سنڌ جي خلاف جڙندڙ منصوبن جو عالمي تاريخي پسمنظر رسول بخش پليجو ڪائنات، انساني سماج ۽ انساني سوچ جي سائنس اسان کي ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ اهو به سيکاري ٿي ته ڪائنات اندر جيڪي بظاهر ڪروڙين اربين ڇڙوڇڙ ۽ اڻ لاڳاپيل شين، لقائن جا منتشر مجموعا نظر اچن ٿا، سي دراصل هڪڙي پاسي هڪٻئي سان ابتڙن ۾ ورتل ته ٻئي طرف پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ، هڪٻئي کي متاثر ڪندڙ ۽ هڪٻئي کان متاثر ٿيندڙ نظامن جا مجموعا آهن. سموري انساني اوسر جي تاريخ به ائين آهي. مثلاً هيٺين ڪن تمام وڏن ڇڙوڙ تاريخي ڳالهين ۽ واقعن جو پاڻ ۾ ڪو به واسطو نظر نه ايندو، پر جيئن نظر ايندو تيئن ناهي، انهن جو پاڻ ۾ سڌو يا اڻسڌو ويجهو يا پرانهون واسطو، دارومدار ۽ اثر آهي. روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ٿينديون رهيون. پندرهين کان ويهين صديءَ جي شروعات تائين سڄي دنيا تي مغربي سامراجين جو تسلط هو، جنهن ۾ انگريزي شهنشاهت جي دور جي وڏي ۾ وڏي شهنشاهيت هئي، جنهن تان ڄڻ سج لٿو ئي نٿي. هندستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان جي تابع هئا. آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ روس ٻيون وڏيون طاقتون هيون. 1914ع کان 1919ع تائين يورپ ۾ مهاڀاري لڙائي لڳي. ان لڙائيءَ هلندي روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو، جنهن آمريڪي ۽ يورپي عالمي سرمايه دار سامراج جي عالمي وجود جي بنيادن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. سامراجي دشمنن ان انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين قسمن جون زبردست ڪوششون ڪيون، اهي ناڪام ٿيون. جڏهن اها مهاڀاري جنگ ختم ٿي تڏهن ويڙهو ڌر جو اڳواڻ انگلينڊ هو، تنهن ڌر کٽيو ۽ جرمن اڳواڻيءَ واري ڌر هارايو. کٽيندڙ ڌر جرمنيءَ تي اهڙا موتمار شرط ۽ ڏنڊ وڌا، جن جو اڳ مثال ملڻ مشڪل هو. پر ويهن سالن اندر ئي جرمني وري جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. پر اها جنگ جرمن بادشاهن ۽ جرنيلن بدران هڪڙي نام نهاد مزدور لٻاڙي ليڊر پاران شروع ڪرائي ويئي، جنهن بظاهر سڄي يورپ ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏي. جرمنيءَ جا تاريخي دشمن برطانيه ۽ فرانس سندس ڄڻ پيرن جي خاڪ ٿي ويا ۽ هن جيڪي کين ڪرڻ لاءِ چيو، سو هڪدم مڃيائون. حقيقت ۾ اها انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا جي روس کي تباهه ڪرائڻ لاءِ سٽيل هڪڙي زبردست ڳجهي عالمي سازش هئي، جنهن ۾ جرمني به شريڪ هئي. هن اعلان ڪيو ته هو روس تي قبضو ڪرڻ ۽ دنيا جي يهودين کي ختم ڪرڻ گهري ٿو. هن يورپ جي ڪيترن ملڪن تي حملا ۽ قبضا ڪيا ۽ آخر ۾ روس تي حملو ڪيائين، جنهن کيس شڪست ڏني ۽ وري جرمني ۽ سندس ساٿاري اٽلي ۽ جپان وغيره هارائي ويا ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا وارا في الحال وري به کٽي ويا. پر ان جي عظيم جنگ کانپوءِ انگلينڊ ۽ فرانس جون شهنشاهتون ۽ ٻيون يورپي شهنشاهتون ختم ٿي ويون ۽ سندن سڄي دنيا جي غلام بنايل علائقن مان هندستان، پاڪستان، الجزائر، موراڪو، انڊونيشيا ۽ ٻيا گهڻا ملڪ وجود ۾ آيا. هڪڙي طرف سڄي سرمائيدار دنيا جو اڳواڻ انگلينڊ جي جاءِ تي آمريڪا ٿي ويو ۽ ٻئي طرف سوويت يونين سپر پاور بنجي ويو. ”ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا“. ڪيترا ملڪ پاڪستان وانگر آزاد ته ٿيا، پر اهي سٺ سالن گذرڻ بعد به حياتي ۽ موت جي ڪشمڪش مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهيا آهن. اها ئي قبائليت، اها ئي جاگيرداري، اها ئي بک، اها ئي ڦرلٽ، اها ئي جهالت، اها ئي بدنظمي، اها ئي ڏنڊا شاهي ۽ نرم گرم انگريزي راڄ بدران فوجي ڊڪٽيٽرشپ...جيڪا به وک آهي، سا اڳي کان پوئتي وڃي ٿي، اڳتي نٿي وڌي. ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي کنڊن ۾ گهڻا مسلمان ملڪ آهن، پر اهي ذري گهٽ سڀ خراب حالن ۾ آهن. انگلينڊ انهن جي خراب حالن جو ناجائز فائدو وٺي ڪيترن مسلمانن کي ڪرائي جو سپاهي ڪري هڪٻئي خلاف استعمال ڪندو رهيو. تازو آمريڪا کين افغانستان ۾ روس خلاف استعمال ڪري منجهائن ڪم ڪڍي وري کين سڄي دنيا ۾ دهشتگرد طور سندن شڪار ڪرائي رهيو آهي، ۽ مسلمان دنيا کي موت جي منهن ۾ وجهيو ويٺو آهي. دنيا بدلجي پئي! دنيا مان سوويت يونين ختم ٿي ويو آهي، پر مزدور، هاري ۽ سوشلسٽ جدوجهد ختم ڪا نه ٿي آهي. هوڏانهن دنيا ۾ سرمائيداري آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ چين ۽ ٻيا سوشلسٽ، ايشيائي، آفريقي ۽ لاطيني ملڪ ڏاڪي به ڏاڪي زور وٺندا وڃن. هوائن جو رخ اولهه (آمريڪا ۽ يورپي ملڪن) بدران اوڀر (ايشيا، آفريقا، لاطيني آمريڪا) جي فائدي ڏانهن محسوس ٿي رهيو آهي. ٻين لاءِ کنيل کڏن ۾ ڪرندڙ سامراج: مٿيون سڀ ڳالهيون ۽ واقعا رڳو قدرتي طرح يا رڳو اتفاق سان يا پنهنجي ليکي پاڻهي ڪو نه ٿيا آهن، انهن ۾ واسطيدار ڌرين جون ظاهري توڙي ڳجهيون ڪامياب توڙي ناڪام رٿابنديون، محنتون، ڪوششون، حرفت بازيون ۽ سازشون به شامل آهن. مثلاً انگلينڊ، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا جيڪا روس خلاف زبردست عالمي سازش ڪئي، اها کين ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. دنيا جي جن ماڻهن پنهنجي اها ذميواري ڪري ليکي هوندي ته هو انسان ذات جي عالمي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ارتقا ۽ سفر جي باري ۾ هر ممڪن حد تائين سربستي ۽ ڳوڙهي جاچ ڪري پوريءَ طرح باخبر رهن ۽ ان ڄاڻ کي روشني بنائي دنيا جي پورهيت ۽ مظلوم قومن ۽ عوام جي ڇوٽڪاري جي ويڙهه جي سفر کي وڌ ۾ وڌ سڻائو ۽ ڪامياب بنائين، تن کي مٿين ڳالهين، واقعن سان لاڳاپو رکندڙ هيٺين عالمي تاريخي ڳالهين ۽ واقعن بابت ڪجهه نه ڪجهه خبر ضرور پئجي سگهي هوندي ۽ هو اهو معلوم ڪري سگهيا هوندا ته انهن سمورن ڇڙوڇڙ ۽ ظاهري اڻ لاڳاپيل ۽ غير واسطيدار ڳالهين ۽ واقعن جا پاڻ ۾ ڪئي سڌا ۽ اڻ سڌا واسطا هئا ۽ آهن. روس کي جرمني هٿان تباهه ڪرائڻ جي ناڪام سازش: پهرين جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ جڏهن