• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم ٿي بڻجين وڃين تون ( رخسانه پريت

نظم جڏهن تون نظم ٿي بڻجين
جڏهن تون نظم ٿي بڻجين
ڇو نڪري روح پنهنجي مان
رڳو تون جسم ٿي بڻجين
هنن جا خيال ڇو سارا
رهن طواف تنهنجي ۾
هو غافل بيخبر سارا
اندر جي ڪائناتن کان
اگهاڙپ تنهنجي چورائي
سنهي تشبيه جي چادر ۾
ويڙهي ٿا رڪن سامهون
بڪيون نظرون سندن ترڪڻ
لڳن ٿيون جسم تنهنجي تي
خيالن ئي خيالن ۾
وڃن ٿا ڪيڏندا انگن سان تنهنجي
۽ اندر تنهنجي جون
ساريون ڪائناتون ٿي وڃن ٿيون
ڄڻ دفن اونهي قبر ۾
من اندر تنهنجي جا ماتم
سڀ رداليون
اڻ ڇهيون رهجي وڃن ٿيون
ڪيتريون تخليق اندر
بيحسيون رهجي وڃن ٿيون
درد تنهنجي کي بڻائي گس
تنهنجي ويجهڙو ٿيندا وڃن ٿا
ڇيد چوليء کي ڪندي
مرضي سندن تي آ ڇڏيل
خيالن ئي خيالن ۾
بدن جي بيهڪن کي
جينئن چاهن پيا لتاڙن
حرمتن جا ڪوٽ ڪيرائي سمورا
شهوتي ڇهائن سان ساري جسم
ڪي گهائي وڃن هو
فن جي اعلاپڻي جي خول ۾
وهشت سندو هو ناچ نچندي
روح ئي روڙي وڃن
مرضي سندن تي آ ڇڏيل
۽ وري ان درد واريء واٽ
ساڳيء تان هليا
واپس وڃن هو
نظم بڻجي ٿي جڏهن
ڇو سوچ جا اختيار سارا ئي وڃن
ڪسجي ٿا توکان
بت ئي بس بت ٿي بڻجي وڃين تون
خيال ڪنهن مڪروه سان ڏنگجين وڃين تون
نظم ٿي بڻجين وڃين تون
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top