شھباز خان شر سنڌ جا ڪاليج ننڌڻڪا ڇو ؟ سنڌ ۾ مجموعي تعليمي صورتحال جا حال ، ته اسان سڀني آڏو پڌرا آهن ؛ ڪو به اهڙو سرڪاري تعليمي ادارو ناهي رهيو ، جنهن لاءِ ائين کڻي چئجي ته ، فلاڻو ڪي ٽِيرو سرڪاري تعليمي ادارو ، تعليمي ميدان ۾ قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙي پيو ۽ معياري تعليم ذريعي ترقي ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي هن دور ۾ سستي اگهه تي غريب جي ٻارن جي ڪنهن منزل تي رسائيءَ لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سوچيندڙ ذهنن جي ڪجهه وقت کان پنهنجي تعليمي تباهيءَ کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۽ پراڻو تعليمي معيار بحال ڪرائڻ لاءِ ڪجهه پيدا ٿيل جذبو ۽ شعوري جاڳرتا لاءِ ماحول جوڙڻ واسطي کڄندڙ وکون ، تبديليءَ جي نويد ضرور آهن ؛ پر ان تحرڪ باوجود اختيار ڌڻين جي انڌي ۽ جنڊَ واري ڪارِ ، اهو ئي ظاهر ٿي ڪري ته سنڌ جي شعور کي ايترو ڪجهه ضرور ڪرڻو آهي، جيڪو تعليمي بحاليءَ لاءِ ترت ڪي مثبت نتيجا سامهون آڻي سگهي. پرائمري تعليم ، ڪنهن به شڪ بنا، قومن جي ترقيءَ ۽ سماجي برائين کان آجا سماج جوڙڻ لاءِ پيڙهه جي پٿر جيتري اهم آهي، پرائمري تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ اسان جي پهرين اوليت ته هجڻ گهرجي ئي گهرجي، پر سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري ۽ ان کان به مٿي ، اعلا تعليم جي بهتريءَ لاءِ به ساڳي وقت سوچڻ ۽ عملي وکون کڻڻ به اسان لاءِ ايترو ئي اهم هجڻ گهرجن ، جيتري اهميت سان بنيادي تعليم جي مسئلي کي اٿاريو وڃي. هاڻوڪي جديد دور ۾ پوري دنيا جي ملڪن ۽ ماڻهن لاءِ اها سوچ ڪا نئين ناهي ته پنهنجي ملڪ جي سِڪي جو ڌاڪو ، ٻين تائين ويهارڻ ايستائين سولو ناهي ، جيستائين تعليم جي ڊوڙ ۾ کين ڊڪائي ، اڌ مئو نه ٿو ڪيو وڃي. بدنصيبيءَ سان اسان وٽ صورتحال بلڪل ابتڙ آهي؛ غلام قومن جون اوليتون به متِ-مُنجهيل ۽ متِ-کَسِيل هونديون آهن ؛ هلڻ پڄندو پاڻ کان ناهي، ۽ لک لعنت گوڏن تي هوندي آهي؛ غلام قومون، پنهنجي قومي غلاميءَ جو پِٽڻو به دُهل جي ڌڌڪي وانگر پِٽينديون آهن ، ۽ هر ڪنهن جا اوسارا پنهنجا ، ۽ انهن کي پڙهڻ جو انداز به پنهنجو هوندو آهي؛ ۽ اهي قومي تباهيءَ وارا اوسارا پڙهڻ وارا قاري، موقعو ملندي ئي جاٺو هڻي ، قومي دشمنن جي صفن ۾ بيهي ، غداريءَ جي اهڙي ڌنڌي سان لڳندا آهن ، جو سندن ڪڍ هلندڙ گهڻائيءَ جو وات جيئن پَٽيو پيو هوندو آهي ، تيئن ئي پَٽيل رهجي ويندو آهي؛ نه ڪا ٻڌِ ، نه سُڌِ ؛ هو ويتر قومي غلاميءَ جي زنجيرن جي جڪڙَ ، مضبوط ڪرڻ ۾ پاڻ ئي ٻين کان سگهارا هوندا آهن، ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه پاڻ وڃائڻ باوجود ، ان جو به ڪو احساس، نه تدراڪ رکڻ واري سوچَ ، کين قومي طور ذليل