روس ۾ سوويت انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ سرمائيدار ملڪ خاص ڪري انگلينڊ ۽ فرانس هر ممڪن ڪوشش باوجود سوويت سوشلسٽ انقلاب کي نيست ۽ نابود نه ڪري سگهيا، تڏهن هنن اها رٿ رٿي ته هاڻ جرمنيءَ کي روس خلاف استعمال ڪجي ۽ ٻيو نه ته ٻنهي کي پاڻ ۾ ويڙهائي چٽ ڪجي. ان ڪري انهن پاڻ ۾ ڳجهي رٿ رٿي جنگ بعد صلح جي عهدنامي ۾ سعيو ڪري جرمنيءَ خلاف غير معمولي طور اهڙا سخت شرط وڌا، جو جيڪڏهن پوءِ انهن شرطن کي نرم ڪجي ۽ جرمنيءَ کي ٻيون به خاص رعايتون ڏجن ته هو روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ دل جان سان سندن ٻانهن ٻڌو ٻانهو ٿي ڊيوٽي ڏي. خاص ڪري تڏهن جڏهن جرمن سرمائيدارن کي به روسي انقلاب کان ڪو گهٽ خطرو ڪو نه هو ۽ کين ان خلاف ڪا ٿورڙي ڪاوڙ ڪا نه هئي. انگلينڊ، فرانس، جرمني، آمريڪا وغيره سرمائيدار ملڪن جي حڪومتن ۽ ڪارپوريشنس جرمن فوج کي روس تي حملي لاءِ دل جان سان تيار ڪيو ۽ هنن جيڪي گهريو، سو کين ڏنائون. پر هڪڙي طرف سموريون واسطيدار سياسي حالتون سندن قبضي ۾ نه رهيون ته ٻئي طرف روس به تيزيءَ سان ڳالهه سمجهي جوابي سفارتي ۽ فوجي ڪارروايون ۽ تياريون تيز ڪيون. تان جو هن حملو ڪندڙ جرمن فوج کي شڪست ڏئي خود برلن تي اچي قبضو ڪيو. ٻي جنگ عظيم ايڏي ڊيگهه، تباهي ۽ بربادي ڪئي جو نه رڳو روس ۽ جرمني، پر برطانيه ۽ فرانس وغيره به سمورو رت ست وڃائي ويهي رهيا ۽ منجهن پنهنجين شهنشاهتن کي قبضي ۾ رکڻ جي به پهچ نه رهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي ان تباهيءَ مان فائدو ٿيو ته اها فقط آمريڪا هئي. ”لالا! مال خلاص!“: هندستان جي وائسراءِ لارڊ ويول برطانوي سرڪار کي جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ 1945ع ۾ لکي موڪليو ته هاڻ هندستان تي تسلط جاري رکڻ ناممڪن آهي، وڌيڪ رهبو ته خواري ٿيندي، ان ڪري ان کي هڪدم خالي ڪجي. في الحال هندو صوبا خالي ڪجن ۽ پوءِ مسلمان صوبن کي ڏسجي...۽ پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ طئي ٿيو ته، پنجاب ۽ يوپيءَ جي ليڊرشپ (سڪندر حيات خان، لياقت علي خان وغيره وغيره) ۽ انگريزن جا ويجها ڪامورا (سر ظفر الله خان، ايوب خان، اسڪندر مرزا، چوڌري محمد علي وغيره وغيره) سڀ انگريزن جي اشارن تي پئي هليا. سڀني ڌرين جي وچ ۾ ماٺ مٺيءَ ۾ طئي اهو ٿيو ته مسلمان علائقن کي نالي ماتر آزادي ڏيئي، جناح ۽ سندس روشن خياليءَ واري حڪمت عمليءَ مان جند ڇڏائي ملڪ لياقت علي ۽ پنجاب ۽ يو پيءَ جي انگريزن جي وفادار سياستبازن ۽ ڪامورن معرفت آمريڪا ۽ ان جي ننڍي ڀائيوار انگلينڊ جي حوالي ڪري بلوچستان، سرحد ۽ خاص ڪري سنڌ کي سامراج جي ماتحت، پنجاب، يو پي، سي پي بهار وارن جي جاگير بنائي قبائلي سردارن، خانن ۽ ڀوتارن کي ڪمدار بنائي سنڌ جا سمورا وسيلا سنڌين کان اسلام، پاڪستان ۽ آزادي جي نالي ۾ کسي ملڪ ميدان ڪري موجون ڪجن. سنڌ مخالفن جا خواب پورا ٿيا: ائين ئي ڪيو ويو، فيبروري 1948ع ۾ لياقت عليءَ محمد علي جناح کان عملي طرح مسلم ليگ کسي ورتي. سنڌ تي ڪنٽرول