Shahbaz khan shar
سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ جو اعزاز سنڌ سرڪار ڏانهن وڃي ٿو،وفاقي حڪومت جون دعوائون ڏيکاءُ آهن: قائم علي شاهه
رپورٽ: شھباز خان شر
خانپور جوڻيجو:سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪو هن وقت امن امان قائم ٿيو آهي، ان ۾ خاص طور تي سنڌ حڪومت جون ڪوششون آهن ۽ وفاق جي اها دعويٰ ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي ،جيڪا ڏيکاءُ جي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ سمورا استعمال ٿيندڙ وسيلا سنڌ حڪومت جا آهن ، ان ۾ رينجرز جو به ڪردار آهي ،وفاقي وزير گهرو جيڪو سنڌ ۾ امن امان لاڳو ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي .اهو رڳو هڪ ڀيرو سنڌ ۾ آيو هو ۽ چيو ته ان مسئلي کي پاڻ ئي سنڀاليو، انڪري اهي مسئلا اسان پاڻ ئي سنڀاليا آهن ۽ الحمدا لله اسان ان ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ، اهڙو اظهار هن ڪي اين شاهه جي ڳوٺ خانپور جوڻيجو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو ، وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ اسانجي پهرين اهميت ماڻهن کي وڏي انگ ۾ روزگار ڏيڻ آهي ، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي انهن علائقن جتي اڃا تائين ترقي وارو ڪم شروع نه ٿيو هو، اتي وڏي انگ ۾ ترقياتي ڪم ڪيا پيا وڃن . هن چيو ته ضلعي دادو جون پ پ لاءِ وڏيون قربانيون آهن، ان لاءِ ضلعي دادو کي ڪنهن به ريت نظر انداز نه ڪيو ويندو ۽ وڏي انگ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ،وڏي وزير چيو ته ڪراچي جا رهواسي مڃين ٿا ته هاڻي اتي امن امان قائم ٿي ويو آهي ۽ اتان جا رهواسي هاڻي ڪراچي شهر ۾ آزاداڻي نموني گهمي ڦري سگهن ٿا ۽ اهي خريداري به ڪن ٿا، هن چيو ته 30 سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيو آهي، جنهن جو اعزاز سنڌ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو ،جڏهن ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿئي، باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي کي افسوس جوڳو ڪوٺيندي چيو ته الحمدا لله هاڻي سنڌ ۾ جيڪب آباد کان ڪراچي تائين امن امان قائم ڪيو ويو آهي ۽ سماج دشمن عنصرن کي اهڙو سبق سيکاريو ويو آهي، جو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، هن چيو ته اهو رڳو ماڻهن جي طاقت سان ممڪن بڻيو آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده مڪاني چونڊن ۾ ماڻهن پ پ پ جي پاليسي تي راضپو ظاهر ڪندي ان کي وڏي اڪثريت سان چونڊيو آهي ،هن چيو ته پارٽي کي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي شهيد بينظير ڀٽو جي پاليسين جي تسلسل کي جاري رکڻ جي ڪري ملي آهي ، قائم علي شاهه چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت جا وڏا علمبردار آهن، جن جو اهو پهه ڪيو آهي ته اهي هميشه عوام جي خدمت ڪندا رهندا ۽ هو عوام جي سهڪار ۽ جذبي سان دهشتگردي جو خاتمو ڪندا ، هن چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ، 1994ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو دعويٰ ڪئي هئي ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي پر مخالفن شهيد محترمه جو منصوبو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ هاڻي اها حالت آهي جو ملڪ ۾ بجلي 16 رپين کان 18 رپين تائين في يونٽ مهانگي ٿي چڪي آهي، هن ٻڌايو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارو ڪم هلندڙ آهي ۽ جيئن ئي اهو منصوبو مڪمل ٿيندو ته بجلي جا اگهه 8 کان 9 رپين تائين في يونٽ ٿي ويندا ۽ پورو ملڪ روشن ٿيندو ، سندس چوڻ هو ته پ پ جي سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي عمل ڪندي بيروزگار نوجوانن کي بنا فرق روزگار ڏئي رهي آهي ۽ مخالف جڏهن به اقتدار ۾ ايندا آهن ته اهي ماڻهن کي روزگار کان محروم ڪرڻ واري پاليسي تي هلندا آهن، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ نوڪرين مان برطرف ڪيل ماڻهن کي نه رڳو سندن نوڪرين تي بحال ڪيو پر غريب ۽ بي پهچ عورتن لاءِ انڪم سپورٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو جنهن هيٺ پوري ملڪ جي غريب عورتن کي ماهوار وظيفو ڏنو ويو،هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جا ڪارڪن آهيون ۽ مستحق ماڻهن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين ،هن انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو پاران پيش ڪيل ترقياتي ڪمن کي منظور ڪندي اعلان ڪيو ته هاڻي ضلعي دادو ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو ، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر عمران ظفر لغاري ، صوبائي صلاحڪارفياض علي ٻٽ ۽ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو به خطاب ڪيو ،وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڳوٺ خانپور پهچڻ تي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو سان سندس امڙ ۽ ڀيڻ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪئي