• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر ۾ وڌيڪ چار ٻارڙا فوت:2016_01_27

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
مٺي ۽ ڇاڇري اسپتالن ۾ نينگري سميت 4 ٻارڙا فوت، انگ وڌي 117 ٿي ويو


سنڌڙي رپورٽر(شھباز خان شر)مٺي ۽ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ هڪ نينگري سميت 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 26 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ 117 ٿي ويو ، ٿرپارڪر ۾ ڏڪار، صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ بيمارين سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي ۽ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ هڪ نينگري سميت 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 26 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ 117 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ ڍيڳاريو واسي ٽن ورهين جو ٻارڙو عبدالرزاق پٽ عبدالجبار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڇاڇري جي تعلقي اسپتال ۾ 10 ورهين جي سليمت رند حياتي وڃائي ويٺي. ٿرپارڪر ۾ 26 ڏينهن دوران ڏڪار، طبي سهولتن جي اڻهوند ۽ بيمارين وگهي حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 117 ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران ٿرپارڪر کي ڏڪار سٽيل ضلعو قرار نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي اعلانيل امدادي ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.
 
Back
Top