جي رٿ دهلي توڙي لاهور وارا اڳي ئي سٽي آيا هئا. ورهاڱي وقت فساد ڪرايا ويا، ۽ اهڙيءَ طرح انهن جو سنڌ جي حوالي سان خواب پورو ٿيو. ياد رهي ته علامه اقبال 1930ع ۾ الهه آباد ۾ مسلم ليگ جي اجلاس جي صدارت ڪندي جيڪو مطالبو ڪيو هو ته انگريز هندستان مان وڃن نه وڃن سندن مرضي، پر سنڌ، بلوچستان، سرحد پنجاب ۾ ضم ڪيا وڃن. (Should be merged with Punjab) اهو به هيڏي ساري مخالفت هوندي نيٺ پورو ٿيو. ملڪ جي آزاديءَ جي آڙ ۾ سنڌ تي باقائدي گهڻ طرفو حملو ڪري وڏين ويڙهن کانپوءِ ان کي مفتوح علائقو بنايو ويو. سنڌ کان سندس تازو حاصل ڪيل صوبائي خودمختياري هڪدم کسي ويئي، يوپي، سي پي ۽ لاهور جا کڙپيل آفيسر سنڌ کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويا. ڪراچي سنڌين کان کسي ورتي ويئي، سنڌي هندن جي گهرن ۾ گهڙي کين ماري ڪٽي ڊوڙائي ڪڍيو ويو. زوري لڏايل سنڌي هندن جي ملڪيتن جا وارث يو پي، سي پي وارا ٿي ويٺا، محمد علي جناح کي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ قبر ڀيڙو ڪيو ويو. ان ماحول ۾ لياقت علي خان وزير اعظم جي حيثيت ۾ آرام سان سنڌ خلاف سنڌ جي تاريخ جو اهو وڏي ۾ وڏو موتمار فيصلو ڪري ورتو، جو ڏينهن ڏٺي جو سمورن ملڪي، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانونن کي ٺڪرائي هن سنڌ جي جياپي جا سهارا سنڌو ندي ۽ ان جي سٿ جون نديون ماٺ مٺيءَ ۾ منڍ واري سخت مخالف پنجاب سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيون. پوءِ سنڌ جي اجازت بنا، ان جي مفادن جي سراسر خلاف هڪٻئي پٺيان تيزيءَ سان هيٺيان ۽ ٻيا لاڳاپيل غير قانوني، غير آئيني ۽ غير انساني قدم کنيا ويا. (1) هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏپ وارن درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ بنايل ڪميٽيءَ ۾ تاريخي بي قائدگي ۽ لاقانونيت ڪري سنڌ جو ڪو به نمائندو شامل ڪو نه ڪيو ويو. فقط مغربي پنجاب جا ٽي نمائندا، (1) مغربي پنجاب جو سردار شوڪت حيات خان (2) چيف انجنيئر ۽ سيڪريٽري اريگيشن عبدالحميد ۽ (3) چيف سيڪريٽري حافظ عبدالمجيد مقرر ڪيا ويا، جن جلد وڃي هندستاني پنجاب جي نمائندن سان گڏجي سنڌ خلاف هڪڙي تمام ڊگهي عرصي واري گهڻ پاسائين بين الاقوامي سطح جي تمام وڏي گوناگون منصوبا بندي تيار ڪئي، جنهن تي عمل ڪندي سنڌ جو جهڳو اهڙو جهڻ ڪري ڇڏيو ويو آهي، جو اها اڄ ٽيهٺ سال گذرڻ بعد به پنهنجا پير جهلي نه سگهي آهي، بلڪه روز بروز وڃي قومي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي موتمار کاهيءَ ڏانهن ڌڪبي. ڪا خبر ناهي ته اها ڪنهن وقت وري به پنهنجا پير جهلي ويندي يا مورڳو مڪمل طرح اڃ، بک ۽ ڏڪار جو شڪار ٿي دنيا جي تختي تان ائين ختم ٿي ويندي، جو ڄڻ ته اها دنيا ۾ پيدا ٿي ئي ڪا نه هئي. اسٽي آرڊر متان وٺو! سڀ درياهه هندستان ۽ ڪشمير جي علائقن مان نڪري پنجاب مان ٿيندا سنڌ پهچن ٿا، ان لاءِ ضروري هو ته جيسين هندستان ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ورهاست بابت مڪمل تسلي بخش فيصلو