان بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ 46 سيڪڙو عوام هيپاٽائٽس جا مريض آهن. ڪنهن به ملڪ جي تباهي لاءِ 5 ڳالهين مان هڪ ڳالهه به ڪافي آهي. 5 ڳالهين ۾ ڌارين جو هٿ ناهي. وري به اسين مٿي ڄاڻايل 5 ڳالهيون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا جيڪڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڌارين جو هٿ آهي يا وري اسين پاڻ هنن جا ذميوار آهيون. : پاڪستان تي گهرو ۽ پرڏيهي قرض جو جبل جيترو بار آهي جڏهن ته رياست جي اوتري آمدني ناهي. هنن قرضن ۾ سڀ کان وڏو هٿ غير ضروري فوجي بجيٽ، حاڪمن جي عيش، ۽ رشوت جو آهي. هن سان گڏ ملڪ جي سڀ کان امير طبقي مان 10 سيڪڙو ماڻهو به انڪم ٽيڪس نٿا ڏين. هر ملڪ ٽئڪس سان هلي ٿو جيڪو بنيادي قانون آهي. ڇا اسين ڌارين کي قرض جو ذميوار چئي سگهون ٿا؟ ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جو ڪارڻ اُهو معاشي ماڊل آهي جيڪو جنرل مشرف جي پيدا وار آهي ڇاڪاڻ ته مشرف دور ۾ بئنڪن کي اکيون ٻوٽي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوان نوٽ ڇاپڻ سان مهانگائي ڪونه وڌندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ : بنيادي ضرورت جي شئين جو بحران بيڊ گورننس ۽ آبادي وڌڻ سان پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن سرڪار نااهل هجي ۽ 1970 ۾ 6 ڪروڙ آبادي 2011 تائين 19 ڪروڙ ٿي وڃي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ڇا اسين ڌارين کي سرڪار جي نااهلي ۽ آبادي جي ٻوڏ جو ذميوار قرار ڏئي سگهون ٿا؟ 3: آبادي جي ٻوڏ فوج جي مذهبي بنياد پرستي وڌڻ سان آئي آهي. سر حڪومت مولوين جي خوشنودي خاطر اِهو مسئلو نبيرڻ بدران چپ رهي ٿي. اسين پنهنجي ملڪ ۾ سعودي عرب کان آيل وهابيت کي ڏوهه چئي سگهون ٿا پر اِها ڳالهه مناسب ناهي. : دهشتگردي ۾ مارجي ويلن مان وڏي انگ جي موت جو ذميوار آمريڪا کي چئي سگهون ٿا. پر غور طلب ڳالهه اِها آهي ته ڪراچي ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ جيترا ماڻهو دهشتگردي ۾ مارجي وڃن ٿا اوترا نه پاڪ افغان سرحد تي مرن ٿا جتي جاري جنگ جو چرچو سڄي دنيا ۾ آهي. فرقه پرستي، اقتدار لاءِ رتوڇاڻ ۽ لاقانونيت جي ڪري مرندڙ ماڻهن کي شامل ڪجي ته دهشتگردي واري ويڙهه ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ڪڻڪ جي ڍير ۾ هڪ ٻُڪ برابر آهي. توهين رسالت جو شڪار ٿيڻ، سيڪيورٽي ايجنسين تي ٿيندڙ حملن کي به شامل ڪجي ۽ آپگهاتي حملا به دهشتگردي جي خاني ۾ شامل آهن فرق اِهو آهي ته اجل جو کاج بڻجندڙ غريب عوام آهن. انڪري آمريڪا کي ملڪ ۾ جاري رتوڇاڻ جو ذميوار چوڻ سان فرق ڪونه پوندو. 5. عوام کي تعليم ۽ علاج جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر ڪونه ٿيڻ جو تعلق پرڏيهين سان ناهي. ڇاڪاڻ ته اُهي شئيون اسانجي حڪمران طبقي جي ايجنڊا ۾ شامل ناهن. ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي هيپاٽائٽس جو شڪار آهي پر ڪني پاڻي ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ناهي؟ اِها ڪم بهِ آمريڪي چائنيز يا روسي ڪندا؟ حقيقت اِها آهي ته پاڪستان ۾ جاري بحرانن جو ڪارڻ اسانجا ڪرتوت آهن جن جو يهود هنود ۽ جن ڀوت سان ڪو به تعلق ناهي. سڀ سچ آهي پر اسانجي مبصرن، ميڊيا ۽ سياسي هستين جي ڪوشش آهي ته اسين هر ڪم جو ذميوار پرڏيهين ۽ ڌارين کي چئون. جيڪڏهن آمريڪا اسان ڏانهن رُخ ڪري کنگهي ٿو ته اسانجا سمورا ٽاڪ شوز هوڏانهن ڊوڙيندا آهن ۽ جيڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ ويهه ڄڻا آپگهات ڪندا ته ڪير به غور نٿو ڪري. پاڪستاني مبصر ۽ وڏيون هستيون خوابن جي ڏيهه ۾ رهن ٿيون جتي هر برائي جي پاڙ پرڏيهي ملڪن کي ڄاڻائي پنهنجي سماج مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي متعلق غور نٿا ڪري سگهن. ڏکڻ ڪوريا اسان کان وڌيڪ آمريڪا جي چاڪري ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هتي آمريڪي فوجون موجود هجڻ باوجود اُهو صنعتي ملڪ بڻجي ويو آهي. اسان ۽ ڪوريا ۾ اِهو فرق آهي ته هنن جاگيرداري ۽ وڏيرائپ جو خاتمو آڻي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلڻ جو موقعو ڏنو. پر اوڀر ايشياء جي ڪيترن ئي ملڪن ساڳيو ڪم ڪندي صنعتي ميدان ۾ ترقي ڪئي آهي. هاڻي سمورا مسئلا سمجهڻ ۽ نبيرڻ جو وقت آهي نه ته صورتحال ويتر خراب ٿيندي.