زندگيءَ جي انتها تي پهچائيندي آهي؛ جتان واٽون ويهه ٿي وينديون آهن ، ۽ هو ڪنهن به واٽ تي هلڻ وارو حوصلو وڃائي ويهندا آهن. اسان سان به قومي حيثيت ۾ ويڌن ، ان کان گهٽ ناهي؛ پاڻ ئي پاڻ ، جنگ جي ميدان ۾ به ٿا ڀانيون ته دشمن جي گهيري ۾ به ، ۽ وري جنگ جي ميدان ۾ سمجهندي به پاڻ کي جتان به ڪو موقعو ملي ٿو ته شڪستن مٿان شڪستون ، پاڻ ئي جنمي رهيا آهيون؛ ۽ بنا ڪنهن خفي ڏچي يا سيڙپ جي، سوڀون دشمن جي کاتي ۾ داخل ٿي رهيون آهن. تعليم جي معاملي ۾ به اسان سان اهڙو ڪجهه ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ جي تعليم کاتي جو ڪنٽرول اسان وٽ ، ”سنڌين“ جي حڪومت ، ”سنڌين“ جي ووٽ سان اسان جي؛ پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين ، منتظمن کان ماسترن تائين ، گهڻائي اسان جي ؛ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن کان بدترين تعليمي سرشتو به اسان جو !. پرائمري تعليم ڪٿي بيٺي آهي؟ ، ان متعلق هنن ئي صفحن ۾ مسلسل لکندا آيا آهيون ؛ ڪا دانهن ورنائيندڙ ڌرِ ، ڪٿان ظاهر نه ٿي آ؛ سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سنڌ جو شعور به تعليمي مسئلي کي پنهنجي ايجنڊا ۾ شامل ڪري، جاکوڙ ڪري پيو ، پر مثبت نتيجا ڪي سامهون آيا ئي ناهن؛ حالتون بدتر کان بدترين ڏانهن وڌي رهيون آهن ، ڪٿان ڪو ادراڪ ٿيندي نطر ئي نه ٿو اچي. سبب صاف آهي: اسين ڳالهين جا ڳهير َ ۽ عمل کان آڱوٺو ڏيکارڻ جا ماهر آهيون ؛ ۽ پنهنجي خسيس خواهشن خاطر پوري قوم ڪهائڻ به پنهنجو صديون پراڻو مشغلو آهي. اڄوڪي لکڻيءَ ۾ سنڌ ۾ ڪاليج سطح جي تعليم متعلق خيال آرائي ڪبي ته اسان جا ڪاليج ، ڪيتري حد تائين فعال آهن؟ ، ۽ اهي ”ڌڻين“ هوندي، ڪيتري قدر ننڌڻڪا آهن؟. سنڌ ۾ ٽوٽل 239 ( انٽرميڊيئٽ، ڊگري ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ) ڪاليج آهن ، انهن ڪاليجن کي علائقن جي حساب سان 5 ريجنس ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي آهن : ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپورخاص ، سکر ، لاڙڪاڻو. ڪراچي ريجن ۾ 118 ڪاليج آهن ( مرداڻيون 63 ، ذائفاڻيون 55 ) ، حيدرآباد ريجن ۾ 54 ڪاليج آهن ( 33 مرداڻيون ، 21 ذائفاڻيون ) ،ميرپورخاص ريجن ۾ 16 ڪاليج آهن ( 10 مرداڻيون ، 6 ذائفاڻيون ) ، سکر ريجن ۾ 31 ڪاليج آهن ( 22 مرداڻيون ، 9 ذائفاڻيون )، لاڙڪاڻي ريجن ۾ 20 ڪاليج آهن (15 مرداڻيون ، 5 ذائفاڻيون )؛ انهن ڪاليجن مان ڪراچي ريجن بنا باقي ٻين چئني ريجنس جا ڪاليج ملائبا ته اهي ٿيندا 121 ، مطلب ته چئني ريجنس ۾ رڳو ڪراچي ريجن کان چار ڪاليج مٿي آهن؛ ۽ انهن 121 ڪاليجن مان جيستائين منهنجي رسائي ممڪن ٿي سگهي، ۽ مليل سڌ جي بنياد تي رڳو 56 ڪاليج فعال آهن ، جتي تدريسي ڪم ٿيندو آهي ۽ ڪلاس هلندا آهن ، ۽ ڪراچيءَ جي 118 ڪاليجن مان جيتري قدر معلومات ملڻ ممڪن ٿي سگهي ته 80 کان مٿي ڪاليج فعال آهن ۽ اتي تدريسي عمل مڪمل طور بحال آهي؛ باقي ڪراچيءَ جون ۽ ٻين ريجنس جي ڪاليجن جون عمارتون به تيار آهن ، عملو به اڪثر ڪاليجن ۾گهربل جاين کان به واڌو آهي ، داخلائون به ٿين ٿيون ، هر سال شاگرد هرهڪ ڪاليج مان هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ امتحان به ”پاس“ ڪري وڃن ٿا، پر ڪنهن به سبجيڪٽ جو ڪو به ڪلاس هڪ به ڏينهن نه هلي ٿو. ڪراچي ريجن کانسواءِ حيدرآباد ، ميرپور خاص ، سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي مختلف منتظمن ۽ ٽيچنگ اسٽاف تائين ، جيتري قدر منهنجي رسائي ممڪن ٿي سگهي ، ۽ ڏندين آڱريون آڻيندڙ حقيقتون سامهون اچڻ لڳيون ته ذري گهٽ هرهڪ ڪاليج ۾ پاڙهيندڙ عملو ، مڪمل طور پورو ، پر ڪم جا استاد ڪنهن ڪاليج ۾ 5 کان 10 تائين مشڪل سان ٿي مليا، ۽ اهي به وري ڪنهن نه ڪم جا! مثال طور، سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجنس بابت مون کي سڌي سنئين سُڌ آهي ، جنهن کي انگريزيءَ ۾ فرسٽ هينڊ انفارميشن چوندا آهن ؛ ان ڄاڻ جي بنياد تي لاڙڪاڻي ريجن جي 20 ڪاليجن مان ٽوٽل ست ڪاليج آهن ، جتي ڪلاس هلندا آهن؛ سکر ريجن جي 31 ڪاليجن مان 12 ڪاليج آهن جتي تدريسي عمل پنهنجي حال سارو هلندو آهي ؛ ميرپورخاص جي 16 ڪاليجن مان 5 ۽ حيدرآباد ريجن جي 56 ڪاليجن مان 32 ڪاليج تدريسي عمل کي هٿي وٺرائي رهيون آهن؛ باقي ڪاليج ، جيڪي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ آهن ، اتي ڪلاس هلڻ/هلائڻ جو نالو وٺڻ يا ذڪر ڪرڻ به عجيب محسوس ڪيو ويندو آهي ، ۽ جيڪڏهن ڪو پروفيسر ڪلاس هلائڻ لاءِ ڪو تحرڪ وٺڻ جو ارادو به رکندو آهي ته اهو ٻين جي نظر ۾ ”چريو“ هوندو آهي؛ هڪ اهڙو چريو ، جيڪو ڀت سان پنهنجو مغز ٽڪرائڻ جي ئي ”صلاحيت“ رکندو آهي. منهنجي حيرت جو جهان اتان شروع پئي ٿيو ته هر هڪ ڪاليج ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي به مڪمل ، ۽ اڃان ته اڻ ڳڻ ڪاليجن ۾ استاد به وڌيڪ ، ۽ پروفيسر به ماسترن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيا لکيا، سماج جا سمجُهو ماڻهو ، ڪاليجن جا پرنسيپال به سينيئر پروفيسر ، نه ڪي ٻاهريان ٿاڦيل ڪي ماڻهو ، پوءِ به ڪلاس سال جي ٻارهن مهينن مان رڳو ٽي مهينا هلائڻ ۽ شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي به لائق نه آهن؟ ڇو ؟ ڇو؟ ڇو؟ ؛ ۽ اچو ته هاڻي ان ”ڇو“ جو جواب معلوم ڪريون. ڪاليجن جي غير فعال ۽ غير متحرڪ رهڻ جو هڪ بنيادي سبب سبجيڪٽ وائيز استادن جي کوٽ آهي. مثال طور ، هڪ ڪاليج ۾ ٽيچنگ اسٽاف جون جايون آهن 50 ؛ ته اهي پنجاهه جايون ئي اوهان کي ڀريل ملنديون. ته پوءِ مسئلو ڪهڙو آهي جو ڪلاس نه هلن ٿا؟ ؛ يارهين ، ٻارهين ، بي اي ۽ بي ايس سي ، بي ڪام وغيرهه جي شاگرد کي پڙهائڻ لاءِ انهن جي ڪورس ۾ شامل مکُ مضمون آهن: انگريزي ، حساب ، بائلاجي ، زولاجي ، باٽيني، فزڪس ، ڪيميسٽري ، اڪائوٽنگ ، ايڪنامڪس ، ڪمپيوٽر ، جاگرافي، ڪامرس ، تاريخ وغيرهه ؛ ۽ استاد ڪاليج ۾ گهربل جايون ته ڀريون ويٺا آهن ، پر ڪهڙي بنياد تي؟ ؛ ڪاليجن ۾ موجود جايون سبجيڪٽ وائيز آهن ئي ڪو نه ، ۽ نه ئي شاگردن جي سبجيڪٽ بنياد داخلا سان لاڳاپيل آهن ؛ جايون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀريون تي مضمون-بنياد تي وينديون آهن، پر کين جوائننگ ان بنياد تي نه ڪرائي ويندي آهي. انهيءَ ڪري شهرن جي ڪاليجن ۾ ڪنهن قدر ته سائنس جا استاد ملن، اهو ممڪن آهي، پر ٻهراڙي وارن علائقن جي ڪاليجن ۾ سائنس جا استاد ڳوليا نه لڀندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڪاليج جي 50 جاين مان اتي 20 استاد هوندا اسلاميات ۽ مسلم هسٽريءَ جا ، 5 استاد هوندا اردوءَ جا ، ۽ 10 استاد هوندا سنڌيءَ جا، 2 استاد هوندا پوليٽيڪل سائنس جا، 4 استاد هوندا سوشيالاجيءَ جا، ۽ باقي استادن مان ڪو ڪامرس، ڪو انگريزي، ته ڪو ڪنهن ٻي مضمون جو ؛ ته ڇا ان بنياد تي يارهين ٻارهين جي پري-ميڊيڪل ۽ پري-انجنيرنگ ۾ داخل ٿيندڙ ٻارن جا ڪلاس هلائڻ لاءِ ڪو فرض شناس پرنسيپال ، پنهنجو مٿو ڦاري به وجهي ته ڇا هو ڪلاس هلائي سگهندو؟ ؛ فزڪس ، ڪيميسٽري، بائلاجي ، باٽيني ، زولاجي ۽ حساب وغيرهه جا ڪلاس ڪير وٺندو ؛ ڇا اسلاميات ، مسلم هسٽري ، اردو ، سنڌي يا سوشيالاجيءَ جو اهو استاد ، جيڪو خود ان ئي ڪاليج جي ڀڳل بئنچن تي ويهي ، علي ۽ رئوف سيريز جي حل-پرچن واريون گائيڊون ور ۾ وجهي ، پرائيويٽ امتحان ڏئي، ڪنهن تر جي بدمعاش وڏيري جي ڪوٽامان ڏوڪڙن عيوض ڪنهن واٺي معرفت پنهنجي لاءِ ”ڪميشن“ واري نوڪري حاصل ڪري سگهيو هجي؟ ؛ ڇا ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو؟. 1970 ع تائين ، سنڌ جي معياري تعليم جي جنهن دور جو ذڪر اڄ اسان ڪري ٿڌا ساهه کڻڻ تي مجبور ٿيون ٿا، ان دور ۾ ڪاليجن جا پاڙهيندڙ، مضمون-بنياد تي ڀرتي ڪيا ويندا هئا، ۽ ايس اين اِي به مضمون-بنياد تي هوندي هئي، پوءِ جڏهن ڳڙهي خدا بخش جي هڪ گهر مان ايشيا جو ”فخر“ ۽ ان جو نسل پيدا ٿيو ۽ سنڌ مٿان حڪمراني ڪرڻ جو ڀاڳ سندن ڀيرو ڏيندو رهيو ته سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جي دور جي به ابتدا ٿي، ۽ ان ابتدا دوران سنڌ جي ڪاليجن جي مضمون-بنياد تي ڪوٽا هٽائي، جايون جنرل ڪيون ويون؛ جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو ته سنڌ جي ڪاليجن جي اسٽاف رومن ۾ حوالي ۽ موالي ته جَجها نظر اچڻ لڳا، پر سائنس ، فلسفي ۽ ٻين جديد علمن جا اڪابر اڻ لڀ ٿي ويا. سنڌ جي ڪاليجي تعليم جي تباهيءَ جو ٻيو الميو اهو آهي ته جن شهرن ۽ علائقن ۾ ڪاليج موجود آهن، اتي هاير سيڪنڊري اسڪول وڌائڻ سان به ڪاليجن جي تعليم تي منفي اثر مرتب ٿين ٿا. جيڪڏهن ، اڳ ئي هڪڙا ادارا، معياري تعليم ته ٺهيو ، پر عام تعليم ڏيڻ جهڙا نه رهيا آهن ، ته پوءِ اڳ به ڪي نتيجا نه ڏيندڙ ادارن جو درجو وڌائڻ پٺيان سرڪار جو ڪهڙو منطق آهي؟ ، سنڌ ۾ گذريل ڪجهه ورهين کان جيڪي هاءِ اسڪول، هاير سيڪنڊري اسڪول بڻايا ويا آهن ، ڪو به غير جانبدار ادارو ، ان تي تحقيق ڪري ته انهن اسڪولن منجهان ڪهڙي به هڪ اسڪول ۾ يارهين/ٻارهين جا ڪلاس هليا آهن؟ ؛ ۽ انهن اسڪولن ۾ سبجيڪٽ-اسپيشلسٽ استاد ڪيترا ڀرتي ڪيا ويا آهن؟ ، جيڪڏهن انهن اسڪولن ۾ رڳو انرولمينٽ ئي وڌائڻي هئي ته پوءِ ڪاليجن کي پوئتي ڇو ڌڪيو ويو؟ ، ڇا سرڪار جي ان سڄي حڪمت عمليءَ جو بنياد هڪ نئين نموني سان ڪرپشن جو هڪ نئون ڪوٽ اڏڻ کان سواءِ ڪو ٻيو آهي؟ ، باقي هڪڙا انڌا ڪاڻا، اٺ اڳ ئي اڻ ڳڻيا هجڻ باوجود نوان انڌا ڪاڻا گڏهه ۽ گهوڙا گڏ ڪرڻ جو شوق ، گهٽ ۾ گهٽ مون کي سمجهه ۾ نه اچي ٿو. سنڌ جي ڪاليجن جي غير فعاليت جو ٽيون عنصر پاڙهيندڙن جي هڪ خاصي انگ جو رجسٽرن ۾حاضر، ۽ عملي طور لاڳيتو غير حاضر رهڻ آهي. سنڌ جي ڪاليجن ۾ مقرر ٽيچنگ اسٽاف جي فهرست جاچيو ، ۽ خاص طور في ميل اسٽاف تي نظر وجهو ، ته اوهان کي اڌ تي اڌ، انهن مان اهڙيون بيگمات ملنديون ، جن کي اها به خبر نه هوندي ته اهي ، هر مهيني اي ٽي ايم مشين مان قسطن ۾ جيڪا پگهار ڪڍائين ٿيون ، اها ڪهڙي ڪاليج جي بجيٽ مان آهي؟ ؛ اوهان کي ڪنهن وزير جي جوءِ اڻويهين گريڊ جي پروفيسرياڻي ملندي ته ڪنهن پيٽ وڏي ڪاموري جي شهري سُريت، ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڪاليج مان ارڙهين گريڊ جي پگهار کڻندڙ هوندي، رٽايرڊ جنرلن جون ننڍيون نيٽيون نينگريون به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ”امتحان“ پاس ڪري ، سنڌ جي ڪاليجن ۾ ٿاڦيل ، سياسي پارٽين جي عهديدارن ، وڏي وزير جي صلاحڪارن کان ويندي ججن جي اولاد جو ”حق“ به سنڌ جي ڪاليجن تي؛ صحافي سڳورا ۽ پرڏيهي اين جو اوز جا ڪوآرڊينيٽر به ڪاليجن جا پاڙهيندڙ ۽ ڊيوٽين کان آجا؛ ڪو ڪنهن رئيس وڏي جو منشي ، ته ڪو ڪنهن ادي وڏيءَ جو خاص ٻانهو به ليڪچرر ۽ ڊيوٽي معاف ڪرايل؛ اهڙي ماحول ۾ بي ڌڻڪيون بڻايل سنڌ جي ڪاليجن جو ڌڻي ، بي ڌڻڪو بڻجي ويو آهي جو ، رڳو ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ”اهليت“ ڏيکارڻ جي اهل رهيو آهي؟؛ يا اسين ، بحيثيت قوم جي ايڏا بي ڌڻڪا بڻجي ويا آهيون ، جو پاڻ پنهنجو ڌڻ ( ادارا )، بگهڙن جي وات ۾ ڏيڻ ۾ سرهائي سمجهون ٿا؟ ؛ سنڌيو ، جواب ڏيو. واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ ڪو به سنڌي چينل هلايو ۽ پهريان ڄاڻي وٺو ته اهو وقت خبرن جو ناهي ته اوهان کي سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽريءَ جو چهرو ضرور نظر ايندو ؛ ڪٿي پينل انٽريو ، ته ڪٿي جي حضوري دانشورن جي ٽولي جي وچ۾ ، ته ڪٿي ميزبان سان آمهون سامهون ؛ ڊاڙون ۽ ٺڪاءَ وات پٽائي ڇڏڻ جيڏا، دعوائون اٺ جي آنڊي جيڏيون ، ڪوڙن ۽ پاڻ پڏائڻ ۾ هوندي آسمان جي اڏام ، ۽ تاثر اهو ڇڏبو ته سنڌ ۾ ان ڪاموري کان سواءِ صفا اوندهه انڌوڪار آهي ، تعليمي بحاليءَ جو ٺيڪو ”وڏڙن“ کان مليو ئي ان َ، ڪنهن نه ڪم جي ڪاموري کي آ؛ محسوس اهو ٿيندو ته سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جي بحاليءَ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ٿو ته رڳو اهو مان وارو سڳورو، ۽ هو سڀني کان سرس آهي؛ باقي جڳ ۾ اوندهه آهي. جيڪڏهن ، ان ڪاموري جي ضمير ۽ ظرف تي ڪا به آڱر نه کڻجي، سندس دامن تي ڪرپشن جو داغ اچڻ جو به تصور نه ڪجي، ماسترن جي تازين ڀرتين ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ هيراڦيرين جي سڄي عمل مان به کيس آئوٽ سمجهجي، ڪرپٽ ۽ ڪرمنل تعليمي آفيسرن جي ڀرتين، بدلين ۽ مقررين بابت ڪروڙن جي لڳندڙ واڪن ۽ ڪرسين/علائقن جي ڪامورن پاران خريد ۽ وڪري کان به بي خبر سمجهجي ، ۽ کيس ان راند جو حصو نه به سمجهجي، پرڏيهي ڊونر ادارن جي تعليم لاءِ اسان کي ملين اربين روپين جي رقم جي ڪاغذي ڪارروائيءَ ذريعي هڙپ ٿيندڙ ڏوڪڙن ۾ به ان مان واري ڪاموري جو ڪو حصو پتي به نه سمجهجي، ته ڇا، سندس ڪنهن غيباتي طاقت ، هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن، جو هو ڪو اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سگهي، جيڪو سنڌ جي ڪاليجن ۾ مضمون-بنياد تي ڀرتين، مقررين ۽ بدلين جو تعين ڪري سگهي؟ ؛ ڇا هو ايترو ڪرڻ جي به اهليت نه ٿو رکي؟. سنڌ جي تعليم جي بحالي، ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي ڊاڙون هڻڻ ۽ ڦٽاڪا ڇوڙڻ کان وڌيڪ ان ڪاموري جي اختيارن ۽ ان جي استعمال سان لاڳاپيل آهي؛ جيڪڏهن هو نتيجا ڏيڻ جوڳيون وکون کڻي اڳتي وڌي ٿو ته اسان جي اکين تي، باقي حوالي ۽ موالي ته هن ديس جي ماڻهن جي مقدر ۾ قهر الاهي بڻجي هر دور ۾ ڪڙڪندا رهيا آهن. جڏهن کان هن ملڪ ۾ ”هڪ ماڻهو ، هڪ ووٽ“ جو رواج پيو آهي، يا قانون جڙيو آهي ۽ ان قانون بدلي، حڪومت جڙي آهي، ته سنڌ جي تعليم جو وزير سدائين ”شاهي شوق“ رکڻ وارو هرِ اهو وڏيرڪو ٻار ٿيندو رهيو آهي، جنهن لاءِ تعليم جو قلمدان ، ”ماستر“ جي عهدي تي جاهلن جي فوج ڀرتي ڪرڻ کان سواءِ ڪا به حيثيت نه رکندو آهي، ته ڇا اهڙين رڍن آڏو رباب وڄائڻ سان ڪي نتيجا نڪري سگهن ٿا؟. سنڌ جا اسڪول ، سنڌ جا ڪاليج ، سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ سنڌ جا ٻيا تعليمي ادارا ، ڌڻي سائين بڻجڻ لاءِ سنڌين ڏانهن واجهائين ٿا، سنڌين جي مالڪي نه ڪرڻ تائين، اسان جي ٻين ادارن وانگر، اهي ادارا به بي ڌڻڪا رهڻا آهن.