ٿي وڃي، تيستائين هندستان ان پوزيشن ۾ نه هجي، جو پاڪستان تي ناجائز دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪنهن درياهه جي هيڊ ورڪ وٽ پاڪستان ايندڙ پاڻي روڪي ڇڏي. ان ڪري بندوبست ڪيل هو ته هندستان پاڪستان طرفان صلاح سان مقرر ڪيل واسطيدار اختياريءَ يعني آربٽرل ڪميٽيءَ کان پاڪستان طرفان اڳواٽ درخواست ڏيئي اسٽي آرڊر وٺي ڇڏجي ته جيسين آخر ٺاهه نه ٿي وڃي، تيستائين هندستان پاڪستان جو پاڻي بند نه ڪري. ان ٽربيونل جو صدر هندستان جو چيف جسٽس سر پئٽرڪ اسپينس Sir Patrik Spence هو. جلنڌر واري عالمي منصوبا بندي: جلنڌر واري گڏجاڻي ۾ ٻنهي پنجابن جي حڪومتن طرفان پنهنجي مظلوم حريف ۽ مخالف سنڌ خلاف تمام ڊگهي، تمام گهڻن ڏاڪن واري، تمام اونهي ۽ تمام بي رحميءَ واري منصوبا بندي اها ڪئي ويئي ته: (1) اعلان ڪجي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، سڀ ڀائر آهيون، پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، ڪنهن پاڻيءَ جي بندش يا ٻي گڙ ٻڙ جو ڪو به ۽ ڪنهن به قسم جو خطرو ڪونهي. ان ڪري پاڪستان آربٽرل ٽربيونل کان ڪو به اسٽي آرڊر نه وٺي. جيڪا درخواست پيل آهي، سا پاڪستان جو اٽارني جنرل واپس وٺي ڇڏي. جيڪڏهن ڪو ٻيو يا خود ٽربيونل جو سربراهه چوي ته ”هي ٽربيونل جي مدت تمام ٿورڙي آهي، ٿورن ڏينهن اندر ختم ٿي ويندي پوءِ اسٽي آرڊر ملي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن رڪاوٽ پئي ته ان جو ڪو به علاج ڪو نه ٿي سگهندو، تنهن ڪري بهتر آهي ته پاڪستان اسٽي آرڊر وٺي ڇڏي ته آخري ٺاهه تائين هندستان پاڪستان ويندڙ پاڻي نه روڪي ته سڀني لاءِ سٺو ٿيندو.“ ته اها آڇ به هرگز نه قبولي وڃي ۽ اسٽي آرڊر لاءِ ڪيل درخواست پاڪستان واپس وٺي ڇڏي. (2) پوءِ جيئن ئي پهرين مارچ 1948ع تي ٽربيونل جو مدو پورو ٿئي، تيئن هندستان پاڪستان ڏانهن ويندڙ پاڻي هڪدم بند ڪري ڇڏي. پوءِ پاڪستان وٺي هاءِ گهوڙا شروع ڪري ته اسين سادا ۽ ويساهه وسوڙيل مسلمان ماڻهو، اسان سان هندستان انجام ڪيو هو ته پاڻي بند ڪو نه ڪنداسون، توهان اعتبار ڪريو، اسان سندن واعدي تي اعتبار ڪري اسٽي آرڊر ڪو نه ورتو ته اسان سان هندستان ظلم ڪري ڇڏيو. پاڻي هڪدم نه کليو ته اسين تباهه ۽ برباد ٿي وينداسون. هندستان مڳيءَ ۽ معتبريءَ جو پوز هڻي چپ ڪري ويهي ۽ پاڪستان هاءِ گهوڙا سان آسمان مٿي تي کڻندو رهي. پوءِ ”بي وس ۽ محتاج“ پاڪستاني وفد ”مجبور ٿي“ ”لاچار“ وڃي مغرور هندستان جيڪي چوي سو مڃي پاڻي ڪجهه وقت لاءِ چالو ڪرائي اچي ۽ هندستان جي چوڻ تي ٽي درياهه لکي هندستان کي ڏيئي اچي ته انهن درياهن جو پاڻي هندستان جي ملڪيت آهي، اسان جو ناهي، اسين جيترا پئسا (Signor money) هندستان چئي ٿو اهي ڏيئي اهو پاڻي في الحال زر خريد وٺون. پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ هلن ڳالهيون، جنهن ۾ هندستاني پنجاب کي ٽي درياهه ملن ۽ ٻيا ٽي ملن مغربي پنجاب کي ۽ سنڌ جي پتيءَ جو نالو نشان مٽائي ڇڏجي. ان جي پتيءَ جو پاڻي پنجابي برادر سرڪاريون پاڻ ۾ ورهائي موجون ماڻين. ان سازش تي هوبهو عمل ٿيو! پاڪستان جي مرڪزي سرڪار ۽ هتان جي پنجاب يڪمشت ٿي ان تي عمل ڪيو. درياهن جي پاڻيءَ جي مالڪي ۽ ڀائيواري جي سلسلي ۾ سنڌ جو نالو نشان به نه رهيو. گويا پاڪستان ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو هو ته هندستاني ۽ پنجابي مسلمان ڀائر جيڪي اڳ ان تي قابض ٿي سندس وسيلا ڦٻائي نه ٿي سگهيا، سي آزادي ۽ مذهب جا نعرا هڻي سنڌي قوم جو پاڻي، زمينون، سندس سمنڊ، شهر، ٻنيون، ڌنڌا، واپار، تعليم کسي سندس مالڪ بنجي ويهي رهن. پاڪستان جي اٽارني جنرل اسٽي آرڊر وٺڻ کان انڪار ڪيو! جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جا اٽارني جنرل مٿين سازش مطابق يڪراءِ ٿي آربٽرل ٽربيونل جي سربراهه وٽ ويا ته اسان جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، اسان کي اسٽي آرڊر ڪو نه کپي. تڏهن هن مٿن زور ڀريو ته ائين نه ڪريو، پاڻيءَ جي وهڪري جاري رکڻ لاءِ ڪو آرڊر ڪرايو، پر هنن نه مڃيو. (سر اسپينس جي لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ايسوسيئيشن اڳيان 23 فيبروري 1955ع تي ڪيل تقرير، حوالو چوڌري محمد علي جو ڪتاب The Emergence of Pakistan ص 38). اپريل 1948ع تي جيئن ئي آربٽرل ٽربيونل جو مدو پورو ٿيو، تيئن ئي هندستان پاڪستان جي (مٿين سٽيل منصوبي مطابق)...باري دو آب ڪئنال سسٽم، ديبالپور ڪئنال سسٽم ۽ بهاولپور اسٽيٽ ڊسٽريبيوٽري جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ”اوڀر پنجاب وار اچوڻ لڳا پاڪستان جو پاڻي ڪونهي، پئسا ڏي ته پاڻي کوليون...پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، لکين ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا، ڍور ڍڳا بکن ۾ مري ويا آهن، پاڻيءَ جو ڏڪار پئجي ويو آهي...مئي 1948ع جي شروعات ۾ غلام محمد وزير خزانه جي قيادت ۾ وفد دهلي ويو، ٻيا ميمبر هئا، مغربي پنجاب جا وزير سردار شوڪت علي خان ۽ ممتاز دولتانه...غلام محمد لارڊ مائونٽ بيٽن کي منٿون ڪيون ۽....پوءِ غلام محمد جي اڳيان هڪڙو بيان رکيو ويو، جنهن تي مجبورن کيس ۽ ٻن وزيرن کي 4 مئي 1948ع تي صحيح ڪرڻي پئي، ٻئي طرف نهروءَ وارن صحيح ڪئي...“ (حوالو چوڌري محمد علي جو ساڳيو ڪتاب ص 38-32) سنڌي انجنيئر دٻاءَ ۾ نه آيا: ان کانپوءِ سٽيل سازش موجب عالمي بئنڪ جي اڳواڻي هيٺ هند-پاڪ ڳالهيون ڪرايون ويون، ان ۾ ڪن سنڌي انجنيئرن (صالح محمد قريشي ۽ ٻيا) کي به شريڪ ڪرڻو پئجي ويو. مٿن پنجاب جي انجنيئرن طرفان هر طرح جو دٻاءُ وڌو ويو، پر هو نه مڙيا ۽ سنڌ جي ڪنهن به حق تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيا، ان ڪري ٻين مقصدن سان گڏ پاڻيءَ جي حوالي سان به پنهنجي پر ۾ سنڌ جو قانوني وجود ختم ڪرڻ لاءِ 1954ع ۾ سرڪاري دهشتگرديءَ ذريعي ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ان جي آڙ ۾ درياهن جي پاڻيءَ بابت بين الاقوامي ڳالهين ۾ سنڌ کي لادعويٰ بنائي نويڪلائيءَ ۾ سندس پرپٺ، پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙن جو بندوبست ڪيو ويو.